خاصدنيانيو‍‍ز

چين مان امدادي سامان کڻي هڪ ٻيو جهاز پاڪستان پهچي ويو

چين مان امدادي سامان کڻي هڪ ٻيو جهاز پاڪستان پهچي ويو آهي. نيشنل ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽِي (اين ڊي ايم اي) جي ترجمان چيو آهي ته حڪومت ۽ عوام جي طرفان چين جا ٿورائتا آهيون. هن وڌيڪ چيو ته صوبا جيتريون به ٽيسٽون ڪرڻ چاهين ٿا ڪن سامان جي ڪابه کوٽ ناهي. اين ڊي ايم اي جي ترجمان چيو ته ڪورونا وائرس جي مريضن لاءِ وينٽيليٽرن کان وڌيڪ آڪسيجن جي ضرورت آهي. نيشنل ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي جي ترجمان چيو آهي ته صوبن کي 250 وينٽي ليٽر ڏيئي چڪا آهيون. اين ڊي ايم اي جي ترجمان چيو هو ته اسان وٽ وڌيڪ 600 وينٽي ليٽر موجود آهن، پشاور ۽ ڪراچي وڃي صورتحال جو جائزو وٺنداسين. هن وڌيڪ چيو ته مون کي اميد آهي ته لاهور جي ضرورت پوري ڪئي ويندي. ياد رهي ته پاڪستان ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وگهي رڪارڊ 111 فوتگيون ٿيون جنهن کانپوءِ فوتگين جو گڏيل انگ 2 هزار 839 ٿي ويو آهي.