پاڪستان پوسٽل لائف انشورنس ڪارپوريشن، جيڪا ڊگهي عرصي تائين پاڪستان پوسٽ آفيس جو هڪ معتبر ۽ اعتماد جوڳو ادارو رهيو آهي ۽ تازو اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ رجسٽرڊ هڪ نجي ڪمپني بڻجي چڪو آهي، اهو گذريل ڏيڍ ٻن سالن کان پنهنجن گراهڪن جا اربين رپيا جيڪي مٿس ادا ڪرڻ واجب آهن ادا ڪرڻ ۾ ناڪام رهيو آهي. صورتحال اها آهي ته گراهڪن کي نه پريميم جون ادائگيون ملن ٿيون، نه بونس ڏنا پيا وڃن ۽ نه ئي ميچورٽي جون رقمون مقرر وقت تي ادا ڪيون پيون وڃن، جنهن سبب هزارين خاندان شديد مالي ڏکين حالتن، ذهني دٻاءُ ۽ تڪليفن جو شڪار بڻجي چڪا آهن.
ذريعن موجب پاڪستان پوسٽل لائف انشورنس جا سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيندڙ سرڪاري ملازم آهن، جن ۾ استاد، پروفيسر ۽ وفاقي توڙي صوبائي کاتن جا ٻيا اهلڪار نمايان آهن. اهي ملازم ڪيترن ئي سالن تائين پنهنجين پگهارن مان ماهوار، ڇهن مهينن يا سالياني بنيادن تي پريميم جمع ڪرائيندا رهيا. هاڻي انڪشاف ٿيو آهي ته ڪيترن ئي گراهڪن جون ڪيتريون ئي قسطون سرڪاري رڪارڊ ۾ داخل ئي نه ڪيون ويون آهن. جڏهن ته ان عمل جا ذميوار اهلڪار رٽائرڊ به ٿي چڪا آهن، جنهن سبب رقمن جي واپسي جو ڪوبه واضح طريقو باقي ناهي رهيو. سڀ کان وڌيڪ متاثر اهي گراهڪ آهن، جن پندرهن کان ويهن سالن تائين صبر ۽ برداشت کان ڪم وٺي پنهنجي رقم ان اميد تي جمع ڪرائي ته ميچورٽي وقت اها رقم سندن اهم منصوبن لاءِ ڪم ايندي. متاثرن موجب رڪيل ادائگين سبب ٻارن جي تعليم جا منصوبا اڌ ۾ رهجي ويا آهن، گهرن جي تعمير ملتوي ٿي وئي آهي ۽ ڪيترن ئي گهرن ۾ نياڻين جون شاديون به دير جو شڪار ٿي ويون آهن. گراهڪن جو چوڻ آهي ته هي نقصان صرف مالي ناهي، پر سندن زندگي جي محنت، خوابن، منصوبابندي ۽ ذهني سڪون جي مڪمل تباهي آهي، جنهن سبب ڪيترائي ماڻهو شديد ذهني پريشاني ۽ دٻاءُ جو شڪار آهن. متاثرن موجب پوسٽ آفيس جي ڪجهه نااهل ۽ ڪرپٽ عملي گراهڪن جون جمع ڪرايل قسطون هڙپ ڪري ڇڏيون يا صرف رسيدن تي اسٽيمپ لڳائي کين مطمئن ڪندا رهيا. ڪراچي، ٺٽو ۽ حيدرآباد جي زونل آفيسن سان لاڳاپيل گراهڪ گذريل ڏيڍ ٻن سالن کان ادائگي لاءِ آفيسن جا چڪر ڪاٽي رهيا آهن، پر هن وقت تائين کين ڪوبه عملي رليف ناهي مليو. هڪ متاثر پروفيسر ٻڌايو ته هن پنهنجي پگهار مان باقائدگيءَ سان پريميم جمع ڪرايو، سالن تائين انتظار ڪيو، پر اڃان تائين نه ميچورٽي رقم ملي آهي، نه بونس ۽ نه ئي ڪو تسلي بخش جواب، جنهن سبب سندن زندگي جا اهم منصوبا سخت متاثر ٿيا آهن. واضح رهي ته پاڪستان پوسٽل لائف انشورنس اڳ ۾ هڪ وفاقي ادارو رهيو آهي، جيڪو وزارتِ مواصلات جي نگراني هيٺ ڪم ڪندو هو. اداري جي پاليسي بروشرن ۾ اهو واضح طور لکيل هو ته ڪمپني جي ضمانت حڪومتِ پاڪستان ڏيندي، جنهن جي بنياد تي سرڪاري ملازمن اعتماد سان پاليسيون ورتيون. جڏهن ته اداري جي نجي بڻجڻ ۽ اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ رجسٽرڊ ٿيڻ باوجود اربين رپين جون رڪيل ادائگيون گراهڪن جي اعتماد کي سخت ڌڪ پهچائي رهيون آهن ۽ اداري جي شفافيت تي سنگين سوال اٿاري رهيون آهن. اهڙو عمل نه صرف انهن ادارن جي اعتماد کي ٽوڙي ٿو بلڪه مستقبل ۾ حڪومت جي ٻين منصوبن کي به ناڪام ڪري سگهي ٿو.
متاثر گراهڪن وزيراعظم پاڪستان، وزارتِ مواصلات، لاڳاپيل اختيارين ۽ اسٽاڪ ايڪسچينج جي ذميوارن کان مطالبو ڪيو آهي ته هو فوري نوٽيس وٺي پاڪستان پوسٽل لائف انشورنس کي گراهڪن جون رڪيل ادائگيون بنا دير ادا ڪرڻ جو پابند بڻائين ۽ اداري جي مالي معاملن جي شفاف جاچ ڪرائي وڃي. متاثرن جو چوڻ آهي ته هي معاملو صرف چند ماڻهن جو ذاتي نقصان ناهي، پر هي عوام سان ڪيل هڪ وڏو فراڊ ۽ انتظامي ڪوتاهي آهي.