ادبخاصناول

سمرقند ناول قسط اٺين امين مالوف ترجمو: زاهده ابڙو  

جهان ڏاڍي تفصيل ۽ مجرماڻي لطف وٺندڙ انداز ۾ دنيا جي عظيم ماڻهن جي ازدواجي صدمن کي بيان ڪيو، هاڻي عمر کيس سرزنش ڪرڻ بجاءِ سندس قصا ڏاڍي شوق سان ٻڌي رهيو هو- جڏهن جهان شرارت مان خاموش ٿيڻ جي ڌمڪي ڏني ته هن کيس قصن کي جاري رکڻ جي منٿ ڪئي ۽ کيس لاڏ مان اهي قصا ٻڌائڻ لاءِ چوندو رهيو حالانڪه کيس اها خبر هئي ته ان ڪهاڻيءَ جو انجام ڇا ٿيڻ وارو آهي-

جيئن ته امير المومنين لاچار ٿي ”ها“ ڪري ڇڏي، پر سندس روح مرجهايل هو- خليفي جو جواب ٻڌندي ئي طغرل بغداد لاءِ روانو ٿيو ۽ اڃان شهر پهتو ئي نه هو ته پنهنجي وزير کي شهر جي خبر چار وٺڻ لاءِ پنهنجي اڳيان ڊوڙايائين، شاديءَ جون تياريون ٿي رهيون هيون ان کان با خبر ٿيڻ لاءِ هو ڏاڍو بي صبرو ٿي رهيو هو-

خليفي جي محل ۾ پهچندي ئي قاصد هٿان اها ڳالهه صاف صاف چورائي وئي ته جيتري حد تائين نڪاح نامي جو تعلق آهي، ان جي پورائي ٿي ويندي، پر رهيو زال مڙس جو پاڻ ۾ ملڻ ته ان جو سوال ئي پيدا نٿو ٿئي، ”ڇو ته اهم نقطو اتحاد جي پاسداري آهي، جوڙي جو ميلاپ نه-“

وزير جي ڪاوڙ عروج تي هئي، پر هن پنهنجو ضبط هٿان نه وڃايو-

”طغرل بيگ کي جيسائين مان سڃاڻان ٿو،“ هن وضاحت ڪئي ”ان مطابق مان اوهان کي بنا ڪنهن شڪ ۽ شبهي جي اهو يقين ٿو ڏياريان ته هو ميلاپ کي ڪنهن به طرح ثانوي درجو ناهي ڏيندو-“

حقيقت اها آهي ته پنهنجي شوق جي گرمي جي مظاهري طور سلطان ان ۾ ڪابه گهٽتائي نه رکي ته هو پنهنجن سپاهين کي بلڪل تيار حالت ۾ رکي انهن کي بغداد کي قبضي ۾ رکڻ ۽ خليفي جي محل جو گهيراءُ ڪرڻ لاءِ چوي- خليفي کي آڻ مڃڻي پئي ۽ ميلاپ ٿيو- شهزادي سونين تارن سان ٺهيل قالين واري هنڌ تي ويٺل هئي طغرل بيگ ڪمري ۾ داخل ٿيو ۽ سندس سامهون واري زمين کي چميائين- ”پوءِ سندس عزت افزائي ڪيائين“ واقعو ٻڌائڻ وارا تصديق ڪن ٿا ته ان دوران شهزادي پنهنجي چهري تان نقاب نه کنيو، هڪ لفظ نه ڪڇي ۽ نه ئي سندس موجودگيءَ کي ڪا اهميت ڏنائين-“ هو هر روز قيمتي تحفه کڻي ويندو هو ۽ هر روز سندس عزت افزائي ڪندو هو، ليڪن هڪ دفعو به شهزاديءَ کيس پنهنجو چهرو نه ڏيکاريو ڪيترائي ماڻهو ”ملاقات“ کانپوءِ سندس انتظار ڪندا هئا ڇو ته ان وقت جو مزاج ايترو نشونما حاصل ڪري چڪو هوندو هو جو هو سندن سموريون فرمائشون پوريون ڪري ڇڏيندو هو ۽ بي ڌڙڪ تحفه تحائف عطا ڪيائين ٿي-

