لاڪ ڊائون بابت حتمي فيصلو وزيراعظم ڪندو: وڏو وزير

ڪالهه وڏي وزير مراد علي شاهه وڊيو لنڪ ذريعي وزير اعليٰ ھائوس کان اسلام آباد ۾ وفاقي وزير اسد عمر جي صدارت ھيٺ اين سي او سي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي، جنھن ۾ لاڪ ڊائون بابت معاملن ۽ خاص طور تي 9 مئي کانپوءِ قدم کڻڻ بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. اجلاس ۾ گلگت بلتستان سميت ٻين صوبن جي وڏن وزيرن شرڪت ڪئي. وزير اعليٰ ھائوس جي ترجمان موجب وڏي وزير چيو ته ڪورونا وائرس سبب ٿيندڙ فوتگين جي شرح نون ڪيسن خاص طور مقامي منتقلي ۾ اضافي سبب وڌي وئي آھي. اھڙي صورتحال ۾ اسان کي قومي ٻڌي سان فيصلا ڪرڻا پوندا. ان ڳالھ تي غور ڪيو ويو ته ڪھڙي ريت لاڪ ڊائون کي آساني سان ختم ڪيو وڃي، ڪھڙين ڪاروباري سرگرمين کي شروع ڪرڻ جي اجازت ڏني وڃي ۽ ڪھڙين سرگرمين کي بند رکيو وڃي. اجلاس ۾ مختلف شعبن تي ڳالھيون ٿيون ۽ ٻين صوبن وانگر وڏي وزير پڻ پنھنجون سفارشون ۽ مشاھدا پيش ڪيا. ڪاروباري سرگرمين جي آپريٽنگ ٽائيمنگ ۽ ايس او پين تي غور ڪيو ويو. افطار کان پھرين يا پوءِ متفقه ڪاروباري سرگرمين جي اجازت ڏيڻ تي ڳالھيون ٿيون. آخر ۾ اھو فيصلو ڪيو ويو ته وفاقي وزير اسد عمر تجويزن کي مستحڪم ڪندو ۽ حتمي فيصلو وزيراعظم ڪندو