بلاگخاصنئون

تقرير جو فن

ڪنهن سياڻي جو قول آهي ته جيڪو شخص پنهنجي خيال جو اظهار نٿو ڪرڻ ڄاڻي، اهو زندگيءَ جي ڊوڙ ۾ پوئتي رهجي وڃي ٿو. ائين کڻي چئجي ته خوش بياني، خود اعتمادي سان پنهنجي خيالن جو اظهار ڪرڻ مقبوليت ۽ ترقيءَ جو پهريون ڏاڪو آهي. ڪجهه ماڻهو صلاحيتن هئڻ جي باوجود ڳالهه ڪندي هزارين رڪاوٽون محسوس ڪندا آهن. هو ڏڪڻ لڳندا آهن ۽ جيڪو چوڻ چاهيندا آهن سو ڀلجي ويندا آهن. سندن دل زور سان ڌڙڪڻ لڳندي آهي. سڀ کان پهريائين انهيءَ ڪمزوري تي قابو ڪرڻ جي ضرورت هوندي آهي. پنهنجي احساسن کي اهو شخص بهتر نموني پيش ڪري سگهي ٿو، جنهن جي گفتگو قدرتي، باوقار ۽ بامقصد هجي.
تقرير جو فن هڪ ناٽڪ جيان آهي. اڪثر اڪيلائي ۽ واندڪائي ۾ جڏهن اوهين پنهنجي ڪمري ۾ صبر ۽ سڪون سان سوچ ۽ فڪر ڪريو ٿا ته ساڳئي ريت اوهان تقرير ڪندي پڻ اهو صبر ۽ سڪون سان گڏ سوچي به سگهو ٿا، پر سچ ته اهو آهي ته حاضرين آڏو اوهان جي سوچڻ جي صلاحيت زياده بهتر هئڻ گهرجي. تقرير ڪندي ڪجهه اهڙا خيال ۽ حقيقتون به ذهن ۾ اينديون آهن، جنهن جي باري ۾ تقرير ڪندڙ کي علم نه هوندو آهي.
بهرحال اوهان کي ان ڳالهه تي مڪمل طور تي يقين ڪرڻ گهرجي ته سکيا ۽ مشق جي ذريعي اوهان ماڻهن آڏو تقرير ڪرڻ جي خوف کان ڇوٽڪارو حاصل ڪري سگهو ٿا. اهو خيال ذهن ۾ نه آڻجي ته اوهان لاءِ تقرير ڪرڻ وڌيڪ مشڪل آهي. حقيقت اها آهي ته جيڪي ماڻهو پنهنجي دور جا بهترين مقرر ثابت ٿيا آهن سي به شروع ۾ اهڙين مايوسين بابت سوچيندا هئا.
تقرير هڪ اهڙو فن آهي جو ڪنهن ٻي سرگرمي جي مقابلي ۾ اوهان کي تمام جلد مشهور ڪري سگهي ٿو ۽ ماڻهن ۾ اوهان جي اهميت وڌائي سگهي ٿو.
تقرير ڪرڻ لاءِ ان جي موضوع بابت گهڻي ۾ گهڻي واقفيت ۽ معلومات هئڻ گهرجي. تقرير جي فن بابت هڪ ماهر جو چوڻ آهي ته ايستائين ڳالهه شروع نه ڪجي، جيستائين اوهان کي اهو معلوم نه هجي ته اوهان وٽ چوڻ لاءِ ڇا ڪجهه آهي، سڀ کان پهريان اعتماد ۽ حوصلي سان اسٽيج تي اچڻ گهرجي ۽ اهڙي نموني سڌو بيهڻ کپي، ڄڻ اوهان کي تقرير ڪرڻ سان سٺو لڳاءُ آهي. حاضرين آڏو سڌو ٿي انهن جي اکين ۾ اکيون وجهي پوءِ انهن سان اهڙي نموني سان مخاطب ٿجي ڄڻ هو اوهان جا قرضي آهن.
