بلاگنئون

سنڌ جي سياست ۽ پيپلز پارٽي جي آخري اننگ

سنڌ جي سياست تيزي سان تبديل ٿي رهي آهي. پاڪستان اڳ ۾ ئي ڪي پي ڪي ۽ بلوچستان جي حوالي سان جنگ جي حالت ۾ آهي. جڏهن ته ملڪ جو واحد صوبو پنجاب ترقيءَ جي طرف وڌي رهيو آهي. پاڪستان جون فوجون کليل دل سان دهشتگرديءَ جو مقابلو ڪري رهيون آهن. جڏهن ته جعفر ايڪسپريس سانحي ملڪ کي هڪ نئين بحران ۽ پريشاني ۾ وجهي ڇڏيو آهي. ملڪ ۾ را ۽ ٽي ٽي پي سميت افغان دهشتگرد طالبان  جي شموليت ڏينهون ڏينهن وڌي رهي آهي. ڪي پي ڪي خوارج جي دهشتگردي خلاف وڙهي رهيو آهي. انهن عنصرن ۽ انهن جي سرپرستن طرفان سوشل ميڊيا ۽ ٻين ذريعن ذريعي رياست ۽ رياستي ادارن خلاف مهم پڻ هلائي پئي وڃي، پر رياست بدران سياست کي اهميت ڏني پئي وڃي. حڪومت جو انتظام ٺيڪ ناهي. ڪي پي ڪي حڪومت جي حڪمت عملي مناسب ناهي. نيشنل ايڪشن پلان جي بحاليءَ اميد جو هڪ نئون ڏيئو روشن ڪيو آهي. ملڪ هر طرف کان خطرن ۾ گھيريل آهي. سنڌ پاڻيءَ جي معاملي تي سراپا احتجاج آهي، بلوچستان اندر بلوچن جي نسل ڪشي ٿي رهي آهي. ڪي پي ڪي ۾ سهولتڪاري جا الزام به پي ٽي آءِ پاران قومي سلامتي جي اجلاس ۾ شرڪت نه ڪرڻ ۽ عمران خان جي شرڪت جي شرط معاملي کي وڌيڪ پيچيده بڻائي رهيا آهن. رياست بدران سياست جو اهو حال آهي ته ملڪ جي عوامي مفادن بدران انهن جون تشريحون پيش ڪيون وڃن ٿيون، جنهن سبب سياست ۾ به خراب مزاج پيدا ٿئي ٿو. جڏهن ته نيشنل ايڪشن پلان تي ماضي وانگر ان جي روح موجب عمل ڪيو ويو آهي، وقت اچي ويو آهي ته سياست بدران ملڪ کي اوليت ڏني وڃي. 25 ڪروڙ عوام پاڪستاني فوج سان گڏ هڪ پارٽيءَ کان سواءِ سڄي قوم هڪ صفحي تي آهي. اسان ڊاڪٽر عشرت العباد جي ان ڳالهه سان متفق آهيون ته گڊ گورننس ۽ نيشنل ايڪشن پلان تي عملدرآمد کانسواءِ صورتحال جي بهتري ممڪن ناهي. اپيڪس ڪميٽي جا صوبائي اجلاس باقاعدگي سان ٿيڻ گهرجن.

سوشل ميڊيا مهم کي به دهشتگردي جي زمري ۾ آڻڻ گهرجي. مخالف ڌر ۽ حڪومت کي ملڪي قوتن سان گڏ هلڻ گهرجي. ماضيءَ وانگر پاڪستان جون فوجون هر قسم جي دهشتگردي کي منهن ڏئي سگهن ٿيون. ملڪ جي معاشي حالت بدتر ٿي رهي آهي، هاڻي اچو سنڌ صوبي ڏانهن ڏسون جتي وڏي عرصي کان مسلسل پيپلز پارٽيءَ جي حڪومت رهي آهي. ڪراچيءَ سميت سنڌ جي هر ننڍي وڏي شهر ۾ دهشتگردي ۽ بدامني عروج تي آهي. هڪ رپورٽ موجب دهشتگرديءَ ۾ 243 ماڻهو مارجي ويا آهن. جڏهن ته اسٽريٽ ڪرائيم ۾ 250 ماڻهو مارجي ويا ۽ ڪيترائي زخمي ٿيا آهن. ڪراچي لاءِ سڀ کان وڌيڪ اثرائتو آواز جماعت اسلاميءَ جي حافظ نعيم الرحمان جو رهيو آهي، پر هو ڪراچي جو آواز بڻجڻ، ڪراچي جي ميئر ٿيڻ ۽ ايم ڪيو ايم کي ضم ڪرڻ جي ڊرامي ۾ ڦاسائڻ بعد اليڪشن کان بائيڪاٽ ڪري ويو هو، ڪراچي کي پ پ ۽ جماعت اسلامي کي غير فطري قرار ڏيئي 47 جو فارم ڏنو ويو، پي ٽي آءِ جي 30 ميمبرن کي سياست ڪري، پ پ کي سادي اڪثريت سان ميئر بڻايو ويو.