ٻڍاپي ۽ غرور جي ان ميلاپ مان ڪو اولاد نه ٿيو ڇهن مهينن کانپوءِ ئي طغرل مري ويو- اها ڳالهه عام طور تي مشهور هئي ته هو ٻار پيدا ڪرڻ جي قابل نه هو، پنهنجن پهرين ٻن زالن کي طلاق ڏيئي چڪو هو ۽ ان ڪمزوريءَ جي تهمت به انهن مٿان مڙهي هئائين جنهن جو شڪار هو پاڻ هو. پنهنجين عورتن، زالن ۽ ڪنيزن جي ان لڳاتار عمل کي ڏسندي کيس ان حقيقت جو مقابلو ڪرڻ گهرجي ها ته جيڪڏهن منجهس ڪو نقص هو ته اهو سندس اندر ئي هو. نجومين، عاملن ۽ عطائين سان رجوع ڪرڻ تي هي نسخو ڏسيو ويو هو ته هو مهيني جي آخر ۾ ڪنهن نئين ڄاول ٻار جي طهر ٿيل کل جو ٽڪرو ڳهي ڇڏي- پر ان مان به ڪو نتيجو نه نڪتو ۽ نه چاهيندي به کيس سچ جي اڳيان گوڏا کوڙڻا پيا، پر ان عيب کان پنهنجي سپاهين جي اڳيان داغدار ٿيڻ کان بچاءُ لاءِ هن هڪ ناقابل مطمئن عاشق طور مشهور ڪيو هو جنهن جو اظهار درٻار ۾ هو هن طرح ڪندو هو جو ننڍي کان ننڍي سفر ۾ سڄو حرم پنهنجي پٺيان کڻي گهمندو هو پنهنجي هم نشينن ۽ رفيقن جي اڳيان گفتگو دوران پنهنجي ڪارڪردگيءَ جو ذڪر ضروري موضوع سمجهندو هو ۽ اهو اڪثر ٿيندو هو ته سندس آفيسر ۽ غير ملڪي ملاقاتي به سندس مردانه قوت جي پرستش ڪندا هئا سندس توانائي کي خراج تحسين پيش ڪرڻ کانپوءِ ان کان خاص نسخه ۽ ويدن جا ڏنل امرت وارا نسخه پيا پڇندا هئا-

ايئن سيده بيواهه ٿي وئي- سندس سونين تارن سان ٺهيل سيج سڃي ٿي وئي، پر هن شڪايت نه ڪئي اقتدار جي خالي جڳهه ڳنڀير مسئلو هو- سلطنت اڃان ويجهڙائي ۾ ئي جنم ورتو هو ۽ ان جو نالو پوشيده طرح سندن ابن ڏاڏن جي نالي تي رکيو ويو هو جنهن جو حقيقي باني طغرل ئي هو- ڇا سندس بي اولاد هجڻ هاڻي اوڀر کي سياسي انتشار ۾ وجهي ڇڏيندو؟ ڀائر، ڀائيٽا، ماسات تعداد ۾ بيشمار هئا ۽ هونئن به ترڪ پيدائشي حق يا قانون واري ورهاست کي مڃيندا ئي ڪونه هئا-

