خاص

سنڌ حڪومت 22 کان 27 مئي تائين عيدالفطر جي موڪلن جو اعلان ڪري ڇڏيو

چيف سيڪريٽري سنڌ عيدالفطر جي موڪلن جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آھي، جنھن مطابق سمورا صوبائي ادارا، خود مختار ڪارپوريشنن ۽ بلدياتي ڪائونسلن ۾ 22 کان 27 مئي تائين عيد جون موڪلون ٿينديون. جڏھن ته لازمي سروس وارن ادارن ۾ عيد جون موڪلون نه ٿينديون. نوٽيفڪيشن مطابق ڪورونا ايمرجنسي ڊيوٽي تي مقرر ماڻھن ۽ ادارن لاءِ عيد جون موڪلون نه ٿينديون. ٻئي طرف پنجاب حڪومت به عيدالفطر جي موڪلن جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آھي، جنھن مطابق عيد جون موڪلون 22 کان 27 مئي تائين ڪيون ويون آهن.