شهباز شريف احتساب عدالت ۾ پيش: ٻڌڻي جاري

اڳوڻي پنجاب جي وزير اعليٰ ۽ هاڻوڪي اپوزيشن ليڊر شهباز شريف کي احتساب عدالت ۾ ٻڌڻي لاءِ پيش ڪيو ويو آهي. ڪيس جي ٻڌڻي هن وقت جاري آهي. واضح رهي ته شهباز شريف کي آشيانه اقبال هائوسنگ ڪيس ۾ تفتيش لاءِ احتساب عدالت ۾ آندو ويو آهي. شهباز شريف کي اڄ صبح احتساب عدالت آندو ويو. عدالت ۾ پهچڻ وقت شهباز شريف جي گاڏي کي ن ليگ جي ورڪرن گهيري ۾ آڻي ڇڏيو ۽ گاڏي تي چڙهي نعري بازي ڪئي، جنهن صورتحال ۾ شهباز شريف کي گاڏي کان عدالت ۾ آڻڻ تائين ڏکيائي پيش آئي. شهباز شريف کي احتساب عدالت جي جج نجم الحسن جي روبرو پيش ڪيو ويو ۽ شهباز شريف جي ڪيس وڙهڻ لاءِ امجد پرويز ۽ اعظم نذير تارڙ کي وڪيل مقرر ڪيو ويو آهي. جڏهن ته نيب جو پراسيڪيوٽر وارث جنجوعا نيب جو موقف پيش ڪري رهيو آهي. احتساب عدالت جي ڪمري ۾ رش سبب جج پاران ٻڌڻي چيمبر ۾ شروع ڪئي وئي آهي. ٻڌڻي ۾ شهباز شريف پاڻ تي لڳل الزامن کي بي بنياد قرار ڏنو ۽ چيو ته مان بيقصور آهيان مون کي سياسي طور تي نشانو بڻايو پيو وڃي. هن ڪيس ۾ شهباز شريف تي الزام آهي ته هن آشيانه اسڪيم جو ٺيڪو رد ڪري بعد ۾ پنهنجي منظور نظر ڪمپني کي ڏنو جنهن سان ملڪي خزاني کي 19 ڪروڙن جو نقصان رسيو.

0 0 vote
Article Rating
Subscribe
Notify of
guest
0 Comments
Inline Feedbacks
View all comments