نئون

8 مارچ تي عورت مارچ ڪيو ويندو

ڪراچي پريس ڪلب ۾ هڪ پڌرائي دوران سماج جي مختلف حصن سان واسطو رکندڙ عورتن شرڪت ڪئي جنهن ۾ هنن ٻڌايو ته 8 مارچ تي عورت مارچ ڪيو ويندو. بيان ۾ ٻڌايو ويو ته اهو مارچ ان ڪارڻ به اهم هوندو جو ان جي اڳواڻي ڪابه هڪ عورت نه ڪندي جڏهن ته مختلف عورتون گڏجي ان ۾ حصو وٺنديون. “هم عورتين” نالي هن تنظيم پاران چيو ويو ته سڀ عورتون زندگي جي مختلف شعبن سان واسطو رکن ٿيون ۽ اسان نه صرف اهو مارچ پلان ڪريون پيون پر اسان خود ئي ان ۾ شريڪ به هونديونسين، هن مارچ جي شروعات فريئر هال کان ٿيندي جنهن ۾ عورتن جي مسئلن بابت آگاهي ڏني ويندي. مارچ دوران اسڪٽ ڪيا ويندا ۽ ٻيون سرگرميون ڪيون وينديون. ان موقعي تي شريڪ عورتن چيو ته هن مارچ جو تحرڪ سڄي دنيا ۾ اهڙين تنظيمن جي جدوجهد سان گڏجي پيدا ٿيندو. وڌيڪ ٻڌايو ويو ته هن مارچ ذريعي اهڙن سڀني مسئلن کي آڏو آڻڻ چاهيون ٿيون جيڪي سڄي دنيا ۾ عورتن کي پيش اچن ٿا، جنهن ۾ اڄ عام سوشل ميڊيا تي هلندڙ تحريڪ #Me too به هڪ آهي. ان موقعي تي شريڪ عورتن اهو به چيو ته “هم عورتين” کي ڪابه سياسي پارٽي يا ڪا اين جي او پٺڀرائي نه ڪري رهي آهي. اسان ته شهرين جي گڏيل جدوجهد سان ڪم شروع ڪري رهيا آهيون.