جهلم، چناب، سنڌو ۽ ڪابل درياءُ ۾ ٻوڏ جو امڪان
لاهور سميت پنجاب جي مختلف علائقن ۾ برسات سبب موسم خوشگوار ٿي وئي. ٻئي پاسي موسميات کاتي پاران جهلم، چناب، سنڌو ۽ ڪابل دريائن ۾ ٻوڏ جي وارننگ جاري ڪري ڇڏي آهي. ايندڙ ڏينهن ۾ مون سون اچڻ جي ڪري ٻوڏ اچڻ جو خطرو وڌي ويو آهي. هن وقت جهلم درياءُ ۾ منگلا جي مقام تي پاڻي جي آمد 60 هزار ۽ وهڪرو 11 هزار 215 ڪيوسڪ رهيو. ٻئي پاسي موسميات کاتي وارن مون سون جي ٽئين اسپل ۾ ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ وڌيڪ برسات جي پيشن گوئي ڪئي آهي.

