دل جي دورن سبب پهچندڙ نقصانن جي تلافي ڪرڻ وارو بايو جيل
سائنسدانن هڪ نئون بايو جيل ٺاهيو آهي جنهن کي انجيڪشن ذريعي رڳن ۾ وجهي دل جي دوري سبب ٿيندڙ نقصانن کي ختم ڪري سگهجي ٿو، جڏهن ته هي جيل مريض اندر داخل ٿيندي ئي پنهنجي تاثير ڏيکارڻ شروع ڪري ڇڏي ٿو. سان ڊياگو ۾ قائم يونيورسٽي آف ڪيليفورنيا جي تحقيق ڪندڙن جي ٽيم هي بايو مٽيريل ٺاهڻ لاءِ هڪ ڏهائي کان وڌيڪ عرصي کان ڪوششون ڪري رهي آهي. هن ايجاد جي آزمائش ڪوئن تي ڪئي وئي جيڪا ڪامياب رهي، آزمائش ۾ هن جيل دل سبب ٿيندڙ نقصان جي تلافي ڪئي ۽ سوڄ کي گهٽ ڪيو ۽ هاڻ سائنسدان ايندڙ هڪ کان ٻن سالن ۾ هن جيل جي آزمائش انسانن تي ڪرڻ بابت سوچي رهيا آهن.

