ڇنڇر 17 جنوري 2026 جو سج ھڪ عام ڏينھن وانگر اڀريو ۽ شام جو معمول وانگر لٿو. شام جو ڏھين وڳي ڌاري ڪراچيءَ جي مصروف ڪاروباري مرڪز گل پلازا ۾ دڪاندار پنھنجا دڪان بند ڪري گھرن ڏانھن وڃڻ جي تياري ڪري رھيا ھئا ۽ ڪجھه خريدار پنھنجي خريداريءَ جي آخري مرحلي ۾ ھئا. اوچتو ھڪ پاسي کان “باهه، باهه” جون رڙيون اچڻ لڳيون. پنج ماڙ مارڪيٽ مان ماڻھن جي ڀڄ ڊڪ شروع ٿي وئي، پر باهه ايتري ته شديد ھئي جو ٻاھر نڪرڻ وارا رستا دونھين ۽ باهه جي شعلن ۾ وڪوڙجي ويا. ڪافي خوش قسمت ماڻھو جان بچائي ٻاھر نڪري آيا. جڏھن ته بيسمينٽ ۽ مٿين منزلن تي ڪجھه ماڻھن کي ٻاھر نڪرڻ جو موقعو نه ملي سگھيو. ٽيھن ڪلاڪن جي مسلسل جدوجھد سان باهه اجھائي وئي. 45 ماڻهو اجل جو شڪار ٿي ويا ۽ 85 ماڻهو اڃان تائين لاپتا آهن. جڏهن ته ڪيترائي ماڻهو شديد زخمي آهن. گذريل ڪجھه عرصي ۾ ڪراچيءَ ۾ مارڪيٽن اندر باهه لڳڻ جا ڪافي واقعا ٿي چڪا آھن، جن ۾ نه صرف مالي نقصان ٿيو آھي، پر انساني حياتيون پڻ ضايع ٿي چڪيون آھن. هن وقت اسان سڀني کي گڏجي سوچڻ گهرجي ته جڏهن اسان هڪ جديد دور ۾ زنده آهيون جتي اسان کي ٽيڪنالاجي ڪيتريون ئي سهولتون فراهم ڪيون آهن، اسان انهن سهولتن مان فائدو ڇو نه وٺي رهيا آهيون ۽ اڃان تائين مختلف وقتن تي باهيون اسان جي مارڪيٽن، فيڪٽرين يا علائقن کي ڇو ساڙي تباهه ۽ برباد ڪن ٿيون.
باهه دراصل ھڪ ڪيميائي عمل آھي جيڪا ڪنهن ٻارڻ (ڪاغذ، ڪپڙو، ڪاٺي، گيس، پيٽرول، ڪيميڪل وغيره) جي آڪسيجن، ھوا يا گرمائش جي ميلاپ سان وجود ۾ اچي ٿي. جيڪڏھن ھنن ٽنھي جزن مان ڪو ھڪ موجود نه ھوندو، باهه نه ٻرندي. باهه کي وسائڻ لاءِ به ھنن ٽنھي جزن مان ڪنھن ھڪ کي ھن عمل کان ڌار ڪيو ويندو آھي. باهه لڳڻ جي عام سببن ۾ بجليءَ جو شارٽ سرڪٽ، سگريٽ نوشي، گيس جا غير معياري سلينڊر ۽ فٽنگون، بجليءَ جي ھيٽرن جو استعمال ۽ باهه لڳائيندڙ مادو وڏن سببن ۾ شامل آهن. جيڪڏھن ڪاروباري مرڪزن ۽ گھڻ ماڙ عمارتن جي ڳالھه ڪجي ته اسان وٽ انھن جي ڊزائين ۾ باهه کان بچاءُ ۽ ايمرجنسي ۾ ٻاھر نڪرڻ وارن رستن جو بلڪل خيال نٿو رکيو وڃي. جيڪڏھن ھنن شين جو خيال رکيو ٿو وڃي ته ان عمارت ۾ رھندڙ رھائشي يا ڪاروبار ڪندڙ واپاري انھن رستن کي بلاڪ ڪري ڇڏين ٿا. گل پلازه واري واقعي کانپوءِ به جنھن مارڪيٽ ۾ وڃبو، دڪاندارن جو گھڻو سامان گراھڪن جي اچڻ وڃڻ واري رستي تي پيل نظر ايندو جيڪو ھڪ طرف ايندڙن ويندڙن لاءِ تڪليف جو باعث بڻجندو نظر ايندو ته ٻئي طرف ايمرجنسيءَ جي وقت ٻاھر نڪرندڙن جي رستي ۾ رڪاوٽ بڻجندو. جيڪڏھن ڪنھن بلڊنگ ۾ باهه وسائڻ وارا پائيپ، فائر ايڪسٽنگئشر موجود به آھن ته اھي يا ته ماڻھن کي استعمال ڪرڻ نٿا اچن يا سارسنڀال نه ھئڻ ڪري اھي ناڪارہ ٿيل ھوندا ۽ ايمرجنسيءَ ۾ ڪم ڪونه ڪندا. حقيقت ۾ ٿيڻ ته ائين گهرجي ته جيئن ٻاهرين ترقي يافته ملڪن ۾ گهڻ منزلن عمارتن ۾ باهه وسائڻ جي آلات جي هر مهيني چيڪنگ ٿيندي آهي ۽ انهن کي سيڪيورٽي جا سرٽيفڪيٽ جاري ڪيا ويندا آهن، هتي به ان قسم جي عمل کي يقيني بڻايو وڃي. ان کان علاوه عمارتن ۾ رهندڙ ماڻهن کي باهه کان يا ڪنهن به اوچتي آفت کان بچائڻ لاءِ هر مهيني هڪڙي “ڊرل” ضرور ڪرائي وڃي. ڊرل هڪ اهڙي مشق آهي جنهن جي ذريعي ڪنهن به عمارت ۾ رهندڙ ماڻهو انتظاميه جي مدد سان هڪ سائرن جي وسيلي خطري جي گهنٽي کي ٻڌي پنجن منٽن جي اندر سڄي بلڊنگ خالي ڪري ڇڏيندا آهن ۽ ان سڄي ڊرل دوران انتظاميه ان ڳالهه کي يقيني بڻائيندي آهي ته ڪوبه فرد بلڊنگ جي اندر رهيل نه هجي. ان قسم جون مشقون هاڻي اسان کي پنهنجي ملڪ جي اندر شروع ڪرڻ جي ضرورت آهي. جڏهن توهان جا شهر توهان جي ڪنٽرول کان ٻاهر نڪري وڃن. رهائشي قانون جو پاس نه ڪن ته اهڙا حادثا هر روز ٿيڻ جو خدشو رهي ٿو. ان لاءِ صرف قانون ۽ ان تي سختي سان عمل ڪرائڻ ئي هڪڙو حل آهي، جيڪو هر بلڊنگ جي انتظاميه پنهنجي پنهنجي طور تي سختيءَ سان ان تي عمل ڪرائي حادثن کان بچي سگهجي ٿو.
جيڪڏهن ان قسم جي ڊرل اسان جي روز مره جي روٽين ۾ شامل هجي ها ته پوءِ گل پلازه ۾ لڳل باهه جي دوران ٻاهر نڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي وڃي ها. ھن وقت به ڪراچيءَ ۾ ڪيترائي ڪاروباري مرڪز ۽ رھائشي عمارتون موجود آھن جن ۾ ايمرجنسيءَ دوران بچاءُ لاءِ ڪي به اپاءُ ورتل نه آھن. اھڙن حادثن کان بچاءُ لاءِ حڪومت کي سخت قدم کڻڻا پوندا جن ۾ اھڙين بلڊنگن جي ڊزائين ۾ باهه کان بچاءُ لاءِ پاڻي، فائر ايڪسٽنگئشر ۽ ٻين ضروري سامانن جي موجودگي ۽ انھن جي سارسنڀال لاءِ مناسب طريقيڪار واضح ڪيو وڃي ۽ ان تي سختيءَ سان عمل ڪرايو وڃي. فائر ۽ سيفٽي لاءِ ھڪ ڊپارٽمينٽ موجود ھجي جيڪو هر عمارت کي هڪ خاص دورانيئي ۾ چيڪ ڪري ته انهن جا باهه وسائڻ وارا آلا ڪم ڪري رهيا آهن يا نه ۽ اتان جو اسٽاف انهن کي استعمال ڪرڻ لاءِ تربيت يافته آهي يا نه ۽ پوءِ انهن کي ان خاص دورانئي جو سرٽيفڪيٽ فراهم ڪيو وڃي ۽ جيڪي عمارتون ان ڳالهه ۾ ناڪام ٿين انهن تي ڏنڊ وڌا وڃن يا وري اداري جا ماڻهو جيڪي چيڪنگ جي دوران رشوت وٺڻ سبب چيڪنگ ۾ ڪوتاهي ڪن ته انهن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي.
ڳالهه اصل ۾ اچي کٽي اتي ٿي ته ڇا اسان جيڪي به قانون ٺاهيون ٿا انهن تي اسان جا ادارا يا ادارن ۾ ويٺل ماڻهو ايمانداريءَ سان ڪم ڪن ٿا يا نه؟ اسان جي ملڪ جو نظام هن وقت پنهنجن کي نوازڻ جي ڪري، ڏوهاري کي سزا نه ڏيڻ ڪري، صحيح کي غلط ثابت ڪرڻ جي ڪري تباهه ۽ برباد ٿي چڪو آهي. گلا پلازه جي باهه انهن سڀني برائين جو نتيجو آهي.