جرمن فلسفي فريڊرڪ نطشي جو هڪ قول آهي ته “پاڻ کي ٻيهر تخليق ڪيو ۽ هيءَ توهان جي سڀ کان عظيم تخليق هوندي.” ھر ماڻهوءَ جي زندگيءَ ۾ ڪنهن نه ڪنهن وقت اهڙو لمحو ضرور اچي ٿو، جنهن وقت اسان پنهنجي موجوده حالت مان خوش يا مطمئن نظر ناهيون ايندا. اهو وقت هوندو آهي جڏهن اسان محسوس ڪندا آهيون ته اسان پنهنجي مڪمل صلاحيتن جو استعمال نه ڪري رهيا آهيون يا اسان جي زندگي ۾ ڪنهن تبديلي جي ضرورت آهي. اهڙي وقت ۾ “پاڻ کي ٻيهر تخليق ڪرڻ” هڪ اهم عمل ٿي ويندو آهي. هي عمل صرف نئين زندگي شروع ڪرڻ جي ڳالھه ناهي، بلڪه هي هڪ اندروني تبديلي جي طرف اشارو ڪري ٿو. ھڪ انگريز فلاسفر جم رون جو چوڻ آهي ته “جيستائين توهان پاڻ کي تبديل ڪرڻ جو فيصلو نٿا ڪريو، تيستائين توهان جي زندگيءَ ۾ تبديلي ناممڪن آهي” ان مان ظاهر ٿيو ته اصل تبديلي ٻاهران نه، پر اندر کان ايندي آهي. جيستائين اسان پنهنجي خيالن، روين ۽ سوچن جو انداز تبديل نٿا ڪريون تيستائين اسان جي دنيا بدلجڻ جا ڪي به امڪان نه آهن. اها حقيقت آهي ته پاڻ کي ٻيهر تخليق ڪرڻ جو مطلب آهي پنهنجي سوچ ۽ روين کي بهتر بڻائڻ. انسان مخلوق ۾ اشرف ان ڪري آهي جو کيس ٻين جاندارن کان وڌيڪ عقل آهي. هو برائي ۽ ڀلائيءَ کي سمجهي پرکي ۽ ان تي عمل پيرا ٿئي ٿو. اهو اسان جي ذاتي ترقي جو رستو آهي، جنهن ۾ اسان پنهنجن خوفن، ڪمزورين ۽ ناڪامين کان سکون ٿا ۽ زندگيءَ ۾ تبديلي آڻڻ جي ڪوشش ڪندا آهيون. هي اهو بهترين لمحو هوندو آهي جڏهن اسان پنهنجون غلطيون تسليم ڪندا آهيون ۽ انهن مان سکڻ جي ڪوشش ڪندا آهيون. امام علي عليه السلام جو فرمان مبارڪ آهي ته “غلطيون انسان کي بهتر بڻائينديون آهن، شرط اهو آهي ته انهن مان سبق سکي” حضرت عمر فاروق رضه جو پڻ قول آهي ته “جنهن پنهنجي غلطين کي سڃاڻي ورتو، اهو اڌ سڌري ويو.” انهن قولن جي روشنيءَ ۾ مان اسان کي پنهنجون غلطيون تسليم ڪرڻ، انهن مان سکڻ ۽ پاڻ کي تبديل ڪرڻ يعني “ٻيهر تخليق ڪرڻ” جو سبق ملي ٿو. اسان کي ٻيهر تخليق ڪرڻ جو عمل صرف مادي ڪاميابي جو ناهي، بلڪه ان ۾ روحانيت، اخلاقيات ۽ ذهني سڪون به شامل آهي. اهو هڪ مسلسل سفر آهي، جيڪو اسان کي خودي جي گهراين ۾ وٺي ويندو آهي. ان سفر ۾ سڀ لاءِ اهم ڳالھه اها آهي ته اسان پنهنجي زندگي جي مقصد کي سمجهون ۽ ان مطابق پنهنجا فيصلا ڪريون.
