بلاگنئون

اخبارون، ڪاغذي صورت ۾ ميوزم ۽ لائبررين ۾ ملنديون!

گذرندڙ وقت سان گڏ، ڪيتريون ئي ڳالهيون ماضيءَ جو قصو ٿينديون پيون وڃن. جدت ضروري به آهي ته اڻٽر به آهي. بس ڏسڻو اِهو آهي ته جدت ڪهڙي طرح جي آهي؟ مثبت آهي يا منفي. هاڻي، هر ڳالهه ۾ مصنوعي ذهانت جو ذڪر ٿئي ٿو. هر ڳالهه ۾ روبوٽڪ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي سامهون اچي ٿي، ماڻهو جي جڳهه مشين وٺي رهي آهي. گذريل ڪجهه ڏهاڪن ۾ ئي رڳو هڪ مثال زراعت جو کڻجي ته ڏسو، ان ۾ ماڻهو جي جڳهه تي مشين ڪيئن آئي آهي! هاڻي ٻني کيڙڻ کان ويندي، لاباري، اناج جي صفائي ۽ ڀاڻ وغيره ڇٽڻ لاءِ به مشين استعمال ٿئي ٿي. تيئن ئي ايندڙ ڪجهه سالن ۾ صحت، تعليم، ميڊيا سميت ٻين ڪيترن ئي شعبن ۾ ماڻهو جي اهميت ختم ٿي ويندي.

ڪافي شيون تيزي سان ختم ٿي رهيون آهن، انهن ۾ اڄ اسان ذڪر ڪنداسين اخبارن جو، جيڪي ڪاغذ تي شايع ٿين ٿيون. اخبارون آخري پساهن ۾ آهن. انگريزي اخبار ڊان جهڙي شاندار اخبار جا به صفحا سوڙها ٿي گهٽجي ويا آهن. اخباري هاڪر هاڻي رڳو اڳواٽ بڪ ٿيل اخبارون ئي آڻين ٿا، واڌو اخبارون نٿا کڻن. جيڪڏهن کنيائون ۽ نه وڪامي ته پئسا پاڻ ڀري ڏيندا. اخباري هاڪرن جون به هر ماڻهو وانگر ڪيئي درد ڪٿائون هونديون آهن. هاڻي اهڙا پڙهندڙ به عام جام آهن، جيڪي هاڪرن کي چوندا، اسان اخبار پڙهي وٺون ٿا، شام جو واپس کڻي وڃجانءِ، ايئن کين هڪ پئسو به ناهي ملندو. گُهرڻ تي کين ڇڙٻون ۽ داٻا ملندا آهن. مون سان ڪيترن ئي اخباري هاڪرن اهڙي ويڌن جو ذڪر ڪيو آهي ۽ هُو اهڙن سفيد پوش، سُکين سهنجن ۽ پڙهيل لکيل ماڻهن جو ذڪر ڪندا آهن، جيڪي هڪ اخبار به خريد ناهن ڪندا ۽ مفت ۾ پڙهڻ جا عادي هوندا آهن.

ڪجهه مهينا اڳ بدين شهر جي اهم چوڪ تي، اخبار وٺڻ لاءِ نڪتس، ڪوبه اخبار وارو نظر نه آيو. لڳ ڀڳ اڌ ڪلاڪ کانپوءِ هڪ اخبار وارو ظاهر ٿيو، اُن وٽ به هڪ ٻن اخبارن جون ٻه ٽي ڪاپيون هيون. اُهو پراڻو هاڪر هو. اخبارن جي عروج واري وقت کي ساريندي چيائين “سائين ٻن ڪلاڪن ۾ سوين اخبارون رڳو هڪ شهر ۾ وڪرو ٿينديون هيون ۽ ضلعي هيڊ ڪوارٽر ۾ هزارين اخبارون اينديون هيون، هاڻي پوري ضلعي لاءِ ڪي ٻه ٽي سئو مس اينديون هونديون. سي به نٿيون هلن.” ۽ اهو به چيائين ته اخبار مالڪن اسان کي چيو آهي ته اهو سلسلو به ايندڙ ٻن ٽن سالن ۾ بند ٿي ويندو.