تقرير جي فن ۾ خود اعتمادي پيدا ڪرڻ لاءِ پهريون ۽ آخري طريقو اهو آهي ته اوهان ڳالهائڻ جي مشق ڪريو، لڳاتار مشق جي ذريعي ئي هن فن ۾ ڪمال حاصل ڪري سگهو ٿا. جڏهن ڪو پهريون دفعو تقرير ڪرڻ لڳندو آهي ته ان تي گهٻراهٽ ڇانئجي ويندي آهي، ڄڻ ته هو جنگ جي ميدان ۾ وڃي رهيو آهي. اهڙي موقعي تي نه صرف همت جي ضرورت پوندي آهي، پر پنهنجو پاڻ تي قابو حاصل ڪرڻ ۾ ٿڌي دل ۽ دماغ جي پڻ ضرورت هوندي آهي ۽ اهو صرف مشق جي وسيلي ئي حاصل ٿي سگهي ٿو. تقرير ڪرڻ جي ڊپ ۾ خوف صرف اعتماد جي گهٽتائي جي ڪري پيدا ٿيندو آهي ته اوهان کي پنهنجي صلاحيتن جو صحيح علم نه هوندو آهي، پنهنجي صلاحيتن جو علم فقط ان صورت ۾ ٿي سگهي ٿو ته جڏهن اوهان تجربا ڪيا هجن. ياد رکڻ کپي ته جيئن جيئن اوهان تجربيڪار ٿيندا ويندئو اوهان جو ڊپ ۽ خوف گهٽبو ويندو. اوهان ڪو اهڙو موضوع ڳولهي ڪڍو جنهن جي باري ۾ اوهان کي ٿوري گهڻي ڄاڻ هجي. ان موضوع تي ٽن منٽن جي تقرير تيار ڪري ان جي ٻه ٽي دفعا مشق ڪريو پوءِ ماڻهن يا دوستن لاءِ اوهان جيڪي تقرير تيار ڪئي آهي، انهن جي سامهون پنهنجي مڙني صلاحيتن کان ڪم وٺندي خيالن جو اظهار ڪيو.
تقرير ڪرڻ کان اڳ تقرير جي مڪمل تياري ڪجي ۽ جيڪو ڪجهه به ڳالهائڻو آهي ان جي پوري طرح واقفيت هئڻ کپي، تقرير ۾ ڪابه اهڙي ڳالهه ضرور هئڻ کپي جنهن کان ماڻهو متاثر ٿين، تقرير پوري طرح تيار نه ڪرڻ هڪ وڏي غلطي آهي، پر ائين سمجهڻ گهرجي ته ڪو شخص بنا ڪنهن هٿيارن جي ميدان جنگ ۾ وڃي رهيو آهي.
ڪنهن به موضوع تي تقرير ڪرڻ کان اڳ موضوع تي ان سان تعلق رکندڙ ڪتابن ۽ رسالن ۾ موجود مواد جو مطالعو ڪجي پر، جيڪڏهن ذهن ۾ تقرير جي موضوع بابت خيالن جي ڪمي نه آهي ته پوءِ مطالعي جي ضرورت نه آهي. تقرير جي تياري لاءِ ضروري آهي ته اوهان سوچيو ۽ غور ڪريو، پراڻين يادگيرين کي تازو ڪريو ۽ اهڙي شيءِ ڳوليو جنهن اوهان کي سڀ کان وڌيڪ متاثر ڪيو هجي، پوءِ ان کي مناسب طريقي سان بيان ڪريو.
موضوع بابت هر ممڪن سوال پنهنجو پاڻ کان ڪرڻ گهرجي. مثال طور: اوهان کي طلاق جي مسئلي تي تقرير ڪرڻي آهي ته سوچيو ته طلاق جا ڪهڙا سبب آهن، ان جا ڪهڙا سماجي نقصان آهن، طلاق جي رجحان کي ڪهڙي طريقي سان ختم ڪري سگهجي ٿو ۽ ڇا اهڙا قدم کڻي سگهجن ٿا ته طلاق ڏيڻ ناممڪن ٿي پوي.
