ست رنگي سانول
پروفائل
مون ھن کي پھريون ڀيرو فيس بڪ تي پڙھيو. بس پڙھيم ڇا؟ ھن جي شاعري دل ۾ گھر ڪري ويئي. ھن جي فيس بڪ تي لڳاتار پوسٽ ٿيندڙ شاعري جو معيار ۽ مقدار ايترو ته گھڻو ھو جو مونکي ان تي لائيڪ ۽ ڪمينٽ لاءِ فوري طور تي اھڙا ضخيم لفظ نه ملندا ھئا، جيڪي ھن جي ڪويتائن جي سونھن ۽ سگھ جي ڀرپور ترجماني يا عڪاسي ڪري سگھن. ھونئن به فيس بڪ جو ايڏو وڏو ڪينواس آھي ئي ڪونه ۽ نه ئي اُن تي پڙھندڙن جو اھڙو ڪو ذوق ۽ مزاج آھي جو ويھي ايڏي وڏي ٽيڪاٽپڻي ڪجي. بس مڙئي واھ واھ، لاجواب، شاندار ۽ ٻيا ابتا سبتا رنڍا روڙي (رمارڪس ڏئي) فيس بڪ جو پيٽ ڀريو وڃي ٿو. فيس بڪ جتي چانھ جي ڪوپ تي شيئر ڪيل فوٽو تي لائيڪس ۽ ڪمينٽس جي لانڍ لٿي پيئي ھوندي آھي، اتي ڪنھن جينيس (Genius) ڪلاڪار جي فن ۽ فڪر جي ڪھڙي ڪٿ ڪري سگھجي ٿي؟ ۽ ان جي ڪوتا جي روح تائين ڀلا ڪيئن پھچي سگھجي ٿو؟
درد !!
رات تُرخانن وٽ آيو هئس،
هُنن ازالو ڪيو،
۽ ناچُو ڇوري موٽائي ڏِنائون.
پر درد صُبح ٿيندي ئي،
ڏند ڪرٽڻ لڳندو آهي.
ڇو ته ڀڳوان هُوندي به-
مُنهنجي گنگا وَتي جو گهر سَڙي ويو۔
هاڻ سانول!
سنڌو سان نِڪري وڃ!؟
ڇو ته ٺَٽي جا فرنگي،
بَتيلا ڇڏي،
وَستين ۾ ڪاهي پيا آهن۔۔۔
اڳتي ھلي جڏھن فيس بڪ جي لاڳاپي سان منھنجي ھن سان واقفيت وڌي فون تائين پھتي، ته خبر پيئي ته ھي نوجوان منھنجي اباڻي ڳوٺ جي ڀر واري ڳوٺ ”ڏيئي“ جو رھواسي آھي. منھنجو جنم ته جيتوڻيڪ سنڌ راڻيءَ ۽ مير باگي جي عشقيه داستان جي سونھن ۽ سرھاڻ سان رچيل شھر ٽنڊو باگو ۾ ٿيو، پر منھنجي وڏڙن جو پيدائشي ڳوٺ ”کوسا“ آھي، ۽ انھن جو ڪاروبار کوسا ڳوٺ جي ويجھو ”ڏيئي“ ڳوٺ ۾ رھيو آھي، جيڪو وڌي ھاڻي چڱو خاصو شھر ٿي ويو آھي. ننڍي ھوندي اڪثر اسڪول جي ڇٽي ڇھ ماھي موڪلن ۾ ڏيئي شھر وڃڻ ٿيندو ھو، ته اتي ٽڪبو به لازمي ھو. پنھنجي اباڻي دڪان تي وڪري لاءِ رکيل کليل بسڪيٽ ۽ بنا پني (ريپر) جي ڪٽي ۾ ايندڙ رنگ برنگي کليل کٽمٺڙن، ريوڙين ۽ مصري پتاشن کائڻ جو خوب مزو وٺبو