عالمي بينڪ ۽ سنڌ حڪومت ۾ ساڍا 14 ڪروڙ ڊالر جي ڪورونا ۽ ماڪڙ ڪنٽرول پروگرام تي اتفاق
عالمي بينڪ ۽ سنڌ حڪومت صوبي ۾ ساڍا 14 ڪروڙ ڊالر جي لاڳت سان سنڌ ڪووڊ-19 ريسپانس پروگرام ۽ ماڪڙ ڪنٽرول پروگرام شروع ڪرڻ تي اتفاق ڪيو آھي. اھو فيصلو ڪالھ وڏي وزير سيد مراد علي شاھ ۽ ورلڊ بينڪ جي ڪنٽري ڊائريڪٽر پيٿاميٿوالانگوان سان وڊيو لنڪ ذريعي ٿيندڙ اجلاس ۾ ڪيو ويو. ورلڊ بينڪ ڪنٽري ڊائريڪٽر پنھنجي ٽيم سان اسلام آباد آفيس کان حصو ورتو، وڏي وزير جي معاونت توانائي واري وزير امتياز شيخ، ڪوآرڊينيٽر حارث گذدر، چيئرمين پي اينڊ ڊي محمد وسيم، پرنسپل سيڪريٽري ساجد جمال ابڙو، سيڪريٽري توانائي مصدق خان، سيڪريٽري ناڻو حسن نقوي ۽ سيڪريٽري سيڙپڪاري نجم شاھ ڪئي. اجلاس ۾ وڏي وزير چيو ته سنڌ حڪومت عالمي بينڪ جي مالي مدد سان پروگرام شروع ڪرڻ چاھي ٿي. ھن چيو ته وسيلن جي موبلائزيشن جي مقصد لاءِ فنڊن جي نئين سر جوڙجڪ ۽ ورلڊ بينڪ پورٽ فوليو کي بحال ڪرڻ جي ضرورت ھوندي. عالمي بينڪ ٽيم وائرس جي اثرن جي نگراني واري نظام جي اعليٰ فريڪوئينسي تي پڻ ڪم ڪري رھي آھي. وڏي وزير ورلڊ بينڪ کي صلاح ڏيندي چيو ته ڪراچي لاءِ خاص مانيٽرنگ سسٽم تيار ڪيو پيو وڃي پر آئون چاھيان ٿو ته سڄي صوبي لاءِ ھڪ اعليٰ موثر ڪووڊ مانيٽرنگ سسٽم تيار ڪيو وڃي. وڏي وزير موجب سندس حڪومت سڀني عوامي جاين، بس اسٽينڊن، اسٽاپن، آفيسن، روڊن ۽ عوامي علائقن جي مناسب صفائي، برساتي نالين ۽ نالن جي صفائي ۽ 2 لينڊ فل سائيٽن جو قيام عمل ۾ آڻيندي. ورلڊ بينڪ جي چيف ان تجويز جي منظوري ڏني ۽ چيو ته سنڌ حڪومت سندس مختلف رٿائن جا ساڍا 14 ڪروڙ ڊالر استعمال ڪري سگھي ٿي، جيستائين رٿائن جي لاڳاپيل فورمن وٽان باضابطا طور منظوري ٿئي. عالمي بينڪ وڏي وزير کي خاطري ڪرائي ته صوبي ۾ معاشي سرگرمين جي بحالي ۽ ھڪ الڳ پروگرام ذريعي ڏھاڙي تي ڪم ڪندڙن جي بحالي لاءِ سنڌ حڪومت جي حمايت ڪندي ۽ ان کي ڪورونا ريسپانس پروگرام جو ھڪ حصو بڻايو ويندو