هارٽ اٽيڪ کان اڳ ۾ خبردار ڪندڙ ايپ اچي وئي
ٽيڪنالاجي جي ماهرن صحت جي ميدان ۾ هڪ نئون انقلاب آڻي ڇڏيو. ايپل پنهنجي صارفين جي لاءِ هڪ نئين ايپ متعارف ڪري ڇڏي آهي. جيڪا دل جي مريضن لاءِ تمام گهڻي ڪارآمد ٿيندي. ڇاڪاڻ ته اها هارٽ اٽيڪ اچڻ کان اڳ ۾ خبردار ڪندي. ايپليڪيشن ايپل واچ ۾ موجود هارٽ سينسر ذريعي ڊيٽا کي گڏ ڪرڻ بعد صارف کي آگاهه ڪندي. هن ايپ جو نالو ايپل هارٽ اسٽڊي آهي. ايپل ڪمپني جي چيف آپريٽنگ آفيسر جيف وليم ٻڌايو ته هي بهترين ايپ تيار ڪرڻ لاءِ اسٽين فورڊ يونيورسٽي جي ماهرن جي مدد حاصل ڪئي وئي آهي ته جيئن دل جي ڌڙڪڻ جي بي ترتيب ٿيڻ جي فوري ۽ درست نشاندهي ڪري سگهجي. هن وڌيڪ چيو ته ميڊيڪل ڪميونٽي سان ڪم ڪري نه صرف اسان ماڻهن کي صحت جي باري ۾ آگاهه رکي سگهنداسين پر دل جي مرضن بابت وڌيڪ سائنسي دريافتن کي به ممڪن ڪري سگهنداسين.