تقرير ۾ پنهنجو مشاهدو، خواهشون ۽ تجربو بيان ڪرڻو پوي ٿو. فرض ڪريو ته اوهان کي پنهنجي ڪاروبار يا پيشي جي باري ۾ تقرير ڪرڻي آهي. ان موضوع تي اوهان جي ذهن ۾ بيشمار ڳالهيون آهن. انهن ۾ خاص خاص ڳالهين جي چونڊ ڪري انهن کي ترتيب ڏجي. ٽن منٽن جي تقرير ۾ سڀني ڳالهين ٻڌائڻ جي ڪوشش ڪجي. پنهنجي موضوع جو صرف هڪ رخ وٺڻ گهرجي ۽ انهيءَ تي روشني وجهڻ کپي. مثال طور: اوهان صرف اهو ٻڌايو ته اوهان پنهنجو موجوده پيشو ڪهڙي طرح اختيار ڪيو يا حالتن اوهان کي ان پيشي ۾ آڻي ڇڏيو. پنهنجي شروعاتي جدوجهد جو ذڪر ڪريو ته ٻڌايو ته اوهان کي شروع ۾ ڪهڙيون ڪهڙيون ناڪاميون ۽ ڪاميابيون حاصل ٿيون. مطلب اهو ته اوهان پنهنجي تجربن جي هڪ سچي ۽ دلچسپ تقرير پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪريو، جن مثالن جو اوهان مشاهدو ڪيو آهي ۽ ان ۾ جيڪي ڳالهيون اوهان کي نظر آيون آهن، انهن جو ذڪر ڪريو. ٺوس مثالن جي مدد سان پڻ اوهان جي انداز بيان ۾ رواني ۽ دلشڪي پيدا ٿي ويندي.
ڪيترا ماڻهو تقرير جي دوران صرف پنهنجي پسند جون ڳالهيون ڪندا آهن جيڪا پڻ وڏي غلطي آهي. مقرر کي حاضرين جي دلچسپي جو خيال ڪرڻ کپي ته اوهان جو ٻڌندڙ ڪهڙي قسم جو آهي ۽ ان جون دلچسپيون ۽ لاڙا ڪهڙا آهن، جيڪڏهن اوهان ان ڳالهه کي پرکي ورتو ته پوءِ سمجهو ته اوهان اڌ جنگ کٽي ورتي آهي. تقرير هڪ سفر آهي جنهن جي منزل به ضرور هئڻ گهرجي. تقرير سان دلچسپي رکندڙ ساٿي پنهنجي تقرير کي ٽيپ رڪارڊر تي ٽيپ ڪري ٻڌندا آهن. مشق ڪرڻ جو اهو نهايت سٺو طريقو آهي. ڇاڪاڻ ته انهيءَ سان ماڻهوءَ ۾ خود پنهنجي تقرير جون خوبيون ۽ خاميون معلوم ٿي وڃن ٿيون. تقرير جو موقعو اچڻ کان اڳ تقرير کي لکڻ جي عادت به مفيد ڄاڻائي وئي آهي. ان سان سوچڻ جي صلاحيت تيز ٿئي ٿي ۽ ماڻهن جا خيال واضح شڪل ۾ ان جي سامهون اچن ٿا ۽ انهن کي ياد رکڻ ۾ مدد ملي ٿي. تقرير کي لکڻ سان اوهان جي لکڻ جي قوت ۾ به اضافو ٿيندو ۽ خيالن جي بي ترتيبي دور ڪرڻ ۾ مدد ملندي. تقرير جي تياري ڪرڻ لاءِ پنهنجي يادگيري لاءِ بعض نڪتن جو ڪاغذ تي لکڻ ضروري آهي، جيڪڏهن لکيل ياداشتون اوهان جي کيسي ۾ موجود هونديون ته ماڻهن آڏو تقرير ڪرڻ مهل اوهين پاڻ تي وڌيڪ ڀروسو ڪرڻ لڳندا. تقرير ۾ رڳو لفظن جي پويان نه لڳجي پر، حقيقتن ۽ خيالن کي ڳولجي. جڏهن حقيقتن ۽ خيالن جو ميڙ ٿيندو ته لفظ پنهنجو پاڻ ملي ويندا. تقرير جي فن جو راز اهو آهي ته انداز بيان وڻندڙ هجي. ڪڏهن ڪڏهن جيڪڏهن انداز بيان وڻندڙ نه هوندو آهي ته تقرير لاءِ عمدو مواد به بيڪار ٿي پوندو آهي.
