خاصنئونناول

سمرقند (قسط اٺاويهين)

ترجمو: زاهده ابڙو
اهو گهڻو پُرتڪلف قيدخانو هو، جنهن جا دروازا کليا ئي پيا هئا، يلدز جي پهاڙيءَ تي وزير اعليٰ جي رهائش گاهه جي ويجهو ڪاٺ ۽ مرمر جو محل، خود سلطان جي رڌڻي مان گرم گرم کاڌو پهچايو ويندو هو، هڪ کان پوءِ ٻيو، ملاقاتي پيا ايندا هئا، جيڪي لوهي ڦاٽڪ ۽ ننڍڙي گهٽيءَ کان گذري دروازي جي ٻاهر پنهنجا جوتا لاهي ڇڏيندا هئا- مٿان کان آقا جي آواز جي گجگوڙ ٿي ٻڌڻ ۾ آئي، پنهنجي مخصوص لهجي سان گڏ، کيس ايران ۽ شاهه جي لعنت ۽ ملامت ڪندي ٻڌو ٿي ويو ۽ انهن آفتن جو ذڪر ڪندي، جيڪي مٿس اچڻيون هيون-
مون ڪوشش ڪري پنهنجو پاڻ کي تنهائي پسند بڻائي ڇڏيو، غير ملڪي جو هئس- هڪ آمريڪي جنهن پنهنجي ننڍڙي غير ملڪي هيٽ، ننڍڙي غير ملڪي قدمن ۽ پنهنجي غير ملڪي ڳڻتين سان پئرس کان قسطنطيه جو سفر ڪيو هو، ريل گاڏيءَ ذريعي ٽن سلطنتن کان ٿيندو 70 ڪلاڪن جو سفر، ته جيئن هٿ سان لکيل هڪ ڪتاب بابت ڄاڻ حاصل ڪري سگهان، شاعريءَ جو هڪ تمام پراڻو ڪتاب، پرهيجان اوڀر ۾ ڪاغذن جو هڪ قابل رحم دستو-
هڪ ملازم مون وٽ آيو- عثماني طريقي سان ڪورنش (جهُڪي سلام ڪرڻ) بجا آندائين، فرانسيسيءَ ۾ ڪجهه خوشخبريءَ وارا لفظ چيا، پر ڪو ننڍڙو سوال به نه ڪيائين- هر ماڻهو هتي هڪ ئي مقصد سان ٿي آيو، آقا سان ملاقات ڪرڻ، آقا جي ڳالهه ٻڌڻ يا آقا جي جاسوسي ڪرڻ- مونکي هڪ تمام وسيع، ويهڻ واري ڪمري ۾ انتظار ڪرڻ جي دعوت ڏني وئي-
داخل ٿيندي ئي مون کي ڪنهن عورت جو پاڇو نظر آيو- مون پنهنجيون اکيون هڪدم هيٺ ڪري ڇڏيون- هن ملڪ جي رسمن ۽ رواجن بابت مون کي ڪافي سبق پڙهايا ويا هئا، ته جيئن مان هشاش بشاش اعتماد سان اڳيان وڌڻ جي جرئت ڪري سگهان- بس ڪجهه لفظ ڀڻڪي ۽ پنهنجي هيٽ کي احترام طور ٿورو هيٺ جهڪائي رهجي ويس، هوءَ جنهن ڪمري ۾ ويٺي هئي، مان هاڻي ان کان ٻئي پاسي واري ڪمري ۾ اچي چڪو هئس، ته جيئن انگريزي طرز جي آرام ڪرسي تي ويهي سگهان- مون قالين تي نظر وڌي ۽ نگاهه ملاقاتيءَ جي جوتن تي اچي بيهي رهي، ان کانپوءِ سندس نيري ۽ سنهري لباس کان ٿيندي مٿي سندس گوڏن، سيني، ڳچي ۽ نقاب تائين سفر ڪيو- عجيب ڳالهه ته اها آهي ته منهنجو مقابلو نقاب جي روڪ سان نه پر، هڪ بي نقاب چهري سان ٿيو، جيڪي منهنجي اکين سان مليون ۽ مُرڪ سان- مون جلد ئي هيٺ فرش تي قالين ڏانهن ڏٺو، پوءِ ڪاشيءَ جي ڪنارن کي ۽ پوءِ اڻٽر طريقي سان ٻيهر کيس، جيئن ڪو پکي پاڻيءَ جي سطح تي ٻيهر اڀري اچي- کيس سندس وارن تي ڏاڍو نازڪ ريشمي رومال اوڍيل هو، جنهن کي ڪنهن اجنبيءَ جي آمد تي ڏاڍي سولائيءَ سان منهن تي سرڪائي سگهجيو ٿي- اجنبي موجود هو، پر نقاب مٿي هو-
