نئون

سنڌ حڪومت تيل وارن علائقن ۾ وڌيڪ فنڊ خرچ ڪري: سنڌ اسيمبلي

سنڌ اسيمبلي پاران سنڌ حڪومت کي صلاح ڏني وئي آهي ته اها صوبي اندر تيل ۽ گئس پيدا ڪندڙ علائقن ۾ وفاق کان مليل رائلٽي کي خرچ ڪري ۽ انهن علائقن ۾ ترقياتي ڪم وڌ کان وڌ ڪرائي. اهڙي گهر اسيمبلي ۾ مسلم فنڪشنل جي اڳواڻ نند ڪمار گوڪلاڻي پاران هڪ ريزوليوشن ۾ پيش ڪئي وئي هئي. جنهن کي ڊپٽي اسپيڪر شهلا رضا پاران ووٽ لاءِ رکيو ويو ته ان کي ايوان طرفان پاس ڪيو ويو. ان موقعي تي نند ڪمار گوڪلاڻي چيو ته سنڌ وڌيڪ گئس ۽ تيل پيدا ڪندڙ صوبو آهي جنهن ۾ ڏورانهن علائقن ۾ گئس ۽ تيل ملي ٿو. هن چيو ته اهڙن علائقن ۾ ماڻهو تمام ابتر حالت ۾ زندگي گهاري رهيا آهن ڇاڪاڻ ته انهن علائقن ۾ رائلٽي کي پوري طرح خرچ نه پيو ڪيو وڃي، جيتوڻيڪ وفاق کان مليل رائلٽي مان 35 کان 40 سيڪڙو حڪومت کي خرچ ڪرڻ بعد باقي انهن علائقن تي خرچ ڪرڻو پوندو آهي. هن چيو ته صوبي کي وفاق کان هن سال 8 ارب رپيا رائلٽي جي مدد ۾ مليا آهن.