اسان کي ياد رکڻ گهرجي ته خود کي ٻيهر تخليق ڪرڻ جو مطلب آهي پنهنجي اندر جي طاقت کي سمجهڻ ۽ ان کي صحيح طريقي سان استعمال ڪرڻ. پنهنجي اندر جي طاقت کي سمجهڻ بابت مشهور فلسفي رالف والڊو ايمرسن جي بقول ته “جيڪو اسان جي پٺيان آهي ۽ جيڪو اسان جي اڳيان آهي، اُهو سڀ ڪجھه ان جي ڀيٽ ۾ ننڍو آهي، جيڪو اسان جي اندر ۾ آهي.”
يعني انسان جي اصل طاقت ان جي اندر ۾ آهي ۽ جڏهن هو ان کي سمجهي وٺي ٿو ته ڪابه مشڪل سندس ٻيهر تخليق واري رستي جي رڪاوٽ نٿي بڻجي سگهي. اسان جيڪي به آهيون، اهو اسان جي سوچ ۽ عمل جو نتيجو آهي. ان ڪري جيڪڏهن اسان کي پنهنجي زندگيءَ ۾ ڪجهه ڪرڻو آهي ته سڀ کان پهريان اسان کي پنهنجي اندر جي طاقت کي سمجهڻ ۽ ان کي استعمال ڪرڻو پوندو. پاڻ کي ٻيهر تخليق ڪرڻ صرف هڪ لمحي جو ڪم ناهي، بلڪه هڪ مسلسل عمل آهي، جنهن ۾ اسان پاڻ کي بهتر انسان بڻائڻ جي ڪوشش ڪندا آهيون. هي عمل اسان کي پنهنجي زندگيءَ ۾ سڪون، ڪاميابي ۽ خوشي حاصل ڪرڻ جو موقعو ڏئي ٿو. پاڻ کي ٻيهر تخليق ڪرڻ لاءِ، سڀ کان پهريان پنهنجيون غلطيون تسليم ڪرڻيون پونديون، انهن غلطين مان سبق سکي تبديلي آڻڻ جي طرف قدم کڻڻ گهرجي. اسان کي پاڻ ۾ خود اعتمادي وڌائڻ لاءِ پنهنجي خوبين کي ڄاڻڻ ضروري آهي ۽ خوف ۽ شڪ کان آزاد ٿي، پنهنجي اندر جي صلاحيتن تي ڀروسو رکي، مستقل مزاجي سان اڳتي وڌي پنهنجي زندگي ۾ تبديليون آڻڻ لاءِ قدم کڻون. پاڻ کي ٻيهر تخليق ڪرڻ لاءِ پنهنجي ذات سان محبت ڪرڻ پڻ اهم آهي، الله جي رضا ۽ ان جي خوشنودي حاصل ڪرڻ لاءِ هميشه طلبگار رهجي. خدا واضح رستو ڏيکاريو آهي ته “جنهن پنهنجو پاڻ کي سڃاتو تنهن رب کي سڃاتو” ياد رهي ته پاڻ کي ٻيهر تخليق ڪرڻ هڪ لڳاتار سفر آهي، جنهن ۾ پنهنجي خود احتسابي ڪرڻ، نئين مهارتن جو سکڻ، سٺن ڪتابن جو مطالعو ڪرڻ، پنهنجون غلطين ۽ ڪمزورين جو روزمره جائزو وٺڻ. روزانو ڪجهه منٽ پاڻ سان ڳالهائڻ، منفي سوچن کان ڇوٽڪاري لاءِ پراڻيون تلخيون، ناڪاميون ۽ ٻين جون ڳالهيون دل مان ڪڍي ڇڏڻ، مثبت سوچ اختيار ڪرڻ، مقصد مقرر ڪرڻ، ننڍن ۽ وڏن هدفن جي حاصلات لاءِ منصوبابندي جوڙي عمل ڪرڻ، عبادت ۽ روحاني ذڪر کي معمول بڻائڻ، جسماني ۽ ذهني صحت کي ترجيح ڏيڻ. سٺي خوراڪ کائڻ، ننڊ ۽ ورزش ڪرڻ، سٺن ماڻهن جي صحبت ۾ رهڻ، صبر، حوصلو ۽ پاڻ تي يقين رکڻ تمام ضروري آهي.