هاڻي هوءَ پري فاصلي تي تڪي رهي هئي، منهنجي نظاري لاءِ پنهنجو اڌ چهرو پيش ڪري رهي هئي، پنهنجي بي داغ سفيد چمڙي- جيڪڏهن مٺاڻ جو ڪو رنگ ٿي سگهيو ٿي ته اهو سندس هو- منهنجون لوندڙيون خوشيءَ کان ڦڙڪي رهيون هيون- منهنجا ڳل پگهرجي ويا هئا ۽ هٿ ٿڌا هئا- خدايا، هوءَ تمام حسين هئي- منهنجو اوڀر جو پهريون خوبصورت جسم- اهڙي عورت جنهن جي تعريف صرف صحرائن جا شاعر ئي ڪري ڄاڻن ٿا: سندس چهرو چنڊ جهڙو هو، سندس وار سڪون بخش ڇانو، سندس اکيون ٿڌي پاڻيءَ جا چشما، هن جو جسم، پام جو دل آويز سنهڙو وڻ ۽ مسڪراهٽ هڪ سراب-
ڇا مان ساڻس ڳالهائي سگهان ٿو؟ ڪيئن؟ ڇا مان پنهنجي هٿن جي ڪُپي ٺاهي ڇڏيان ته جيئن هوءَ ڪمري جي ٻئي پاسي ٻڌي سگهي؟ ڇا اٿي بيهي وٽس هليو وڃان؟ سندس ويجهو ڪنهن ڪرسيءَ تي ويهي رهان ۽ سندس مُرڪ جي ختم ٿيڻ ۽ نقاب جي ڪنهن خنجر جي ڦر وانگر ڪرڻ جو خطرو کڻان؟ اسان جون اکيون ٻيهر چار ٿيون ۽ تفريحن جدا ٿي ويون، جڏهن ملازم اسانجي وچ ۾ مداخلت ڪئي، جيڪو هو مون کي پهرين چانهه ۽ سگريٽ پيش ڪرڻ لاءِ هڪ ڀيرو پهرين به مداخلت ڪري چڪو هو- هڪ لمحي کانپوءِ هو کيس ترڪي ٻوليءَ ۾ چوڻ لاءِ فرش تائين جهڪيو، مون ڏٺو ته هوءَ اُٿي بيٺي، چهرو نقاب سان ڍڪيائين ۽ پنهنجي ننڍڙي چمڙي واري بيگ ملازم کي کڻڻ لاءِ ڏنائين- هو تيزيءَ سان دروازي طرف وڌيو ۽ هوءَ سندس پٺيان پٺيان هلڻ لڳي-
پر جڏهن هو ملاقاتي ڪمري جي دروازي تي پهتي ته رفتار هلڪي ڪري ڇڏيائين ته جيئن ملازم کانئس پري هليو وڃي- پوءِ هوءَ مون ڏانهن مڙي ۽ بلند آواز ۾ ۽ مون کان وڌيڪ خالص فرانسيسي ۾ چيائين:
”ڪنهن کي ڪهڙي خبر، ٿي سگهي ٿو ته اسانجا رستا وري ڪڏهن پاڻ ۾ اچي ملن!“
اهو جملو رڳو ٺاٺ باٺ لاءِ چيو ويو هو يا واعدي طور، ان سان گڏ هڪ شرارتي مسڪراهٽ هئي، جيڪا منهنجي ويجهو ايتري ئي سرڪش به ٿي سگهي ٿي، جيتري مٺي تنبيهه- پوءِ، جڏهن مان پنهنجي جاءِ تي تمام بي ڍنگي طريقي سان اٿي بيٺس، ۽ پنهنجو توازن ۽ سڪون ٻنهي جي وچ ۾ توازن برقرار رکڻ لاءِ هيڏانهن هواڏنهن پنهنجي جسم کي قابو ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هئس، هوءَ بنا حرڪت بيٺي رهي، سندس نگاهن مون کي دلڪش احساس ۾ گهيري ورتو- مان هڪ لفظ به نه چئي سگهيس- هوءَ غائب ٿي وئي-
