چين پاران آرٽيڪل 370 جو خاتمو چين جي خود مختياري لاءِ خطرو قرار
چين ڀارت پاران ڪشمير ۾ آرٽيڪل 370 جي خاتمي بعد رد عمل ڏيندي چيو آهي ته ڀارت جي اها حرڪت چين جي خود مختياري لاءِ خطرو آهي. چين جو وڌيڪ چوڻ آهي ته ڀارت اهڙن قدمن کان پاسو ڪري جنهن سان سرحدي مسئلن ۾ وڌيڪ پيچيدگي پيدا ڪري سگهي ٿو. چين جي پرڏيهي وزارت جي ترجمان چيو آهي ته اسان ڀارت ۽ پاڪستان کي درخواست ٿا ڪريون ته اهي هن مسئلي کي ڳالهه ٻولهه ۽ پرامن طريقي سان حل ڪن. ترجمان وڌيڪ چيو ته ڪشمير جي موجوده صورتحال تي تشويش آهي ڀارت لداخ جي معاملي تي چين جي سالميت جي خلاف ورزي ڪئي آهي. ڀارت پاران لداخ کي وفاقي علائقي قرار ڏيڻ جو فيصلو نٿا مڃون. ڪشمير تي چين جي پوزيشن واضح ۽ مستقل آهي.