خاص

آمريڪا سان بگڙيل لاڳاپا سڌارڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون: شهباز شريف

وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته آمريڪا سان لاڳاپا بگاڙڻ جي اسان کي ڪهڙي ضرورت هئي؟ آمريڪا سان لاڳاپا ٻيهر بهتر ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون. پوليس سروس آف پاڪستان جي 48 هين ايس ٽي پي بيچ جي پاسنگ آئوٽ پريڊ واري تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته پوليس دهشتگرديءَ جي خاتمي لاءِ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي، اسان پنهنجو حق ادا نه ڪيو ته ايندڙ نسل معاف نه ڪندو، پاڪستان ڏکي صورتحال مان نڪري رھيو آھي، ٻوڏ متاثرن کي کاڌي پيتي سميت هر سهولت فراهم ڪري رهيا آهيون، پوليس اهلڪارن جون قربانيون ضايع نه ٿينديون، قوم جون نياڻيون زندگيءَ جي هر شعبي ۾ اڳتي وڌي رهيون آهن ۽ ملڪ جي ترقي ۾ ڪارائتو ڪردار ادا ڪري رهيون آهن. ان موقعي تي وزيراعظم چيو ته جيڪڏهن ويزن، عزم، امانت ۽ ايمانداري هجي ته واري به سون بڻجي ويندي آهي، جنهن جو مثال دبئي اسان جي آڏو آهي، وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته سالن کان المارين ۾ دفن اسپتال سميت ڪيترن ئي منصوبن تي سعودي وفد ۽ ولي عھد محمد بن سلمان کان معافي ورتي، سعودي ولي عھد 12 ارب ڊالر جي آئل ريفائنري جو منصوبو کڻي پاڪستان اچي رھيو آھي.