بلاگنئون

سنڌ جي ناڻي کي بي درديءَ سان لٽيندڙ خوراڪ کاتي جو احتساب ڪڏهن ٿيندو؟

سنڌ جي خوراڪ کاتي جو هڪ نئون اسڪينڊل ميڊيا منظرعام تي آندو آهي. جنهن مطابق هن سال خوراڪ کاتي جي گودامن مان 5 لک کان وڌيڪ ڪڻڪ جون ٻوريون چوري ڪري گم ڪيون ويون آهن. جن جي ماليت 5 ارب رپين کان مٿي جي آهي. واضح ڪريون ته خوراڪ کاتي ۾ خرد برد جو اهو عمل سالن کان جاري آهي. بس جڏهن خبرون ميڊيا ۾ اينديون آهن ته پوءِ ڪجهه ننڍن آفيسرن کي جن ۾ فوڊ انسپيڪٽر ۽ فوڊ سپروائزر شامل هوندا آهن، انهن کي ڪجهه وقت لاءِ معطل يا برطرف ڪري ظاهر ائين ڪيو ويندو آهي ته خوراڪ کاتي وڏي ڪارروائي ڪئي آهي، پر پوءِ انهن آفيسرن کي پڻ نوڪرين تي بحال ڪيو ويندو آهي ۽ چوري جو چرخو هلندو رهندو آهي، ڇو ته انهي سسٽم مان فوڊ منسٽر، سيڪريٽري، ڊائريڪٽر، ڊي ايف سي ۽ اي ايف سي مستفيد ٿيندا رهندا آهن. ننڍا آفيسر ڪارندا بڻجي انهن جو ڪم ڪندا رهندا آهن. جنهن مان هو هر سال اربين رپيا ڪمائيندا آهن. هينئر به اهو ئي ٿيو آهي، ذڪرڪيل اسڪينڊل ۾ سيڪريٽري فوڊ 27 آفيسرن کي ذميوار قرار ڏنو آهي، جن مان 12 فوڊ انسپيڪٽر ۽ فوڊ سپروائزر برطرف پڻ ڪيا ويا آهن، پر ڪوبه وڏو آفيسر ايستائين جو اي ايف سي به ذميوار نه ڄاڻايو ويو آهي. پوري ملڪ جي ٻين صوبن ۾ به خوراڪ کاتو موجود آهي، پر اسان کي ٻين ٽنهي صوبن مان ڪڏهن به خرد برد جي شڪايت نه ملي آهي. ننڍي پئماني تي بي قائدگيون ضرور ٿينديون هونديون، پر جيترو ظلم سنڌ جو خوراڪ کاتو سالن کان ڪندو رهي ٿو. اهڙو مثال ٻين صوبن ۾ نه ٿو ملي. سنڌ صوبي جي ڪنهن به کاتي تي نظر وجهبي ته اتي سواءِ ڪرپشن جي ٻيو ڪجهه به نظر نه ايندو. زراعت جو کاتو هجي، ايڪسائيز جو کاتو هجي، تعليم جو کاتو هجي، روينيو جو کاتو هجي، اوقاف کاتو هجي، مطلب هر کاتي ۾ اربين رپين جي ڪرپشن جا اسڪينڊل سامهون ايندا رهن ٿا. ڪجهه وقت ميڊيا جي دٻاءَ سبب انهن جي هيٺئين اسٽاف کي ڏيکاءَ خاطر سزائون ڏنيون ٿيون وڃن، پر اهو نظام هلندو رهي ٿو. سنڌ جي خوراڪ کاتي جا آفيسر ڪروڙ پتي آهن. انهن کان نيب به پڇاڻو نه ٿي ڪري. سنڌ صوبو ملڪ جو واحد صوبو آهي، جتان جو 45 سيڪڙو عوام غربت جي لڪير کان هيٺ آهي. مطلب سئو ماڻهن مان 45 ماڻهو اهڙا آهن، جيڪي ٻه وقت جي ماني به پيٽ ڀري نه ٿا کائي سگهن. انهيءَ صوبي جي خوراڪ کاتي کي عوام جي ٽيڪسن مان مليل رقم ڏني ويندي آهي ته جيئن هو ڪڻڪ جي خريداري ڪري ڪڻڪ کي سرڪاري گودامن تائين پهچائي ان کي ڪجهه وقت لاءِ محفوظ ڪري ۽ پوءِ سال جي نومبر مهيني کان فلور ملن ۽ اٽي جي چڪين کي ڪڻڪ جي فراهمي سرڪاري اگهه تي ڪري ته جيئن صوبي ۾ اٽي جي کوٽ پيدا نه ٿئي ۽ عوام کي سرڪاري اگهه مطابق اٽو فراهم ٿيندو رهي. انهيءَ سڄي خريداري جي عمل ۾ سنڌ سرڪار اربين رپيا خرچ ڪندي آهي ۽ خوراڪ کاتي کي اربين رپين جي سبسڊي به ڏيندي آهي. بينڪن کان قرض پڻ کنيو ويندو آهي ته جيئن عوام کي اٽو مقرر اگهه تي فراهم ڪري سگهجي، پر عوام کي ڪڏهن به سرڪاري اگهه تي اٽو نه ملندو آهي. هن وقت به جڏهن سرڪاري اگهه 120 رپيا ڪلو آهي ته عوام 160 رپيا في ڪلو اٽو وٺڻ تي مجبور آهي ته پوءِ سوال ٿو پيدا ٿئي ته ايتري رقم خرچ ڪرڻ جي باوجود خوراڪ کاتو عوام کي رليف ڏيڻ ۾ ناڪام ڇو آهي؟ جڏهن ته انهيءَ کاتي جا عملدار روز روز ڪروڙ پتي مان ارب پتي ٿيندا رهن ٿا. ڪڻڪ جي بارداڻي خريد ڪرڻ کان وٺي ڪڻڪ جي خريداري تائين، خريداري سينٽر، اتي پڻ چوڪيدار موجود هوندا آهن، سينٽرن کان گودامن تائين ڪڻڪ پهچائڻ لاءِ ٽرانسپورٽيشن جو خرچ، ڪُل وقتي ۽ جز وقتي ملازمن ۾ هيراڦيري ڪرڻ، ڪڻڪ جي ٻورين ۾ مٽي ملائڻ اهي هاڻي ننڍيون ڳالهيون ٿي ويون آهن. هاڻي ڪڻڪ گودام تي پهچڻ کانپوءِ 5/5 لک ٻوريون گودام مان گم ٿين ٿيون، جتي 24 ڪلاڪ چوڪيداري سسٽم هلندو رهندو آهي ۽ شايد سي سي ٽي وي ڪئميرائون به لڳل هونديون آهن. آخر ڪنهن کان پڇاڻو ڪجي ته ايتري سيڪيورٽي هجڻ جي باوجود ايتري وڏي تعداد ۾ ڪڻڪ چوري ڪيئن ٿي ٿئي؟ جواب بنهه سادو آهي ته ننڍي آفيسر کان ويندي منسٽر تائين سڀئي پنهنجي حيثيت مطابق حصو حاصل ڪن ٿا. بس ڪڏهن ڪڏهن ڏيکاءُ خاطر انڪوائري ڪئي وڃي ٿي، پر ان جو به ڪو کڙ تيل نه ٿو نڪري، انهيءَ ڪري آفيسرن کي ڪوبه ڊپ ڊاءَ نه آهي ۽ هر سال ائين ئي ٿيندو رهي ٿو. گذريل سال ٽي ارب رپين جي ڪڻڪ چوري ڪئي وئي ۽ هن سال پنج ارب رپين جي ته پوءِ اسان اڳڪٿي ڪري سگهون ٿا ته يقينن ايندڙ سال ڏهه ارب رپين جي ڪڻڪ چوري ٿيندي. اخبارن ۾ خبرون اينديون ٻه ٽي ننڍا ملازم معطل ۽ برطرف ٿيندا ۽ وري بحال ٿيندا. اهو چرخو ائين ئي هلندو رهندو. ائين ئي عوام کي بيوقوف بڻايو ويندو ۽ ائين ئي عوام جي کيسي مان اٽي جي وڌيڪ قيمت ڪڍي ويندي. سمجهه ۾ نه ٿو اچي ته انهيءَ بدانتظامي ۽ چوري کي ڪير روڪيندو جڏهن ته سڀ جا سڀ خوراڪ کاتي جا آفيسر انهيءَ ۾ ملوث هجن ٿا. جڊيشري نوٽيس وٺي، پر ان وٽ به پهرين کان ڪيترائي ڪيس پينڊنگ ۾ پيل آهن، نگران حڪومت ۾ ڪجهه آسرو هو، پر انهن جا به لڇڻ ساڳيا آهن. ايندڙ حڪومت بظاهر ائين نظر ٿي اچي ته گذريل 15 سالن جي حڪومت جو تسلسل هوندي، انتهائي مايوسي ٿئي ٿي جڏهن ملڪ جي ٻين صوبن طرف نهاريون ٿا. يقينن اتي به ڪوتاهيون هونديون، پر جهڙو انڌير سنڌ صوبي جي کاتن ۾ آهي، اهڙو ڪٿي به نه آهي ۽ اهو انڌير ختم ٿيندي نظر نه ٿو اچي. بس هڪ اميد عوام ۾ آهي ته کانئس ووٽ گهرندڙ اميدوارن کي اهي سڀ ڳالهيون ٻڌائي ۽ ايندڙ وقت لاءِ کانئن دستاويزن تي لکرائي وٺي ته ايندڙ حڪومت ۾ اهڙي قسم جي ڪرپشن نه ٿيندي، ڇو ته اهو ناڻو عوام جو آهي ۽ پنهنجي ناڻي جي چوڪيداري پڻ عوام کي ڪرڻي پوندي.