پاڪستانخاصنئوننيو‍‍ز

 آمريڪا ۾ 16 سالن کانپوءِ موت جي سزا بحال

 آمريڪا جي صدر ڊونلڊ ٽرمپ پاران تشدد وارن ڏوهن تي سخت سزا ڏيڻ جي حڪمن تي عمل ڪندي آمريڪا ۾ موت جي سزا بحال ڪئي وئي آهي. صدر ٽرمپ جي حڪم اچڻ بعد آمريڪا جي اٽارني جنرل بل بار پاران زهر واري انجيڪشن وارو طريقو اپنائيندي مختلف موت جي سزا آيل ڏوهين مان پنجن جا نالا چونڊيا ويا آهن. هن سلسلي ۾ اٽارني جنرل بل بار جو چوڻ هو ته جسٽس ڊپارٽمينٽ جي ذميداري انصاف فراهم ڪرڻ آهي ۽ اسان عدالت جي فيصلن تي متاثرين ۽ ان جي مائٽن جي لاءِ سهولت جي حڪمن تي عمل ڪري رهيا آهيون. واضح رهي ته آمريڪا ۾ 2003 کان موت جي سزا تي پابندي لاڳو ٿيل هئي.