تقرير جي فن ۾ شخصيت به وقعت اهميت رکي ٿي. ڪنهن به انسان جي شڪل ۽ صورت، جسماني بيهڪ، ذهني لاڙو، سکيا ۽ تجربا پاڻ ۾ گڏجي ان جي شخصيت ٺاهيندا آهن. پنهنجي شخصيت کي بدلائڻ عام طرح مشڪل هوندو آهي پر، پوءِ به انهيءَ کي پرڪشش ۽ رعب دار بڻائي سگهجي ٿو.
مقرر جي خوش لباسي کان به سامعين متاثر ٿيندا آهن، جيڪڏهن تقرير ڪرڻ واري جي حالت پريشان هوندي، کيس بي ترتيب لباس اوڍيل هوندو ته سامعين اهو ئي سوچيندا ته مقرر جا خيال به سندس شخصيت ۽ لباس وانگي بي ترتيب ۽ بيڪار آهن.
زندگيءَ جو ڪهڙو به شعور هجي مرڪ اوهان جي ڪاميابيءَ جو دروازو کوليندي آهي. بلڪل ساڳي ريت مقرر لاءِ به مرڪڻ ضروري آهي ۽ موٽ ۾ سامعين به سندس حوصلا افزائي ڪندي ڀليڪار ڪندا آهن. تقرير کي مزاحيه انداز ۾ پيش ڪرڻ به وڏو ڪمال آهي، ڪوشش ڪجي ته موقعي جي مناسبت سان تقرير ۾ مزاح پيدا ڪجي پر، مزاحيه مقرر بڻجڻ جي هرگز ڪوشش نه ڪجي.
تقرير جي شروعات اهڙي ڳالهه سان ڪرڻ گهرجي جيڪا سامعين لاءِ دلچسپي جو باعث هجي. تقرير جا آخري لفظ به تمام اهميت رکندا آهن جيڪڏهن اهي لفظ موثر هجن ته سامعين ان کي جلدي وساري نه سگهندا آهن.
تقرير ختم ٿيڻ جي مسئلي جو علاج اهو آهي ته اڳواٽ ئي تقرير جي اختتام جو خاڪو ذهن ۾ تيار ڪجي، تقرير ختم ڪرڻ کانپوءِ پهريائين ٿورن لفظن ۾ پنهنجي تقرير جو نچوڙ بيان ڪجي.
تقرير کي ختم ڪرڻ لاءِ مزاح يا سٺا شعر ٻين مڙني طريقن جي مقابلي ۾ موثر ثابت ٿين ٿا. جيڪڏهن اوهان کي پنهنجي تقرير جي خاتمي لاءِ مناسب شعر ملي وڃن ته ڏاڍو ڀلو. انهيءَ سان اوهان جي تقرير باوقار ٿي پوندي ۽ ان ۾ خوبصورتي ۽ نواڻ پيدا ٿيندي. جيڪڏهن اوهين تقرير جي فن ۾ شوق رکو ٿا ته ياد رکو ته ڪتاب، رسالو ۽ اخبارون ئي هڪ اهڙو ذريعو آهن جنهن جي مدد سان اوهان پنهنجي لفظن جو ذخيرو وڌائي سگهو ٿا ۽ زبان تي عبور حاصل ڪري سگهو ٿا. اهڙيءَ ريت اوهان جي گفتگو ۽ تقرير ۾ حسن ۽ وقار پيدا ٿيندو.
***