ھو. ٻھراڙين سان ننڍي ھوندي جي تعلق ھئڻ سبب اتي جي عام زندگي ۽ ماحول جي مشاھدي جو جام موقعو مليو ۽ انھي جي پاڻ کي ڀلي ڀت (چڱي خاصي) ڄاڻ به آھي. سانول جڏھن فون تي ٻڌايو ته سندس واسطو به ڏيئي ڳوٺ سان آھي تہ منھنجا ته طاق لڳي ويا. نج ٻھراڙي جو ڳوٺ جتي نه بھتر ۽ معياري اسڪول، نه بنيادي سھولتون، نج وڏيرڪو سماج، ۽ نه ئي وري مطالعي جو ڪو بھتر ماحول، ته اتان ھي نوجوان ڪلاڪار ڪيئن نڪتو؟ جنھن جي شاعري ۾ اسلوب، فن ۽ ٽيڪنڪ جي پختگي کي کڻي مڃي به وٺجي، پر ھن جي شاعري ۾ عالمي حوالا (بين الاقواميت)، جديد قدرن ۽ خيال جي ايڏي وڏي اڏام ۽ گھرائي ڪيئن ٿي سگھي ٿي؟ ايڏي وڏي ڀلي شاعري ھڪ اھڙو نوجوان ڀلا ڪيئن ڪري سگھي ٿو، جنھن جي نه ايڏي عمر، نه تجربو ۽ نه ئي وري مشاھدو ھجي؟ ۽ ساڳئي وقت وري جنھن نج ڳوٺاڻي پوئتي پيل دقيانوسي جاگيردارانه سماج ۽ ابتڙ حالتن ۾ اکيون کوليون ھجن؟
وري جڏھن سندس شاعري جو ڪتاب ”خالي مزار“ ڇپجي آيو ته حيدرآباد ۾ ملڻ، ڪچھري ڪرڻ ۽ پنھنجو ڪتاب ڏيڻ جو چيائين ته مونکي ان بھاني سندس ادبي قد ڪاٺ ماپڻ جو موقعو ملي ويو. خانه بدوش ۾ لڳايل شيخ اياز ميلي ۾ چانھ جي ڪوپ تي ھن سان خوب ڪچھري ٿي. فيس بڪ ۽ فون کانپوءِ منھنجي ھن سان اھا پھرين ملاقات ھئي. سانورو رنگ ڳوٺاڻو انداز ھن جي چھري تي مڇن جي ساوڪ به اڃا مس آئي ھئي. ھن عمر جي ڳاڙھ ڳلا ڇوڪرن کي ته مون اڪثر ڌرتتي جو ڪنھن جي گھر ۾ کڙا/ پٿر اڇليندي ڏٺو آھي يا گھٽين ۾ آواراگردي ڪندي يا اٽي ۽ ڏڪر يا ست ستولي راند ڪندي ڏٺو آھي. ھن وھي ۾ جڏھن نوجوان گھڙيا يا اڻ گھڙيا عشق ڪري ان جي سحر ۾ مست ھوندا آھن، ته وري ھن کي ان عمر ۾ ڪھڙو ويراڳ ورتو ھو جو ڇڙواڳ ۽ الڙ جواني جي چلولاين ۽ موج مستين کي تياڳي ڪلا کيتر جي رڻ پٽ ۾ ائين نڪري پيو ھو، جيئن مھاتما گوتم ٻڌ محل ماڙيون تياڳي جھنگ جو منھن ڪيو ھو.
جھڙ مان نڪتي تڙ تي تڙڳي،
مشڪ ته آخر خشڪ به ٿيندي.
گونجي پوندڙ گونگي ٻولي،
يار جدائي ڦٿڪي پوندي،
پٽ تي پوندي جھلجي پوندي.
