نئون

وزير اعليٰ مراد علي شاهه، وزير اعليٰ هائوس خالي ڪري ڇڏيو

حڪومت جو مدو پورو ٿيڻ جي ويجهو اچڻ ڪري وزير اعليٰ مراد علي شاهه، وزير اعليٰ هائوس خالي ڪري ڇڏيو آهي. پاڻ خاندان سميت پنهنجي ڊفينس واري گهر منتقل ٿي ويو آهي. واضح رهي ته 28 مئي تي حڪومت جو مدو پورو ٿي ويندو ۽ عبوري حڪومت قائم ڪئي ويندي. وزير اعليٰ هائوس خالي ڪرڻ کانپوءِ مراد علي شاهه پروٽوڪول به واپس ڪري ڇڏيو آهي ۽ هاڻي هو عام سيڪيورٽي سان سي ايم هائوس ۽ اسيمبلي اچي رهيو آهي.