6 سالن جي ڇوڪر جي آمدني هڪ ارب رپيو ساليانو

ٻارن کي راند يڪن سان ته تمام گهڻي محبت هوندي آهي پر ڪيترا اهڙا ٻار هوندا جيڪي راند يڪن سان کيڏي پئسا ڪمائي سگهندا هوندا. گهٽ ۾ گهٽ 6 سالن جي ريان جهڙو ته ڪوبه ٻيو نه هوندو جيڪو رانديڪن سان کيڏي ساليانو 11 ملين هڪ  ڊالر (ارب 18 ڪروڙ رپين کان وڌيڪ)  ڪمائيندو آهي. آمريڪا ۾ رهندڙ هن ٻار کي فور بس مئگزين 2017 ۾ يو ٽيوب جو سڀ کان وڌيڪ ڪمائيندڙ اسٽارز جي فهرست ۾ شام ڪيو آهي. جيڪو رانديڪن جو رويو (Review) ڪري پئسا ڪمائيندو آهي، يو ٽيوب اسٽارز ۾ 8 نمبر تي آهي. ريان جي عمر 4 سال هئي جڏهن هن يو ٽيوب تي چئنل ٺاهيو. ريان جو چئنل ٻارن لاءِ آهي جنهن ۾ هڪ ٻار رانديڪن بابت پنهنجي  لاءِ ڏيندو آهي.هو هن وقت دنيا ۾ تمام گهڻو مشهور آهي جنهن جي  چئنل جي ڪل آمدني هڪ ارب رپين کان ٽپي وئي آهي. جنهن وڊيو هن کي اسٽار بڻايو اهو هڪ ڪار ڪمپني جي ڪار سيريز جو وڊيو آهي جنهن کي اڄ تائين 80 ڪروڙ ماڻهو ڏسي چڪا آهن. هن ٻار جي يو ٽيوب چئنل جي سبسڪرائيبرز جي تعداد هڪ ڪروڙ آهي ۽ ان معاملي ۾ هو ڪيترن ئي يو ٽيوب اسٽارز کان وڌيڪ آهي. ان کان علاوه ريان کي گنيز بڪ آف ورلڊ رڪارڊ ۾ به شامل ڪيو ويو آهي ته سال 2000 کانپوءِ پيدا ٿيندڙن ماڻهن مان هن جو  يو ٽيوب چينل وڌيڪ ڏٺو وڃي ٿو.

0 0 votes
Article Rating
Subscribe
Notify of
guest
0 Comments
Inline Feedbacks
View all comments