اھڙا انيڪ انسان آھن جيڪي ھڪ ئي دڳ يا ٽريڪ (Track) تي ھلندي پنھنجي پوري حياتي گُذاري ڇڏيندا آھن ۽ اُن کي ئي پنھنجي زندگي جو انتھائي مزو ۽ ڪل ڪائنات سمجھندا آھن. جينيس (Genius) ماڻھن ۾ اھڙو ڇا آھي جو ھنن کي عام ماڻھن جيان ھڪ ئي ٽريڪ تي زندگي گھاريندي مزو ناھي ايندو ۽ ھو پنھنجي الڳ سڃاڻپ ۽ منزل واري رستي تي نڪري پوندا آھن!؟ منھنجي خيال ۾ اھو عشق ئي آھي جيڪو کين الڳ ۽ منفرد ڪائنات جا اسرار پسائيندو آھي ۽ پوءِ جڏھن اھي عشق جا اسرار من اندر ۾ پنھنجو آکيرو ٺاھي راس ڪندا آھن ته ان کانپوءِ ھو ڪنھن گوتم جي روپ ۾ ماڻھن کي آواگان جو اپديش ڏيندا آھن ته ڪڏھن وري سانول جمالي جي روپ ۾ فطرت مٿان ڍڪيل چادر لاھي ڪلا جي روپ ۾ انجي سونھن سوڀيا ۽ سچائي کي نروار ڪندا آھن.
ڪُنوارپ ۾ پيٽَ !!!
آئُون هِڪ اهڙي جبل جي
ٻوٽي آهيان،
جنهن کي کائِڻ سان،
توکي ڪُنوارپ ۾ به،
پيٽ ٿي سَگهي ٿو۔
اُن مَٿان نِڪاح جو پاڻي پيئجان،
جيئن تون هڪ ٻار جي،
ماءَ سَڏائي سگهين.
سانول جمالي جي شاعري ۾ آخر ڪھڙا اسرار آھن ۽ ان جا ڪھڙا محرڪ ٿي سگھن ٿا، جيڪي ھن کي ڪوتا جي منڊل ۾ اوچي پد تي پھچائن ٿا؟ سندس جنم ڀوميءَ جي حدن ۾ ويجھڙي ماضي ۾ باگي واھ جي ڪنڌيءَ تي جنم وٺندڙ مير باگي خان ۽ سنڌ راڻيءَ جي سونھن ۽ سرھاڻ سان رچيل پيار جو داستان؟ يا سندس ڳوٺ جي کيتن جي چيڪي مٽي ۾ سرجندڙ ساوا کيت؟ نٽھڻ اُس ۾ ڇنل ڦاٽل ڪپڙن ۾ بکايل ميرڙا گدلا ٻارڙا جن جو آئيندو ڪنھن سيٺ جو وڏو پيٽ ڳڙڪائي ويو آھي يا رئيس وڏيري جي ويگو جيپ جا ٽائر چيڀاٽي ويا آھن؟ يا سھائي رات جڏھن چنڊ پنھنجي جوڀن تي ھوندو آھي، تڏھن ڪڙيئي (واھ) جي ڪپ تي دنيا جھان جي خطرن کان بي نياز ٻه پيار ڪندڙ دليون ۽ پوءِ ڀريل (ٻکيل) ڀاڪرن کي جدا ڪندڙ قھري ڪھاڙيون؟ ايٿوپيا جو ڏڪار؟ يا آفريڪا جون انگ اُگھاڙيون عورتون؟ يا آءِ ايم ايف جون ارھ زوراوريون؟؟
نذرانُو!!
توکي لَڳ جو،
جِنهن پکي طَريقو سيکاريو،
اهو عبادت به ڄاڻندو هو۔
توکي ته صِرف،
ڪپڙا ڦاڙڻ اَچن ٿا۔
مُون طَوائِف جي بددُعا آھي،
توکي هڪ ڏينهن،
ڌيءَ جو اولاد ڄمي….
