عالمي بينڪ پاڪستان لاءِ 30 ڪروڙ ڊالرن جي قرض منظور ڪري ڇڏيو
عالمي بينڪ پاڪستان لاءِ 30 ڪروڙ ڊالرن جي قرض جي منظوري ڏيئي ڇڏي آهي. اها رقم پاڪستان ۾ زراعت جي ترقي لاءِ خرچ ڪئي ويندي. رقم سان ملڪ ۾ روزگار جا ساڍا ٽي لک نوان موقعا پيدا ٿيندا جڏهن ته 17 لک ماڻهو غربت مان نڪرندا. واضح رهي ته پوين چئن سالن کان آءِ ايم ايف جو مشن دبئي ۾ مذاڪرات ڪندو رهيو آهي، جنهن ۾ وزير خزانه سيڪريٽري خزانه ايڊيشنل سيڪريٽري خزانه چيئرمين ايف بي آر ان جا ميمبر اسٽيٽ بينڪ آف پاڪستان جو گورنر ۽ آءِ ايم ايف جي مشن سان ملاقاتون ڪندو رهيو آهي. جنهن ملاقات ۾ اهي آءِ ايم ايف کي ملڪي خزاني جي باري ۾ ٽماهي صورتحال تي تفصيل ڏيندا رهيا آهن. جڏهن ته هن دفعي پاڪستاني وزيراعظم جي درخواست تي مشن پاڪستان آيو هو.

