بلاگنئون

الڪيمسٽ ناول: نوجوان جي خود شناسيءَ جي ڪھاڻي

ايمن جمالي

پائولو ڪوئلهو جو لکيل ناول الڪيمسٽ پهريون ڀيرو 1988ع ۾ پرتگالي ٻوليءَ ۾ شايع ٿيو. ان کانپوءِ هي ناول دنيا جي ڪيترين ئي ٻولين ۾ ترجمو ٿيو ۽ عالمي شهرت حاصل ڪئي. سنڌيءَ ۾ ان جو ترجمو فھيم اختر ميمڻ “ڪيماگر” جي نالي سان ڪيو آهي. هي ناول هڪ روحاني، علامتي ۽ پاڻ سڃاڻڻ واري سفر جي ڪهاڻي آهي، جيڪا سادگيءَ سان گهريون معنائون ڏيندڙ پيغام ڏئي ٿي. ناول جو مرڪزي ڪردار هڪ نوجوان ڌنار سينتياگو آهي، جيڪو خواب ڏسڻ کانپوءِ پنهنجي ذاتي تقدير جي تلاش ۾ نڪري ٿو. هي سفر رڳو خزاني جي ڳولا جو نه، پر هڪ اهڙو سفر آهي جيڪو کيس پنهنجي سڃاڻپ، دل جي آواز ۽ زندگيءَ جي اصل مقصد تائين وٺي وڃي ٿو.

هي سفر حقيقت، خيال، عشق، فطرت ۽ روحاني شعور سان ڀرپور آهي. سينتياگو مصر جي ريگستانن تائين خزاني جي تلاش ۾ وڃي ٿو، جتي هن کي ڪيترن ئي مرحلن مان گذرڻو پوي ٿو. ان سفر دوران هو نون تجربن مان سکي ٿو، نون ماڻهن سان ملي ٿو ۽ آخرڪار اها سچائي ڳولهي ٿو ته اصل خزانو سندس اندر ئي لڪل هو.

ناول جو اهم پيغام اهو آهي ته: “جيڪڏهن توھان ڪنھن شيءِ جي خواهش ڪيو ٿا ته سموري ڪائنات ان شيءِ کي ماڻڻ ۾ اوھان جي مدد ڪري ٿي.” هي ناول سيکاري ٿو ته خواب، خواهشون ۽ مقصد بي معنيٰ ناهن، پر انهن تائين پهچڻ لاءِ صبر، قرباني، حوصلي ۽ دل جي ٻڌڻ جي ضرورت آهي. الڪيمسٽ جو ٻيو اهم پيغام اهو آهي ته دنيا ۽ ڪائنات به اسان سان ڳالهائيندي آهي، اشارا ڏيندي آهي، پر اسان انهن اشارن کي سمجهڻ ۽ پنهنجين اندرين ڳالهين کي ٻڌڻ وساري ويهندا آهيون. “پنهنجي دل جي ٻڌ، ڇو ته اها سڀ ڪجھ ڄاڻي ٿي.” هي ناول جو سڀ کان مرڪزي ۽ جذباتي پيغام آهي.

سينتياگو جو سفر ظاهري طرح خزاني تائين آهي، پر حقيقت ۾ اهو خود سڃاڻڻ ۽ ڪامل علم تائين سفر آهي. هو سکي ٿو ته ماڻهو جن کي سندن دل جي ڳالهه سمجهه ۾ اچي وڃي، اهي خدا جي ساٿ سان اڳتي وڌن ٿا. ناول جي ٻولي سادي آهي، پر ان ۾ تهه در تهه معنائون لڪل آهن، جيڪي پڙهندڙ کي هر عمر ۾ متاثر ڪن ٿيون. الڪيمسٽ نه صرف ادبي شاهڪار آهي، پر هڪ روحاني راهه ڏيکاريندڙ ڪتاب پڻ آهي، جيڪو انهن لاءِ خاص طور تي موزون آهي، جيڪي زندگيءَ ۾ مقصد، معنيٰ ۽ پنهنجو پاڻ کي سمجهڻ چاهين ٿا.

***