انهن ڏينهن ۾ سنڌ جو گورنر ۽ ميئر به پاڻ ۾ وڙهي رهيا هئا. جڏهن ته سنڌ جو گورنر عوامي ۽ مقبول گورنر هو. ليپ ٽاپ آئي ٽي ڪورس گورنر هائوس تائين عوامي رسائي   شڪايت سسٽم سميت سڄي دنيا ۾ افطار عوامي ۽ سماجي خدمتون تيز ٿي ويون هيون۔ گورنر پوري سنڌ خاص ڪري ڪراچي ڏانهن ڌيان ڇڪايو پر ان ۾ تعصب وارو نُڪتو نروار ٿيو ۽ اندروني طور صرف مهاجرن کي منظم ڪرڻ لڳو جيڪو سنڌ لاِءِ ڪنهن خطري کان گهٽ نه هو۔ سنڌ حڪومت جو اهو حال آهي جو ڪارپوريٽ ايگريڪلچر فارمنگ لاءِ پيپلزپارٽي جي حڪومت ڇھه مھينا اڳ ڊپٽي ڪمشنر بدين سميت مختلف ڊي سيز کي ليٽر جاري  ڪيو آهي ته جلد زمينون خالي ڪرائي ڪارپوريٽ ايگريڪلچر فارمنگ لاءِ قائم ڪيل ڪمپني جي حوالي ڪيون وڃن.ساڳئي پروجيڪٽ تحت چولستان کي آباد ڪرڻ لاءِ وڏي رٿا جوڙي وئي آهي. حالانڪه اھو ھڪڙو ئي پروگرام آهي جيڪو صدر پاڪستان آصف علي زرداري منظور ڪيو آهي. جيڪڏھن زين شاھ، اياز لطيف ۽ سنڌ جا ٻيا قومپرست ان معاملي تي تحرڪ نه وٺن ھا ته پنجاب سرڪار چواڻي ٻن سالن اندر ڪينال جو ڪم پورو به ٿي وڃي ھا.سنڌ جي جاڳڻ بعد وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جو انڪار ھاڻي وري يوٽرن وٺي احتجاج ڪرڻ ٻڌائي پيو ته سنڌ جي ماڻهن ھنن کي ڇرڪائي وڌو آهي ڇو ته پيپلزپارٽي وٽ سنڌ کانسواءِ ٻين صوبن ۾ ڪجهه به ناهي.ھاڻي سنڌ سرڪار احتجاج به ڪري پئي ترقياتي ڪمن لاءِ مھيني اندر اربين رپيا جاري ڪرڻ جي لالچ به ڏئي پئي، پر پيپلزپارٽي جا ڪارڪن به انتھائي ناراض ڏسڻ ۾ اچن پيا ھر پيپلزپارٽي جي پروگرام ۾ ڇتي نعريبازي ڪري اڳواڻن کي پريشان ڪري رکيو اٿن ۽ وڏي وزير سميت ٻين وزيرن پاران ڪئنال سمورا نامنظور جا نعرا هڻي عوام سان همدردي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، پر عوام جو خيال آهي ته جڏهن ڪئنال واري منصوبي تي پيپلز پارٽيءَ جي ڪو چيئرمين ۽ صدر پاڪستان آصف زرداريءَ پاڻ صحيحون ڪيون آهن ته پوءِ پ پ اڳواڻن پاران سکڻا نعرا هڻي عوام کي بيوقوف ڇو ٿو بڻايو وڃي. زرداريءَ کي بنا دير جي نئين سمري تيار ڪري ڪئنالن واري رٿا کي فوري طور ختم ڪرڻ گهرجي. جڏهن ڪئنالن جي منظوريءَ وقت عوام جي راءِ نه ورتي وئي ته پوءِ هينئر نامنظوريءَ لاءِ جلسا ڪرائڻ جي ڪهڙي ضرورت آهي؟

سنڌ جو عوام هن وقت شديد ڪاوڙ ۾ آهي ڪراچيءَ کان ڪشمور تائين ماڻهو سراپا احتجاج آهن ڪٿي ڪٿي ته سنڌ پوليس پاران ڪئنالن خلاف احتجاج ڪرڻ وارن تي لٺيون وسائي شيلنگ ڪري مظاهرين کي گرفتار ڪري ڪوڙا ڪيس مڙهي جيلن ۾ بند ڪيو پيو وڃي جنهن جو ڏوهه پڻ پيپلز پارٽي جي سنڌ حڪومت تي عائد ٿئي ٿو، ڇو ته جيڪڏهن هو سنڌ جا سڄڻ آهن ته پوءِ احتجاج ڪندڙ سنڌي ماڻهن مٿان پرتشدد پاليسي ڇو پيا اختيار ڪن. عوام جي دٻاءُ کانپوءِ احتجاج ڪرڻ مان اهو اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته هي پيپلز پارٽيءَ جو آخري دور ثابت ٿيندو. هاڻي عوام جي بيداري سنڌ جي ڦٻايل حقن جي واپسيءَ تائين جاري رهندي جيڪڏهن سنڌ حڪومت وفاق کان ڪئنالن ۽ ڪارپوريٽ ايگريڪلچر فارمنگ ۽ سنڌ جي وسيلن کي ڦٻائڻ وارو فيصلو واپس نه ڪرايو ته بغاوت جو جهنڊو بلند ٿيندو جيڪو پوري پاڪستان خاص طور تي پيپلز پارٽيءَ لاءِ نهايت نقصانڪار ثابت ٿيندو.