خاص

مسافر ٽرينون سڀاڻي کان ھلائڻ جو اعلان، وزير اعظم منظوري ڏئي ڇڏي

وزير اعظم عمران خان سڀاڻي کان سڄي ملڪ ۾ ٽرينون ھلائڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي. وفاقي وزير شيخ رشيد چيو آھي ته 20 کان 30 ريلون ھلائي رھيا آھيون، جيڪڏھن حالتون سازگار رھيون ته پھرين جون کان سموريون ٽرينون بحال ڪيون وينديون. راولپنڊي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي شيخ رشيد چيو ته وزير اعظم ايس او پين تي عمل ڪندي ٽرينون ھلائڻ جي منظوري ڏني آھي. ايس او پين تي عمل ڪرڻ بابت اڄ سمورين ريلوي اسٽيشنن تي ريھرسل ڪئي ويندي. ريلن ۾سوارين کي اڌو اڌ گھٽايو ويو آھي ۽ ڀاڙن ۾ واڌ نه ڪئي وئي آھي. وفاقي وزير عوام کي اپيل ڪئي ته اھي مسافرن کي ڇڏڻ لاءِ ريلوي اسٽيشن تي نه اچن. فقط مسافر اسٽيشن تي اچن ۽ ماسڪ پائڻ نه وسارين. جيڪڏھن ڪٿي ايس او پين جي ڀڃڪڙي ٿي ته لاڳاپيل ڊويزن ھيڊ خلاف ڪارروائي ڪندس