ڪھڙو ڏيھي يا پرڏيھي موضوع ۽ مسئلو آھي جنھن تي ھن نئين ٽھي جي نينگر، جنھن جي چپن تان اڃا ڇٺي جو کير سڪو به ناھي، طبع آزمائي ناھي ڪئي؟ جتي ھو فلسطين جي جلاوطني جو درد ۽ ڪرب، جنھن کي ھو پنھنجي من اندر جي پيڙا سمجھي ٿو، ان کي اظھاري پنھنجي شاعري کي عالمگير ڪينواس تي کڻي وڃي ٿو، ته اتي ھو اڀ ۾ منڊل منڊيندڙ انڊلٺي رنگن جي عڪاسي ڪري فطرت جو شاعر به چوائي ٿو. ھن جي شاعري ۾ جتي پراڻن لوڪ قصن ۽ پيار محبت جا داستان موجود آھن ته اتي ھن جديد دور سان گڏ بدلجندڙ معيارن ۽ قدرن تي به پنھنجو قلم کنيو آھي. سانول جي پابند شاعري ۾ ته پختگي آھي ئي ۽ ڀلوڙ به. پر ھن جي آزاد نظمن جو ڪو جواب ناھي. ھن جي تجريدي (abstract) انداز/پيرايي ۾ لکيل آزاد نظمن جي اسلوب، گھاڙيٽي ۽ ڏانءُ جي پنھنجي زمين (پلاٽ) آھي، جيڪا ھن جي خيال کي مٿي کڻي اچي ٿي ۽ کيس ھڪ جنگجو سپھ سالار جيان جنگ جي ميدان ۾ پھرين صف ۾ بيھاري ٿي.
نَقاد !!!
گِهميلَ راتَ ۾ ٻارَ جي،
چيچَ جَهلي.
چنڊ جي فِليٽَ تي،
ڪَڏهن به مُون نظم ناهي لِکيو.
نَقادَ!
تُون ڪئين ٿو چَوين،
آئُون شرابَ پي مُئو آهيان !!!!؟
جيتوڻيڪ ننڍي ڄمار (ٿوري عرصي) جي باوجود ھن جي شاعري ڪافي پنڌ ڪيا آھن ۽ ڪشالا ڪڍيا آھن. ان ڪلا کيتر جي پنڌ ۾ ھن جتي نوان جھان ڏٺا آھن ۽ نوان تجربا ڪيا آھن ته اتي ھن کي اڄاڻ رستن ڀٽڪايو به ضرور آھي انھي ڪري شايد ڪٿي ڪٿي ھن جي شاعري ۾ ٿڪاوٽ ۽ وکري وڃڻ جو احساس به نظر اچي ٿو!؟ ڪلا کيتر جي ھن اڻانگي پنڌ ۾ ڪٿي ڪٿي ھلندي ھلندي ھن بي خيالي ۾ وري ساڳئي رستي تي ھلي (شاعري ۾ ورجاءِ) پنھنجو وقت به وڃايو آھي. ڪٿي ڪٿي وري ھن جي مسافري (شاعري) جي ماڳ لاءِ کنيل اڻپوري وکر (فني ڪوتاھين) جو به احساس ٿئي ٿو ۽ ڪٿي وري ھو ماڳ لاءِ آسان ۽ سھل رستو جيڪو منزل ڏانھن وڃي ٿو، ان جي چونڊ ڇڏي، ھرو ڀرو طويل، مشڪل ۽ ور وراڪن وارو رستو اختيار ڪري ٿو. ان مان منھنجي مراد آھي ته ھو ڪڏھن ڪڏھن پنھنجي شاعري ۾ مشڪل علامتون، تشبيھون ۽ محاورا استعمال ڪري ٿو، جيڪي نه صرف عوام جي پلئه نٿا پون، پر چڱن خاصن ادبي پارکن جي عقل فھم ۾ به نٿا آئڙن. جيتوڻيڪ ادب جي ٻولي، لفظن جي چونڊ، علامتن، محاورن يا تشبيھن جو استعمال شاعر جو نجي معاملو آھي ۽ ان تي تنقيد ٺھي ڪانه ٿي، پر انھي جي باوجود به جيڪڏهن شاعري جي ادائگي (سرجڻ) جو ڪو آسان ۽ عام فھم طريقو آھي ته ان تي تخليقڪار کي ضرور طبع آزمائي ڪرڻ گھرجي. منھنجي سانول جمالي جي شاعري تي ڏنل ان راءِ مان اھو مقصد قطعي (ھرگز) ناھي ته ڪو ھن جون لکڻيون معياري نه آھن يا فني جھولن سان ڀريون پيون آھن. ھو جنھن تيز رفتاري سان لکي رھيو آھي ۽ معياري لکي رھيو آھي، ان لاءِ آئون يقين سان چئي سگھان ٿو ته ھو ھڪ ڏينھن ڪلا کيتر ۾ پنھنجو الڳ مقام ضرور ٺاھيندو، بلڪه ڪنھن حد تائين ھو اھو ٺاھي به چڪو آھي، جو پڙھندڙ ھن کي منفرد انداز ۽ الڳ ڊڪشن Diction سان سُڃاڻڻ لڳا آھن.