تمام جلد ئي هڪ فرد پنهنجو پاڻ کي سڄي نظام تي مسلط ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو: الپ ارسلان، ولد چغري- ڪجهه ئي مهينن اندر هو خاندان جي سڀني ئي ماڻهن مٿان حاوي ٿي ويو، ڪجهه کي مارائي ڇڏيائين ۽ ڪن جي وفاداري جي قيمت ڏيئي خريد ڪيائين هو جلد ئي هڪ عظيم حڪمران جي روپ ۾ پنهنجي رعايا جي سامهون ظاهر ٿيڻ وارو هو جيڪو نه صرف مستحڪم هو، پر انصاف پسند به هو، پر ان جي باوجود هڪ افواهه سندس پيڇو ڪرڻ واري هئي، جنهن جي پالنا ان جي دشمنن ڪئي هئي- جتي طغرل جي مردانه قوت جي هام هئي ۽ چرچا هئا، الپ ارسلان نون ٻارن جو پيءُ هو، پنهنجي طور ۽ طريقن جي ڪري مخالف جنس ۾ افواهن جي ڪري اهڙو مشهور ٿي ويو جو صنف نازڪ ۾ کيس ڪا ڪشش نظر نٿي آئي دشمنن ۾ ”زنخا“ جي نالي سان سڏيو ويندو هو ۽ سندس درٻاري گفتگو دوران ان شرمنده ڪرڻ واري موضوع تي ڳالهائڻ کان لنوائيندا هئا- اها ئي بدنامي هئي جيڪا سندس زوال جو سبب بڻجي وئي، چاهي هو ان جو مستحق رهيو هو يا نه رهيو هو، ۽ هن مشغلي کي وقت کان اڳ ئي ختم ڪرڻ واري هئي جيڪو شروع ۾ ڪيترو شاندار نظر اچي رهيو هو-

جهان ۽ عمر کي اڃان ان جو علم نه هو جنهن وقت هو ابو طاهر جي باغ جي منظري ۾ ويٺي گپ شپ ڪري رهيا هئا. 48 سالن جو الپ ارسلان سڄي دنيا تي سڀ کان وڌيڪ طاقتور ماڻهو هو- سندس سلطنت بحيرهءِ روم کان وٺي ڪابل تائين پکڙيل هئي، سندس اقتدار اڻ ورهايل ۽ لشڪر وفادار هو- هن پنهنجي وقت جي سڀ کان وڌيڪ باصلاحيت سياستدان، نظام الملڪ کي پنهنجو وزير مقرر ڪيو هو- ان کان علاوه، اناطوليه جي ننڍي ڳوٺ ملازڪرد ۾ الپ ارسلان تازو ئي رومي سلطنت تي وڏي فتح حاصل ڪئي هئي جنهن جي فوج ڇڙوڇڙ ٿي وئي هئي ۽ شهنشاهه گرفتار ڪيو ويو هو، واعظ ڪندڙ هر مسجد ۾ سندس ڪارنامن جي مدح سرائي ڪري رهيا هئا، ۽ ان ڳالهه جو پرچار ڪري رهيا هئا ته ڪيئن هن لڙائي کان اڳ ۾ پنهنجي جسم تي ڪفن ويڙهي ميت واريون خوشبون پنهنجي مٿان ڇڙڪي ڇڏيون هيون، ڪيئن پنهنجن هٿن سان پنهنجي گهوڙي جي پڇ کي هٽايو هئائين ۽ رومين طرفان موڪليل روسي ٽولي کي وڃي اچانڪ پڪڙيو هئائين جيڪي سندس فوجي خيمن جي اڳيان پويان گهمي رهيا هئا ۽ انهن جا نڪ ڪپرائي ڇڏيا هئائين، پر اهو به ڪيائين ته سندن گرفتار ٿيل شهنشاهه کي ڪنهن نه ڪنهن طريقي سان آزادي به بخشي هئائين-

بيشڪ اهو اسلام جو هڪ عظيم لمحو هو، پر سمر قند جي لاءِ نهايت ڳوڙهو فڪرمنديءَ جو موضوع- الپ ارسلان هن شهر تان هميشه قربان پيو ويندو هو ۽ ماضيءَ ۾ هن تي قبضو ڪرڻ جي ڪوشش ڪري چڪو هو اهو رومين سان سندس جهيڙو ئي هو جنهن هن کي حڪمران سلسلن ۾ مصالحتي معاهدي ڪرڻ تي مجبور ڪيو هو جنهن کي ازدواجي اتحاد اڃان وڌيڪ مضبوط بڻايو هو- سلطان جي فرزند ڪلان ملڪ شاهه نصر خان جي ڀيڻ ترڪين خاتون سان نڪاح ڪيو هو اوڏانهن خود خان پاڻ الپ ارسلان جي ڀيڻ کي پنهنجي نڪاح ۾ ورتو هو-

