ايران ۾ اسڪول وڃڻ کان روڪڻ لاءِ ڇوڪرين کي زهر ڏيڻ جو انڪشاف
ايران جي تسنيم خبر پهچائيندڙ ايجنسي مطابق اڱاري ڏينهن منجهند جي وقت صوبي تهران جي شهر پرديس ۾ واقع خيام گرلز اسڪول ۾ ڪيترن ئي شاگردياڻين کي زهر ڏنو ويو.
غير ملڪي ميڊيا مطابق هن ڳالهه جو انڪشاف ايران جي صحت جي نائب وزير يونس پناهي ڪيو، جنهن جو چوڻ آهي ته ايران ۾ اسڪول جي شاگردياڻين کي زهر ڏنو ويو، ڇو ته ڪجهه ماڻهو ڇوڪرين جي تعليم کي روڪڻ چاهين ٿا. رپورٽن مطابق گاديءَ جي هنڌ تهران جي ڏکڻ ۾ واقع قم ۾ گذريل سال نومبر کان اسڪول جي شاگردياڻين ۾ زهر سبب ساهه کڻڻ جي تڪليف جا سوين ڪيس سامهون آيا جن ۾ ڪيترن ئي ڇوڪرين کي اسپتال ۾ داخل ڪرايو ويو. آچر تي صحت جي نائب وزير يونس پناهي واضح طور تي تصديق ڪئي ته ڄاڻي واڻي ڇوڪرين کي زهر ڏنو ويو هو. ايراني خبر پهچائندڙ ايجنسي مطابق يونس پناهي چيو ته ڪجهه ماڻهون چاهين ٿا ته خاص طور تي ڇوڪرين جا اسڪول بند ڪيا وڃن.