کير !!!
منهنجي به ڇاتين ۾،
هاڻي کير ناهي رهيو.
ڇو ته موسم جي پَڇاڙ ۾،
آئون ڪَوٺَي تي وَڃي،
روزَا جو رکندي آهيان۔۔۔!!!
سانول سان روبرو ڪچھري ۾ رڳو انھي ڪري مزو نه آيو ته ھو ھڪ ڀلو شاعر آھي. اھو ته ھو آھي ئي ۽ ان ۾ ذري برابر جو شڪ به ڪونھي، پر ھن سان ڪچھري ۾ ڪجھ انھي ڪري به مزو آيو جو ھن جو مطالعو به ٺيڪ ٺاڪ آھي. ان عمر جا ڇوڪرا ادب، فلسفي يا ٻين موضوعن تي ته ٺھيو، پر نصابي ڪتاب به ڪونه ٿا پڙھن. جڏھن ته ھن سان منطق، فلسفي ۽ عالمي ادب جي حوالي سان گفتگو ٿي ته محسوس ٿيو ته نوجوان ۾ واقعي دم آھي. اھا جي ھن نوجوان جي مطالعي ۽ مشاھدي جي رفتار رھي ته اڳتي ھلي نه صرف ھو ھن ڌرتي جو وڏو ڪلاڪار ٿيندو بلڪ ھن جو ھڪ چٽو، واضح ۽ متاثر ڪندڙ ويجن (Vision) به ھوندو، جنھن جي خوشبوءِ ڏور ڏيھن تائين دلين کي معطر ڪندي رھندي.
پاڻ جڏھن کان پڙھڻ ڇڏيو،
درسي کٽ کي پائو ڪونھي،
پاڻ ٻنھي مان سائو ڪونھي.
انب جو رس پيئڻ کانپوءِ،
ڏاڙھون ڪون ڏٺا مون آھن.
واڍي کي تہ وڏائي آھي،
درزي پاڻ مليو ھو مونسان.
قسمت جي ڪاري ڪڙتي کي،
سيبا ڏيندو ابتا سبتا.