خير، ان بندوبست سان ڪوبه بيوقوف نه بڻيو جڏهن کيس پنهنجي سنڊوءَ جي عيسائين خلاف فتح جي خبر پئي هئي سمر قند جو والي پنهنجي شهر جي قسمت ۾ بد کان بدتر جي خوف ۾ مبتلا هو ۽ هو غلطي تي نه هو. واقعا جلد ئي ان ڏس ۾ حرڪت ڪرڻ لڳا-

ٻه لک سلجوقي گهوڙي سوار ”درياءُ“ کي پار ڪرڻ جي تياري ڪري رهيا هئا جيڪو ان زماني ۾ جيحون سڏرائبو هو، جنهن کي قديم زماني ۾ ماڻهو اوڪسس (Oxus) جي نالي سان سڏيندا هئا جيڪو بعد ۾ اڳيان هلي آمو درياهه سڏرائڻ وارو هو- پورا ويهه ڏينهن لڳا جيستائين آخري سپاهي ٻيڙين تي قائم ٿيل پل تان لڏندي لمندي ان کي پار نه ڪري ورتو-

سمر قند جو اهو ڪمرو جنهن ۾ شاهي تخت رکيل هو گهڻو ڪري ماڻهن سان کچاکچ ڀريل هوندو هو، پر ايتري خاموشي ڄڻ ڪو مري ويو هجي خان پاڻ به ان سڄي آزمائش سبب ڪافي منڌل لڳي رهيو هو نه کيس ڪاوڙ جا دورا ٿي پيا نه رڙيون ٿي ڪيائين- سندس درٻاري پنهنجو پاڻ کي بري طرح سان شڪست کاڌل محسوس ڪري رهيا هئا خان جو غرور ۽ تڪبر جنهن جو نشانو اهي خود هوندا هئا تسلي جو سبب ته هوندي هئي- خان جي خاموشي انهن سڀني کي پريشان ڪري ڇڏيو هو ايئن لڳي رهيو هو ڄڻ هن تقدير جي آڏو هٿيار ڦٽا ڪري ڇڏيا هجن، انهن سڀني کيس هڪ شڪست کاڌل ماڻهوءَ طور تصور ڪيو ۽ هو سڀ پنهنجي سلامتيءَ جي پريشانيءَ ۾ گرفتار ٿي ويا- هاڻي ڇا هو ڀڄي وڃن، انتظار ڪن يا دعائون ڪن؟

خان ڏينهن ۾ ٻه دفعا اٿي پنهنجن خدمتگارن سان گڏ جلوس جي شڪل ۾ توت جي پوک ٿيل هڪ ٽڪري جي معائني لاءِ ويندو هو يا وري پنهنجن سپاهين ۽ خلقت جي ثنا ۽ تعريف وصول ڪرڻ ويندو هو- اهڙي هڪ موقعي تي شهر جا ڪجهه نوجوان شاهه طرف وڌي آيا- محافظن کين ٿوري فاصلي تي روڪي ڇڏيو جيڪي رڙيون ڪري رهيا هئا ۽ چئي رهيا هئا ته اهي سپاهين سان گڏ وڙهڻ، شهر، خان ۽ شاهي خاندان جي تحفظ لاءِ پنهنجي جان قربان ڪرڻ لاءِ تيار آهن- سندن اڳتي وڌي اچڻ تي خوش ٿيڻ بجاءِ حڪمران ابتو ڪاوڙجي پيو پنهنجو دورو ننڍو ڪري ابتي پيرين واپس موٽي آيو ۽ سپاهين کي حڪم ڏنو ويو ته انهن کي سختيءَ سان منتشر ڪري ڇڏين-

محل واپس پهچڻ تي هن پنهنجي سپاهين کي هن ريت خطاب ڪيو:

