خاص

پهرين جون تي اسڪول کولڻ ممڪن نظر نٿو اچي: تعليم وارو وزير

تعليم کاتي واري صوبائي وزير سعيد غني چيو آهي ته اسان پهرين جون تي اسڪول کولڻ جو اعلان ڪيو هو، پر موجوده حالتن ۾ اسڪول کولڻ ممڪن نظر نٿو اچي. جلد اسٽيئرنگ ڪاميٽي جو اجلاس سڏائي حتمي فيصلو ڪيو ويندو. ڪالهه سنڌ اسيمبلي جي آڊيٽوريم هال ۾ صوبائي وزير امتياز شيخ سان گڏ پريس ڪانفرس ڪندي هن وڌيڪ چيو ته سنڌ حڪومت سمورن خانگي ادارن کي ملازمن  فارغ نه ڪرڻ جو پابند ڪيو ھو، پر پوءِ به ملازمن کي فارغ ڪرڻ جون شڪايتون اچي رهيون آهن ته انهن کان زبردستي استعيفائون ورتيون پيون وڃن. اسان اعلان ڪيو هو ته سمورا خانگي اسڪول اپريل ۽ مئي جي فين ۾ 20 سيڪڙو رعايت ڏيندا ۽ پنهنجن ملازمن کي پگهارون جاري ڪندا، پر خانگي اسڪولن وارا عدالت ۾ ويا آهن ۽ عدالت اسٽي آرڊر جاري ڪيو آهي، پر نوٽيفڪيشن جي ٻئي حصي کي بحال رکيو آهي ته سمورا اسڪول پنهنجن ملازمن کي پگهارون ڏيندا ۽ ڪنهن کي به فارغ نه ڪندا