خاص

سنڌ حڪومت شاپنگ مالن ۽ ست ڏينھن ڪاروبار کولڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي

سنڌ حڪومت وفاق جي توثيق کانپوءِ شاپنگ مال کولڻ ۽ ھفتي جا ست ئي ڏينھن ڪاروبار جاري رکڻ جي اجازت ڏيئي ڇڏي آھي. سنڌ حڪومت عدالتي حڪمن تحت شاپنگ مالن متعلق نيشنل ھيلٿ ريگيوليشنز واري وزارت کي درخواست موڪلي ھئي، جنھن جو جواب ملي ويو آھي. جواب ۾ چيو ويو آھي ته نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر سنڌ حڪومت جي درخواست جو جائزو ورتو آھي ۽ انھن کي ان قدم تي ڪو اعتراض نه آھي. صوبائي حڪومت شاپنگ مالن کي کولڻ جي صورت ۾ ايس او پين تي سختي سان عملدرآمد ڪرائي. صوبائي محڪمه داخله صبح 8 کان شام 5 وڳي تائين شاپنگ مالن ۾ ڪاروباري سرگرمين جي اجازت ڏيڻ جو حڪم نامون جاري ڪري ڇڏيو آھي. ان کانسواءِ ترميمي حڪم نامي ۾ صوبي ۾ ھفتي جا ست ئي ڏينھن ڪاروباري سرگرميون جاري رکڻ جي به اجازت ڏئي ڇڏي آھي. شرط ۽ ضابطا طئي ڪرڻ لاءِ ڪمشنر ڪراچي افتخار شلواڻي جي صدارت ھيٺ سمورن ضلعي ڊپٽي ڪمشنرن، ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنرن ۽ شاپنگ مالن جي نمائندن جو اجلاس ٿيو. ايس او پين جي جاري ڪيل نوٽيفڪيشن مطابق 12 سالن کان گھٽ ۽ 55 سالن کان وڌيڪ عمر وارن خريدارن کي مالن ۾ داخلا جي اجازت نه ھوندي. خريدارن جي ھٿن لاءِ سينيٽائيزر جو استعمال ڪيو ويندو. خريدار بغير ماسڪ مالن ۾ داخل نه ٿيندا. سماجي فاصلو يقيني بڻائڻ لاءِ ڊجيٽل طريقي سان مدد ورتي ويندي. خريدارن جي عمومي تعداد کي گھٽ کان گھٽ ھڪ ڀاڱي ٽي گھٽ ڪيو ويندو