يوٽيلٽي اسٽور پٽڙيءَ تي چڙهي ويا، اپريل ۾ 4 ارب جي واڌو ڪمائي

رمضان رليف پئڪيج کانپوءِ اپريل مهيني ۾ يوٽيلٽي اسٽورن تي شين جي وڪري جي مقرر هدف کان 4 ارب رپيا وڌيڪ ڪمائي ٿي آهي. يوٽيلٽي اسٽورز ڪارپوريشن جي انگن اکرن موجب گذريل مهيني يوٽيلٽي اسٽورن تي 12 ارب 51 ڪروڙ 16 لک رپين جون شيون وڪرو ٿيون. جڏهن ته هدف 8 ارب رپيا مقرر ڪيو ويو هو، يعني هدف کان 4 ارب 51 ڪروڙ 16 لک رپيا وڌيڪ ڪمائي ٿي. لاهور زون جي ڪمائي سڀني کان وڌيڪ 2 ارب 30 ڪروڙ 81 لک رپيا رهي. اسلام آباد زون ۾ 2 ارب 30 ڪروڙ 56 لک رپيا، پشاور زون ۾ هڪ ارب 58 ڪروڙ 25 لک رپيا، ملتان زون ۾ هڪ ارب 61 ڪروڙ، فيصل آباد ۾ هڪ ارب 51 ڪروڙ، ايبٽ آباد ۾ هڪ ارب 24 ڪروڙ، ڪوئيٽا زون ۾ 26 ڪروڙ 17 لک، ڪراچي زون ۾ هڪ ارب 9 ڪروڙ رپيا ۽ سکر زون ۾ 61 ڪروڙ رپيا ڪمائي رڪارڊ ڪئي وئي