آزاديءَ جا خواب کڻي اکيون پٽيندڙ قوم آزاديءَ کانپوءِ تباهيءَ جو شڪار نظر اچي رهي آهي، جنهن جو سڀ کان وڏو ثبوت ڪراچي شهر جي بغير ڪنهن پلاننگ جي وڌندڙ آبادي ۽ شهر ۾ غير قانوني طور تي هلندڙ گاڏيون ۽ پبلڪ ٽرانسپورٽ جو تباهه ٿيڻ اسان سڀني جي اڳيان آهي. 1884ع کان انگريزن جي دور ۾ 1975ع تائين ڪراچيءَ ۾ پبلڪ ٽرانسپورٽ جي لاءِ ٽرام سروس هلندي رهي، جيڪا برطانوي راڄ جي دور ۾ شروع ٿي ۽ 1975ع تائين جاري رهي، جيڪا ڪيترن ئي روٽس تي هلندي هئي. ان کان علاوه 1969ع ۾ ڪراچي سرڪيولر ريلوي (ڪي سي آر) 1999ع تائين هلندي رهي، جيڪا ڪراچيءَ جي سڄي شهر کي پبلڪ ٽرانسپورٽ جي سهولت فراهم ڪندي هئي ۽ 1999ع کانپوءِ اها سهولت ختم ٿي وئي، ڇو ته ان سروس کي وقت سان گڏ بهتر ڪرڻ جي ڪوشش نه ڪئي وئي، ان ڪري اها آهستي آهستي تباهيءَ جو شڪار ٿي ختم ٿي وئي، جنهن جي ڪري روڊن ۽ رستن تي ديوهيڪل بسون ۽ ٽرڪون راڄ ڪرڻ لڳيون ۽ شهرين جو آرام ۽ سڪون ڦرجي ويو. ان کان علاوه 1947ع کانپوءِ ڪجهه منظم بس سروسز به ڪراچيءَ ۾ مهيا ڪيون ويون، جنهن ۾ ڪراچي ٽرانسپورٽ سنڊيڪيٽ (ڪي ٽي ايس) ان کان علاوه سنڌ روڊ ٽرانسپورٽ (ايس آر ٽي سي) ۽ پوءِ ڪراچي ٽرانسپورٽ ڪارپوريشن (ڪي ٽي سي) هلنديون هيون، جن جو پوءِ جيڪو حشر ٿيو سڀني ڏٺو.
ڪراچي هڪ تيزيءَ سان وڌندڙ آباديءَ وارو شهر آهي، جنهن ۾ ڏٺو وڃي ته سنڌ حڪومت ڪڏهن به ان آباديءَ کي قانوني حدن جي اندر رکڻ ۽ ڪنٽرول ڪرڻ جي ضرورت محسوس ناهي ڪئي، بلڪه حالتون ۽ واقعا اهو ٿا ٻڌائين ته هتي ڌارين ماڻهن کي هٿ وٺي آباد ڪيو ويو آهي، جنهن جو ثبوت افغان آباديون آهن. ان کان علاوه هتان جو مقامي سرمائيدار ڪراچيءَ جي ٽرانسپورٽ ۾ سيڙپڪاري ڪرڻ ۾ ڪا خاص دلچسپي نٿو رکي جنهن جا ڪيترائي سبب ٿي سگهن ٿا. ڪراچي ٽرانسپورٽ ۾ گهڻو ڪري سيڙپڪار پشتون آبادي آهي، جيڪا باقائده مافيا بڻجي ڪم ڪري رهي آهي ۽ هينئر انهن جو ڊمپر مافيا ڪنهن شيطان وانگر پوري شهر ۾ گهمندو وتي ٿو ۽ روز ڪيتريون ئي معصوم زندگيون انهن ڊمپرن جي هٿان تباهه ٿين ٿيون. ان کان علاوه عام ماڻهو پنهنجي سهولت جي لاءِ يا ته پنهنجي ذاتي گاڏي استعمال ڪري ٿو يا پوءِ موٽرسائيڪل جو استعمال ڪري ٿو جنهن جي ڪري رستن تي رش حد کان وڌيل آهي ۽ ٻي سهولت جيڪا ماڻهن کي مهيا آهي اها رڪشا يا چنگچي جي آهي، جنهن جي ڪري ڪراچي هڪ فرسوده پٺتي پيل ۽ تباهه شهر نظر اچي ٿو. هن هيڏي وڏي شهر کي جيڪڏهن صاف سٿرو رکڻو آهي ان جي روڊن ۽ رستن تي جيڪڏهن رونقون بحال ڪرڻيون آهن ته پوءِ ان کي هڪ باقائدي ڪراچي سرڪيولر ريلوي سروس جي ضرورت آهي، جتي هر ٻن منٽن کانپوءِ ٽرين پهچڻ گهرجي ۽ اها سڄي ڪراچي جي مختلف اسٽيشنن کي پاڻ سان ڳنڍي ته جيئن ڪراچيءَ ۾ ڪم ڪندڙ هر ماڻهو آسانيءَ سان هڪ جاءِ کان ٻي جاءِ تي گهٽ خرچ ۾ ۽ بغير ڪنهن خطري جي پهچي وڃي، جنهن سان نه صرف روڊ ۽ رستا صاف ٿي ويندا، پر ملڪ جو پرڏيهي ناڻو جيڪو تيل جي مد ۾ سڙي ٿو اهو به بچي ويندو ۽ ملڪ کي چڱو خاصو فائدو ٿيندو. اهڙي صورتحال ۾ جتي ڪراچي جي ٽرانسپورٽ ڪيترن ئي مسئلن جو شڪار آهي اتي سنڌ جي سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ اها ڳالهه ڪئي آهي ته سنڌ حڪومت ڪراچي جي ٽريفڪ کي بهتر بنائڻ لاءِ ۽ ٽريفڪ جي قانونن جي ڀڃڪڙي ڪندڙن کي گرفتار ڪري رهي آهي. سندس چوڻ مطابق هڪ هفتي ۾ 11 هزار 276 موٽرسائيڪلون ۽ 223 هيوي ٽرانسپورٽ وهيڪلز ۽ لائٽ ٽرانسپورٽ وهيڪلز ضبط ڪيون ويون آهن، جن ۾ فينسي نمبر پليٽن، ڪارن شيشن ۽ ٻين خلاف ورزين تي 831 ڪارروايون ڪيون ويون آهن، 25 گاڏين جي رجسٽريشن منسوخ ڪرڻ جي سفارش ڪئي وئي آهي، 174 گاڏين جي رجسٽريشن کي عارضي طور تي معطل ڪري مخصوص شرطن تي ڇڏيو ويو آهي. سندس چوڻ مطابق هن وقت ڪراچيءَ ۾ ٽريفڪ قانونن جي ڀڃڪڙي ڪندڙن جي خلاف بنا ڪنهن فرق جي ڪريڪ ڊائون جاري آهي. شرجيل انعام ميمڻ کان اسان جو اهو سوال آهي ته ڇا اهو ڪريڪ ڊائون ڪراچيءَ جي سمنڊ جهڙي ٽريفڪ کي متاثر ڪري سگهندو ۽ ان جي اندر جيڪا لاقانونيت سرايت ڪري چڪي آهي ان ۾ بهتري آڻي سگهندو يا ڪراچيءَ جي ٽرانسپورٽ نظام جي لاءِ هڪ وڏي آپريشن جي ضرورت آهي، جنهن ۾ اسان کي پنهنجو بنيادي ڍانچو تبديل ڪرڻو پوندو ۽ ڪراچيءَ کي نيويارڪ، لنڊن، پيرس جهڙين پبلڪ ٽرانسپورٽ تي منتقل ڪرڻ جي لاءِ پلاننگ ڪرڻي پوندي.
هن وقت جيڪو ڪريڪ ڊائون هلي رهيو آهي، اهو صرف عوام کي دلاسو ڏيڻ جي برابر آهي. هاڻ وقت اچي ويو آهي ته سنڌ حڪومت کي سنجيدگيءَ سان ان پاسي غور ڪرڻ گهرجي، چاهي پوءِ اهو پروجيڪٽ ويهن سالن ۾ ئي پورو ڇو نه ٿئي، پر ان پروجيڪٽ تي اڄ ئي عمل ڪرڻ جي ضرورت آهي. لڳي ايئن ٿو ته ڪراچيءَ کي نيويارڪ وانگر هڪ انڊر گرائونڊ سب وي سسٽم جي ضرورت آهي، جنهن سان ڪراچي جا روڊ ۽ رستا پورا صاف ٿي ويندا ۽ گرائونڊ تي گاڏين جو انگ گهٽجي ويندو. باقي سڄو شهر سب وي سان ڳنڍي سگهجي ٿو جيئن 27 آڪٽوبر 1904ع ۾ نيويارڪ جو پهريون سب وي آپريشن شروع ڪري اهو نظام جوڙيو ويو، جيڪو اڄ ڏينهن تائين نيويارڪ کي ڪمائي ڏيئي رهيو آهي. ان لاءِ ضروري آهي ته ملڪي ۽ غير ملڪي سيڙپڪارن کي سيڙپڪاريءَ جي لاءِ آماده ڪيو وڃي ۽ انهن کي پوري سپورٽ ڏني وڃي ته جيئن اهي هتي اچي هن پروجيڪٽ ۾ سيڙپڪاري ڪن. جيڪڏهن ڪراچيءَ ۾ سب وي سسٽم ٺهي ٿو وڃي ته ڪراچي دنيا جي تمام وڏن شهرن ۾ شامل ٿي ويندو، جيڪي نه صرف رهڻ جي لاءِ بلڪه سياحت جي لاءِ به پرڪشش آهن، پر ان تي عمل ڪير ڪندو؟ اهو هڪ وڏو سوال آهي.