سنڌ حڪومت 12 اھم کاتا اڄ کان کولڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

سنڌ حڪومت 12 ٻيا اھم کاتا اڄ کان کولڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو. ان حوالي سان ڪالھ سنڌ حڪومت ڪورونا وائرس پکيڙ جي خوف سبب بند ڪيل وڌيڪ 12 صوبائي کاتا کولڻ جو اعلان ڪيو آھي، جيڪي اڄ کان صحت کاتي جي جاري ڪيل ايس او پي تحت کوليا ويندا. انھن ۾ ڪاليج ايجوڪيشن، ڪوآپريٽو ڊپارٽمينٽ، ثقافت، سياحت کاتو، اسپيشل ايجوڪيشن، ٻيلو کاتو، ڪچي آبادي، بين الصوبائي معاملا، چوپايو مال ۽ ماھيگيري، مائنز ۽ منرلز، بھبود آبادي، اسڪول ايجوڪيشن ۽ رانديون، نوجوانن جي معاملن وارا کاتا شامل آھن. واضح رھي ته 13 اھم کاتا جن ۾ صحت، لوڪل گورنمينٽ ۽ ٻيا اڳ ئي کليل ھئا. ھاڻي ڪل 25 کاتا کلي چڪا آھن
