ساره انعام قتل ڪيس پراسيڪيوٽر جا حتمي دليل مڪمل
ڊسٽرڪٽ ۽ سيشن ڪورٽ اسلام آباد ۾ ساره انعام قتل ڪيس ۾ پراسيڪيوٽر راڻا حسن عباس جا آخري دليل مڪمل ٿي ويا. پراسيڪيوٽر راڻا حسن عباس عدالت کي آخري دليلن ۾ ٻڌايو ته ساره انعام تي تشدد ڪيو ويو، جسم جي ڪيترن ئي حصن تي زخمن جا نشان هئا. تفتيش ۾ ڪنهن به ٽئين شخص جي ڊي اين اي جا نشان ناهن مليا. پراسيڪيوٽر عدالت کي آگاهه ڪيو ته تفتيش ۾ شاهنواز امير جو ڊي اين اي ميچ ٿيو آهي. ملزم ثبوتن کي ختم ڪرڻ جي ڪوشش به ڪئي. فارم هائوس جي سي سي ٽي وي وڊيو ٻه ڏينهن پهرين ڪٽي وئي. پراسيڪيوٽر ٻڌايو ته شاهنواز امير ساره انعام سان ظالماڻو سلوڪ روا رکيو، کيس واٽس ايپ تي ڌمڪي آميز پيغام موڪليا ۽ سندس واٽس ايپ چيٽ ريڪور ٿي چڪي آهي. جڏهن ته ساره انعام ملزم کان پڇندي رهي ته مون سان ايتري بدسلوڪي ڇو ٿي رهي آهي. طلاق جا مئسيجز به ريڪور ٿي چڪا آهن. ملزم پيغامن کي ڊليٽ ڪيو هو. پراسيڪيوٽر عدالت کي ٻڌايو ته ساره انعام کي سڄي رات ٽارچر ڪيو ويو، منهن تي چماٽن جا نشان، ٻانهن تي زخم هئا، جن کي ڏسي ثابت ٿئي ٿو ته قتل کان پهرين تشدد ڪيو ويو. ساره انعام جي جسم جي جاءِ جاءِ تي نير هئا. رپورٽ مطابق سندس موت پوسٽ مارٽم کان 12 کان 24 ڪلاڪ پهرين ٿيو هو. پراسيڪيوٽر جي دليلن مطابق شاهنواز امير جي والده ان وقت گهر ۾ موجود هئي. اهو ڪيئن ٿو ٿي سگهي ته هن وٽ ساره جو آواز نه پهتو هجي. ملزمه ثمينه شاهه پوليس کي آگاهه ڪرڻ بدران ملزم جي والد اياز امير کي ڪال ڪئي. پراسيڪيوٽر عدالت کي ٻڌايو ته ساره انعام ابو ظهبي ۾ اعليٰ عهدي تي فائز هئي، کيس پاڪستان گهرائي ٽارچر ڪيو ويو، هوءَ هڪ اهم زندگي هئي، جنهن کي ضايع ڪيو ويو، جيڪا هاڻي واپس نه ٿي اچي سگهي. پراسيڪيوٽر راڻا حسن عباس عدالت کان ملزم شاهنواز امير لاءِ سزائي موت جي گهر ڪري پنهنجا دليل مڪمل ڪري ورتا.