آئون، مختلف اخبارن جو پڙهندڙ ۽ خريدار رهيو آهيان. اُن حساب سان مون مشاهدو ڪيو آهي ته؛ سوشل ميڊيا جي اچڻ سبب هاڻي اڪثر وڏيون وڏيون اخبارون به فيس بڪي ٿي ويون آهن. نمائندن جي رپورٽ به فيس بڪي انداز واري ته لکندڙن جو انداز به فيس بڪي! نه ڪا خاص تصديق، نه ڪا پوئيواري ۽ نه ئي ڪو حوالو… بس جيئن آيو ايئن ڪم کي هلايو. بنا ڪنهن تصديق جي وائڙيون ۽ غلط خبرون عام ڪيون وينديون آهن پوءِ ڀلي اُهي ماڻهن تي بي انتها ناڪاري اثر ڇڏين.

ڊان ته وري به بهترين اخبار آهي، باقي هر سنڌي اخبار جو هڪ صفحو ته مڪمل طور تي مار ڌاڙ، لاش، ڪارو ڪاري، خونريزي جهڙين خبرن ۽ خوفناڪ تصويرن سان ڀريل هوندو آهي. پڙهندڙن جي نفسيات ۽ مزاج وغيره جو خيال رکڻ ۽ صحافتي اخلاقيات به ماضيءَ جو قصو ٿي ويا. ٻيون ته هاڻي اهڙيون اخبارون به نڪتيون آهن، جيڪي رڳو سوشل ميڊيا تي بنا ڪنهن اجازت جي ليک کڻيو ڇپيو ڇڏين. وري نالو هڪ ماڻهو جو، تصوير ٻئي جي ۽ ليک وري ٽئين جو…! اهڙن رَوَين به اخبارن کي نقصان ڏنو آهي. افسوس جو کين سماج ۾ ڪابه مثبت ۽ ڪم جي ڳالهه نظر نٿي اچي، جيڪا رپورٽ ڪن. اسان جي اخبارن وٽ تعليم، تربيت، نفسيات، تاريخ، سائنس، ٽيڪنالاجي، ماحوليات ۽ زراعت جهڙن موضوعن تي ڪابه رپورٽ ناهي هوندي، ڪو به صفحو ناهي هوندو. اڳي ٻارڙن جا به صفحا هوندا هئا. هاڻي اُهي به ختم ٿي ويا آهن. اڳي ٻار انهن صفحن ۾ لکي، اڳيان هلي ليکڪ بڻبا هئا ۽ پنهنجون تخليقي صلاحيتون سامهون آڻيندا هئا. ايئن ئي عورتن جا به صفحا هوندا هئا. اُهي به هاڻي نه اچي رهيا آهن.

جيتوڻيڪ انٽرنيٽ تي اخبارون اچي وڃن ٿيون، پر ان باوجود به ذاتي طور انهن کي خريد ڪرڻ جي حق ۾ آهيان. ايئن ئي جيڪي ڪتاب جي به پي ڊي ايف ۾ گُهر ڪندا آهن سي به ڪتاب خريد ڪري پڙهن ته بهتر. منهنجي خيال ۾ ڪوبه اخبار ۽ ڪتاب پڙهي سگهندڙ ايترو غريب ناهي جو هُو ڪا اخبار يا وري ٻئي چوٿين مهيني ڪو ٻه ٽي سئو رپين وارو ڪتاب خريد ڪري نه سگهي! اِها بس اسان جي ماڻهن جي عادت ٿي وئي آهي ته هر شئي مفت ۾ ملي. اِهو احساس ناهي ته پي ڊي ايف ۾ به ٺاهڻ ۾ محنت ته لڳي هوندي نه؟ اسان ان محنت جو قدر ڇو نٿا ڪريون؟ اسان وٽان قدرداني ڇو موڪلائي وئي آهي؟ افسوس، جو اسان ليکڪن، اديبن شاعرن، فنڪارن ۽ آرٽسٽن کي واندو سمجهندا آهيون. هن بي قدري سماج ۾ هر بُرائي کي هٿي ملي ٿي، پر چڱائي طرف ڌيان نٿو وڃي.

باقي، هاڻي اها ڳالهه ته واضح ٿي وئي ته جيئن اسان وٽ ريڊيو گُم ٿي ويو آهي تيئن ئي اخبارون ۽ رسالا به هاڻي ڪاغذي صورت ۾ ميوزم ۽ لائبررين ۾ ئي ملندا. سو، جيڪي اسان جهڙا مٿي ڦريا ماڻهو، جديد دور ۾ به اخبارون، رسالا ۽ ڪتاب خريد ڪن ٿا، سي انهن کي سنڀالي رکن. ويجهي مستقبل ۾ اِهي شيون نظر نه اينديون.

***