جڏهن منهنجو ڏاڏو خدا سندس دانشمنديءَ جي ياد اسان جي دلين ۾ قائم رکي، بلخ شهر تي قبضو ڪرڻ ٿي چاهيو ته اتان جي رهاڪن هٿيار کڻي ورتا ۽ پنهنجي حڪمران جي غير موجودگيءَ ۾ اسان جي سپاهين جي هڪ وڏي انگ کي تباهه ڪري ڇڏيو ۽ انهن کي هٿيار ڦٽا ڪرڻ تي مجبور ڪيو تڏهن منهنجي ڏاڏي، محمود بلخ جي واليءَ کي پيغام موڪليو جنهن ۾ ان جي سرزنش ڪئي: ”منهنجي تمام گهڻي خواهش هئي ته اسان جا ٻنهي طرفن جا سپاهي هڪٻئي سان وڙهن، ۽ خدا جنهن کي چاهي فتح نصيب ڪري، پر هاڻي جيڪڏهن عام ماڻهو اسان جي عداوت ۾ ٽنگ اڙائين ته اسان ڪهڙي حال تي پهچنداسين؟ محمود ان جي تائيد ڪئي ۽ پنهنجي رعايا کي سزا ڏني، ۽ انهن کي هٿيار کڻڻ کان منع ڪري ڇڏي انهن جي مداخلت سبب جيڪا ڀڃ ڊاهه ٿي هئي ان جي نتيجي ۾ انهن تي وڏا ڏنڊ لڳايا ويا جيڪا ڳالهه بلخ جي ماڻهن لاءِ برحق هئي، سمر قندين لاءِ اڃان به وڌيڪ برحق هئي ڇو ته اهي پنهنجي فطرت ۾ اڃان وڌيڪ باغي ظاهر ٿيا هئا مان پنهنجي سلامتيءَ لاءِ شهرين جو شڪرگذار ٿيڻ بجاءِ الپ ارسلان وٽ اڪيلو ۽ بنا هٿيار جي وڃڻ کي ترجيح ڏيندس-“ سڀني آفيسرن ان خيال جي تائيد ڪئي انهن واعدو ڪيو ته عوامي جوش جي هر اظهار کي تمام گهڻي سختيءَ سان دٻايو ويندو، پنهنجي وفاداريءَ جو ٻيهر قسم کنيو ۽ زخمي ٻلين وانگر وڙهڻ جو عهد ڪيو ۽ اهي رڳو لفظ نه هئا ماوراءُ النهر جا سپاهي سلجوقي فوجين کان گهٽ دلير نه هئا- الپ ارسلان کي رڳو عمر ۽ انگ ۾ برتري حاصل هئي سندس پنهنجي عمر نه پر پنهنجي حسب نصب جي- هو ان جي ٻئي نسل مان هو جيڪو سلطنت قائم ڪرڻ واري عزم سان ڀرپور هو- نصر پنهنجي سلسلي جو پنجون ماڻهو هو ۽ سلطنت جي پکيڙ کان کيس ٽيڪس جمع ڪرڻ جي وڌيڪ خواهش هئي- خيام ان بيقراري ۽ بيچيني وارن ڏينهن ۾ شهر کان ڪوشش ڪري پري رهڻ چاهيندو هو- فطري ڳالهه اها آهي ته هن آهستي آهستي درٻار يا قاضي جي نهر ۾ ڪڏهن ڪڏهن اچي منهن ڏيکارڻ کان ڀيرو نه ڀڳو هو ته جيئن اهو شڪ نه ڪيو وڃي ته هو ان آزمائشي وقت ۾ انهن کان پري ٿي رهيو آهي- ان جي باوجود هو اڪثر پنهنجي منظري ۾ بند پيو هوندو هو پنهنجي علمي مشغلن ۾ مصروف يا ان خفيه ڪتاب ۾ غرق جنهن جا صفحا هو ڏاڍي جوش مان ڪارا ڪري رهيو هو ڄڻ جنگ جو وجود صرف ان لاتعلق دانش ۾ ئي هو جا وٽس غيب مان اچي رهي هئي-

…(هلندڙ)…