توکان وسريا توکي پرتا،
ڪاري رات ڪسر جا ڏينھڙا…
ھن مختصر پر جامع ڪچھري ۾ سانول جمالي اھو ٻڌايو ته ھو اڄ ڪلھ پنھنجي ناول تي ڪم ڪري رھيو آھي. ناول يا ڪھاڻي جو ذڪر ٿئي ۽ ان ۾ وري علي بابا جو ذڪر نه نڪري ته اھو ممڪن ئي ناھي. ھي نوجوان به مون وانگي سنڌي مھان ليکڪ علي بابا جو شيدائي نڪتو. مون علي بابا کي گھرن، گھٽين ۽ واھڻ وستين ۾ آوارہ بادلن جيان گھمندي ڦرندي ڏٺو ھو ۽ ھن سان ڪئين رھاڻيون به ھيون. ھڪ اھڙي شخصيت جنھن کي نه ميڪ اپ ڪيل ھوندو ھو ۽ نه ئي ڪاسٽيوم ھن جي ڪمزوري ھئي. لوڪ ھن لاءِ ڇا ٿو سوچي؟ ان جي ھن کي ڪڏھن پرواھ نه رھي. ھو سنڌي ادبي کيتر جو واقعي وڏو ماڻھو ھو يا ائين کڻي چئجي ته ليجنڊ (Legend) ھو. ڪچھري ھلندي نوجوان سانول جمالي شڪايت ڪئي ته کيس ادبي کيتر ۾ اھو مان نٿو ڏنو وڃي، جيتري ھن جي ڪلا لھڻي ٿي. مشاعرو ھجي يا ڪو ٻيو ادبي پروگرام ھن کي سدائين پوئين سيٽ نصيب ٿئي ٿي ۽ ڪٿي ته وري ھن کي ڪوتا پڙھڻ جو موقعو به نٿو ڏنو وڃي. پاڻ واري ادبي دنيا ۾ ”تون مونکي حاجي چئو آئون توکي گاجي (غازي) چوان“، واري ڪار لڳي پئي آھي. ادبي پروگرامن ۾ سٺا ليکاري گھٽ، پر سرڪاري ٻولڙيا اديب اسٽيج يا اڳين ڪرسين تي زيادھ براجمان نظر ايندا. مونکي ياد آھي، اھڙا کوڙ سارا اديب جن کان عھدي ۽ معاشي اسٽيٽس سبب ادبي پروگرامن جون صدارتون ڪرايون وينديون ھيون، پر اڄ انھن جو ادبي تاريخ ۾ ھڪ سٽ ته ڇا ھڪ لفظ ۾ به ذڪر ڪونھي. تاريخ ڪڏھن به ٻيائي ڪونه ٿي ڪري ۽ مٽي ڪڏھن به خيانت نه ٿي ڪري. تنھنڪري مون سانول جي شڪايت دور ڪندي چيو ته تنھنجو تخليقي پورھيو فقط تنھنجو ئي ورثو آھي اھو ڪڏھن به رائگان يا برباد نه ٿيندو. بس اھا ڪڙي حقيقت آھي ته تون ڌرتي جي دردن ۽ انسان جي ابدي آس ۽ آجپي ۽ فطرت جي سونھن ۽ سچائي سان جڙيو رھ ۽ ڪڏھن به انھن سان ويساھ گھاتي نه ڪجان ۽ ڪڏھن به اجائي خوش فھمي جو شڪار نه ٿجان. مطالعو مشاھدو ۽ ڌرتي ۽ ڌرتي جي ماڻھن سان ڪمٽمينٽ ھڪ اھڙي سگھ آھي جيڪا ڪلا کي سونھن بخشي برقرار رکي ٿي ۽ بيٺل پاڻي جيان ان کي گندو ٿيڻ نٿي ڏي. مطالعو، مشاھدو ۽ فڪري سچائي ھڪ اھڙي معجزي جيان آھي يا ائين کڻي چئجي اھا ڇھين حس جيان آھي جيڪا ڪلاڪار کي حيرتن جي جھان ۾ وٺي وڃي ٿي ۽ عجب اسرار پسائي ٿي ۽ جڏھن ڪلاڪار اھي اسرار ڪلا جي روپ ۾ موٽائي ٿو ته سارو جڳ ان سونھن ۽ سرھاڻ سان واسجي اٿي ٿو. اھڙي سندر رچنا آخر ڪيئن فنا جو منھن ڏسي سگھي ٿي؟ ڀلا جي رچنا کي فنا ناھي ته ان جو رچيندڙ ڪيئن موت جي منھن ۾ وڃي سگھي ٿو؟ ھاڻي اھو توتي ڇڏيل آھي ته تون ڪيترو ۽ ڪيتري وقت تائين ان ڪلا سان جڙيو رھين ٿو. اھو ڪلا سان جڙيو رھڻ (Commitment) ئي تنھنجي ابديت جو فيصلو ڪندو. لوح قلم (تاريخ جي پنن) تي اھو ئي لکيل آھي.