نئون

سنڌ اسيمبلي ۾ پاڻي جي کوٽ تي بحث

سنڌ اسيمبلي ۾ صوبي اندر پاڻي جي کوٽ تي بحث ٿيو، جنهن ۾ ڳالهائيندي ميمبرن چيو ته سنڌ اندر پاڻي جي کوٽ سبب ڏڪار جهڙي صورتحال پيدا ٿي وئي آهي، جنهن ۾ جمڙائو ڪئنال ۽ سانگهڙ جا علائقا به خاص طور تي متاثر آهن، جنهن جي جواب ۾ صحت واري صوبائي وزير سڪندر منڌرو چيو ته سنڌ کي 60/70 سيڪڙو گهٽ پاڻي ملي رهيو آهي، جنهن جو سبب تربيلا ۽ منگلا ڊيمن ۾ پاڻي جي کوٽ آهي. هن چيو ته اترين علائقن ۾ ٿڌ برف کي رجڻ نٿي ڏي جنهن ڪارڻ پاڻي جي کوٽ ٿي وئي آهي. وزير اهو به چيو ته هن معاملي کي اڳ به اٿاريو ويو هو ۽ ان کي قومي اسيمبلي ۾ به کنيو ويو هو، هن اهو به چيو ته هي مسئلو ڪو انساني پيدا ڪيل نه آهي پر اهو هڪ قدرتي معاملو آهي. ٻي صورت ۾ حڪومت هر قسم جي مدد لاءِ تيار آهي. پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي وزير امير حيدر شيرازي چيو ته ٺٽي ۽ ڄامشورو جا ڪوهستاني علائقا به پاڻي جي کوٽ کي منهن ڏيئي رهيا آهن. جنهن لاءِ هن خاص مالي سهائتا جي پئڪيج جي گهر ڪئي، جنهن جي جواب ۾ صوبائي وزير ممتاز حسين جکراڻي چيو ته هن صورتحال جي حڪومت کي خبر آهي ۽ اها ضروري قدم کڻي رهي آهي. هن چيو ته اهڙي صورتحال ۾ اهڙن علائقن جا ڪمشنر ئي علائقن کي ڏڪار سٽيل قرار ڏئي سگهن ٿا ۽ ڪوهستان جي ماڻهن کي به اڪيلو نه ڇڏيو ويندو.