مان اڃا دريءَ جي پاسي ۾ ئي بيٺو هئس، وڻن ۾ سندس سواريءَ جي نشانن کي سڃاڻڻ جي ڪوشش ۾ جتل هئس، جيڪا کيس کڻي وڃي رهي هئي، جو هڪ آواز مون کي واپس حقيقي دنيا ۾ گهلي آيو-
”معاف ڪجو جو اوهان کي ايترو انتظار ڪرايو ويو-“
اهو جمال الدين هو- سندس کاٻي هٿ ۾ هڪ وساميل سگار هو، هن ساڄو هٿ اڳيان وڌايو، گرم جوشي ۽ دوستيءَ سان هٿ ملايو-
”منهنجو نالو بينجمن ليسيج آهي- مان آنري روشوفور جي سفارش تي هتي آيو آهيان-“ مون هن کي پنهنجو سفارشي خط ڏنو- هن ڏسڻ بنا ئي خط کيسي ۾ وجهي ڇڏيو- پوءِ ٻانهون پکيڙي مون کي ڀاڪر پاتو ۽ منهنجي پيشانيءَ کي چمي ڏني-
”روشوفور جا دوست منهنجا دوست آهن- مان ساڻن کليل دل سان ڳالهائيندو آهيان-“
ٻانهن منهنجي ڪلهي تي رکي هُن ڪاٺيءَ جي ڏاڪڻ طرف منهنجي قيادت ڪئي، جيڪا مٿي وڃي رهي هئي-
”اميد آهي ته منهنجو دوست آنري خيريت سان هوندو- مون ٻڌو هو ته جلاوطنيءَ کان پوءِ سندس واپسي هڪ حقيقي ڪاميابي ثابت ٿي آهي- کيس رستن تي انهن سڀني پئرس جي رهاڪن جي قطارن ۽ سندس نالي جا نعرا لڳندي ڏاڍي خوشي ٿيندي هوندي، مون اها سڄي روداد لانتر انسيجان ۾ پڙهي هئي- هو اها اخبار مون کي باقاعدگيءَ سان موڪليندو آهي، جيتوڻيڪ مون کي دير سان ئي ملندي آهي، ان کي پڙهندي منهنجي ڪنن ۾ پئرس جون صدائون گونجڻ لڳنديون آهن-“
جمال الدين جيتوڻيڪ ڪوشش ڪرڻ کانپوءِ تمام سٺي فرانسيسي ڳالهائي رهيو هو- ڪڏهن ڪڏهن مان کيس اهي لفظ پيش ٿي ڪيا، جن جي کيس جستجو ٿي ٿي- جڏهن منهنجو ڏنل لفظ درست ٿي ٿيو ته هن منهنجا ٿورا ٿي مڃيا ۽ جيڪڏهن اهو صحيح نه ٿي ٿيو ته هن تلاش جاري ٿي رکي، چپن ۽ کاڏيءَ تي ٿورو ور ڏئي- هن ڳالهه جاري رکي:
”مان پئرس ۾ هڪ اونداهي ڪمري ۾ رهندو هئس، پر اهو هڪ وسيع دنيا ۾ ٿي کليو- اهو هن گهر کان سو دفعا ننڍڙو هو، پر مون کي اتي ڪڏهن تنگيءَ جو احساس نه ٿيو- مان پنهنجن ماڻهن کان هزارين ڪلوميٽر پري هئس، تڏهن به انهن جي پيش رفت جي لاءِ هتي يا ايران جي مقابلي ۾ وڌيڪ ڌيان سان ڪم ڪندو هئس- منهنجو آواز الجزائر کان ڪابل تائين ٻڌو ٿي ويو- اڄ صرف اهي ماڻهو ئي ٻڌي سگهن ٿا، جيڪي منهنجي عزت افزائي لاءِ مون سان ملڻ اچن ٿا، سندن اچڻ هميشه برڪت ڀريو هوندو آهي، خاص طور تي جيڪڏهن اهي پئرس کان آيل هوندا آهن-“
