خاصنئون

 آمريڪا پاران چين ڪرنسي جي هيرا ڦيري ڪندڙ ملڪ قرار

 چين جي سينٽرل بينڪ پاران آمريڪا سان هلندڙ تجارتي جنگ دوران پنهنجي ڪرنسي کي ڪمزور ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. جنهن تي آمريڪا هن کي ڪرنسي جي هيرا ڦيري ڪندڙ ملڪ قرار ڏنو آهي. آمريڪا جي صدر پنهنجي ٽوئيٽ ۾ چين پاران پنهنجي ڪرنسي کي ڪيرائڻ واري فيصلي تي ٽوئيٽ ڪندي چيو ته هن طرح جي قدمن سان ڪاروبار ۽ فيڪٽريون هلائيندڙن انهن جي ملازمتن کي نقصان پهچندو. اهڙي فيصلي سان اسان جي مزدورن ۽ هارين کي نقصان پهچڻ کانسواءِ ڪجهه به نه ٿيندو. چين پاران پنهنجي ڪرنسي کي ڊالر جي مقابلي ۾ 7 يو آن گهٽائڻ جي منظوري ڏني آهي. چين هن فيصلي کي آمريڪا جي صدر پاران چين جي مصنوعات تي ٽيرف ۾ اضافي جو بدلو قرار ڏنو آهي. ياد رهي ته گذريل هفتي آمريڪا چين جي شين تي 10 سيڪڙو ٽيڪس لاڳو ڪيو هو، جنهن بعد چين ان جو بدلو وٺڻ جو اعلان ڪيو هو.