”سچ پڇو ته مان پئرس ۾ ناهيان رهندو- منهنجي ماءُ فرانسيسي آهي ۽ منهنجو نالو به فرانسيسي ٿو ڀانئجي، پر مان آمريڪي آهيان- مان ميريلينڊ ۾ رهندو آهيان-“
اها ڳالهه کيس ڏاڍي وڻي-
”جڏهن مون کي هندوستان مان ڏيهه نيڪالي ملي هئي، 1882 ۾ ته مان آمريڪا ۾ ٽڪيو هئس- ڇا توهان تصور ڪري سگهو ٿا، ته مان آمريڪي شهريت به اختيار ڪرڻ ٿي چاهي- اوهان مرڪي رهيا آهيو! منهنجي ڪيترن ئي هم مذهب ساٿين کي اها ڳالهه شرمناڪ لڳندي- سيد جمال الدين، اسلامي مزاحمت جو علمبردار، نبي جو آل، ۽ هڪ عيسائي ملڪ جي شهريت اختيار ڪري؟ پر مان شرمنده نه هئس، بلڪه مون ته پنهنجي دوست ولفريڊ بلنٽ کي اها سڄي واردات ٻڌائي هئي ۽ موڪل ڏني هئي ته هو پنهنجي يادگيرين جي ڪتاب ۾ ان کي بيان ڪري- منهنجو مقصد بلڪل سڌو سنئون هو: مسلمان دنيا ۾ ڪا اهڙي ڪُنڊ نه آهي، جتي مان ظلم ۽ ڏاڍ کان آزاد زندگي گذاري سگهان-
ايران ۾ مون پاڪ جاءِ تي پناهه وٺڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن کي روايت موجب هر قسم جي دخل اندازيءَ کان مڪمل تحفظ حاصل هوندو آهي، پر شاهه جا سپاهي اتي به اندر گهڙي آيا ۽ مون کي سوين ماڻهن جي ميڙ اڳيان جيڪي مون کي ٻڌڻ آيا هئا، گهلي کڻي ويا، ۽ صرف هڪ بدبخت استثنا کي ڇڏي ڪري تقريبن ڪوبه ماڻهو پنهنجي جڳهه تان نه چريو ۽ مون کي بچائڻ جي همٿ نه ڪئي- ڪا مذهبي جاءِ، ڪا يونيورسٽي يا ڪا جهوپڙي اهڙي نه هئي، جتي انسان کي خودپسند حڪمرانيءَ کان امن ملي سگهي!
ڪجهه وڌيڪ چوڻ کان اڳ هن ڪاٺ جي گلوب کي ڏاڍي بيچينيءَ سان ٿپڪيو:
”ترڪيءَ ۾ ته حالت اڃا به وڌيڪ خراب آهي- ڇا مان عبدالحميد، سلطان ۽ خليفي جو مهمان نه آهيان؟ ڇا هن مون کي هڪ ٻئي جي پويان خط نه اماڻيا هئا، جن ۾ مون کي، شاهه ايران وانگر، ڪافرن جي وچ ۾ زندگي گذارڻ تي تنبيهه ڪئي وئي؟ ضروري هو ته مان هي جواب موڪليان هئا: جيڪڏهن اوهان اسان جي شاندار ملڪن کي جيل خانن ۾ تبديل نه ڪيو هجي ها، ته اسان کي يورپين وٽ پناهه وٺڻ جي ضرورت نه پوي ها!، پر مان بي احتياط ٿي ويس ۽ سندن چالن ۾ ڦاسي پيس- مان قسطنطيه اچي ويس ۽ نتيجو اوهان جي آڏو آهي- مهمان نوازي جي اصولن جي باوجود، هو اڌ چريو ماڻهو مون کي باندي بڻائي ويٺو آهي- تازو ئي مون هڪ پيغام موڪليو آهي، ته جيڪڏهن مان توهان جو سرڪاري مهمان آهيان، ته مون کي رخصت جي اجازت عطا ڪئي وڃي! ‘جيڪڏهن مان اوهان جو قيدي آهيان، ته منهنجن پيرن ۾ ٻيڙيون وجهي ڪال ڪوٺڙيءَ ۾ وڌو وڃي!’ پر هن ته جواب ڏيڻ جي تڪليف ئي گوارا ناهي ڪئي- جيڪڏهن مون وٽ آمريڪا جي شهريت هجي ها، فرانس يا آسٽريا- هنگري جي، روس يا برطانيه جي شهريت کي ته ڇڏيون ٿا ته منهنجو ڪائونسل ڀڳو اچي ها بغير دستڪ ڏيڻ جي سڌو وزير اعليٰ جي آفيس ۾ پهتل هجي ها ۽ اڌ ڪلاڪ اندر منهنجي آزاديءَ جو پروانو حاصل ڪري وٺي ها- مان اوهان کي چوان ٿو، ته اسان هن صديءَ جا مسلمان، يتيم آهيون-“
هو بي ستو ٿي ويو، پر ڪوشش ڪندي اضافو ڪيائين:
”اوهان چاهيو ته جيڪو مون سڀ چيو آهي، ان کي بنا ڪنهن تڪلف جي لکو، سواءِ ان جي ته مون سلطان عبدالحميد کي اڌ چريو چيو آهي- مان نٿو چاهيان ته هن پڃري مان هڪ ڏينهن پرواز ڪرڻ جو آخري موقعو به وڃائي ويهان- اهو چوڻ به غلط نه هوندو، ته اهو شخص لڳ ڀڳ سڄو چريو آهي، هڪ خطرناڪ ڏوهاري، نفسياتي طور تي شڪي ۽ مڪمل طور تي پنهنجي حلبي نجوميءَ جي اثر هيٺ-“
”اوهان ڪو فڪر نه ڪريو، مان ڪجهه نه لکندس-“
مون هڪ غلط فهميءَ جي خاتمي خاطر هن جي درخواست مان فائدو ورتو-
”اوهان کي ٻڌائڻ گهرجي ته مان صحافي ناهيان- موسيو روشوفور، جيڪو منهنجو ناني جو سئوٽ آهي، ان مون کي اها صلاح ڏني ته اوهان سان ملان، پر منهنجي هتي اچڻ جو مقصد ايران بابت يا اوهان بابت ڪجهه لکڻ هرگز نه آهي-“
مون مٿس خيام جي هٿ سان لکيل ڪتاب ۾ پنهنجي دلچسپيءَ جو انڪشاف ڪيو ۽ پنهنجي شديد خواهش جو ته هڪ ڏينهن مان ان جا ورق اٿلائي سگهان ۽ ان جي متن جو گهرو اڀياس ڪري سگهان- هو منهنجي ڳالهه کي تمام غور ۽ دلچسپيءَ سان ۽ ڏاڍي خوشيءَ سان ٻڌندو رهيو-
”مون کي منهنجن ڏکن مان چند گهڙين لاءِ نجات ڏيارڻ لاءِ مان اوهان جو بيحد شڪرگذار آهيان، جنهن موضوع جو اوهان ذڪر ڪري رهيا آهيو، ان هميشه مون کي پنهنجي سحر ۾ جڪڙي رکيو آهي، اوهان موسيو نيڪولا جي رباعين جي تعارف ۾ ٽن دوستن جي ڪهاڻي پڙهي آهي، نظام الملڪ، حسن صباح ۽ عمر خيام؟ اهي بنيادي طور تمام مختلف ماڻهو هئا، جن مان هر هڪ ايراني روح جي هڪ مختلف پهلو جو نمائندو هو- ڪڏهن ڪڏهن مون کي ائين لڳندو آهي ته اهي ٽئي ڄڻا منهنجي اندر جمع ٿي ويا هجن- بلڪل نظام الملڪ وانگر، مان به هڪ عظيم سلطنت اسلاميه قائم ڪرڻ جو خواب ڏسان ٿو، چاهي ان جي قيادت هڪ ناقابل برداشت ترڪي سلطان ئي ڇو نه ڪندو هجي- حسن صباح وانگر، مان سڄي سرزمين اسلام ۾ تخريبڪاريءَ جو ٻج ڇٽيان ٿو، منهنجا چيلا آهن جيڪي مرڻ گهڙيءَ تائين منهنجو ساٿ ڏيندا…“
(هلندڙ)
***