بلاگخاصنئون “ڄام راھو” (سما خاندان جو تاريخي ڪردار) May 4, 2024 Zahida Abro شاھ صاحب جو رسالو دنيا جي علمي خزاني جو اھو سچو دستاويز آھي، جنهن ۾ تِر برابر شڪ جي گنجائش نه آھي. سندس چيل سڀئي سُر تحقيق جي بنياد تي ٻڌل آھن ۽ انهن ۾ شاھ صاحب جنهن به ڪردار کي جيڪڏهن بيان ڪيو آھي ته ان جي ڪردار جي اصليت جي سڳنڌ پئي ايندي. شاھ صاحب “سُر بلاول”، “سُر ڏھر” ۽ “سُر جاجڪاڻي” ۾ جن ڪردارن جي سخا، ھمت، بھادري ۽ انهن جي سرداري جنھن انداز ۾ بيان ڪئي آھي، اھي ڪردار سخين جي درجي کان اُتاھان بڻجي ڏاتارن ۾ شمار ٿي ويا. انھن ڏھ ڏاتارن جا نالا ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو صاحب پنهنجي ڪتاب “سنڌي ادب جي تاريخ” ۾ ڪجھ ھن ريت لکي ٿو: لاکو ڦلاڻي، جکرو اوڍاڻي، ھڻند ٿڌياڻي، اوٺو جکراڻي، سپڙ چوٽاڻي، جسودن آگرو، ڄام وينجھر، وڪيو ڏاتار، راءِ ڏياچ ۽ ڄام ڪَرن. ان کان علاوه معمور يوسفاڻي صاحب پنهنجي ڪتاب “ست سورھيه ڏھ ڏاتار” ۾ انهن جا نالا ڪجھ ھن ريت لکي ٿو: ڄام ڪرن، ابڙو اگھام، ڏياچ ويراڻي، ڄام سپڙ چوٽاڻي، ڄام جکرو اوڍاڻي، ٿانور ڀٽي، ڄام انڙ، ڄام جکرو ڳھڙ راءِ، لاکو ڦلاڻي ۽ ڄام راھو. ٻنھي محققن ۾ ڪجھ فرق يقيناً آھي پر شاھ صاحب جي رسالي ۾ انهن سڀني جو ذڪر بيتن جي صورت ۾ موجود آھي. جن ۾ شاھ صاحب سندن دورِ حڪومت ۾ سندن مُثبت ڪردارن جي چِٽي گواھي ڏئي ٿو. اڄ اسان انهن ڪردارن مان ھڪ اھڙي ڪردار جو ذڪر ڪنداسين جنهن جي لاءِ شاھ صاحب جي رسالي مان بيت فقط چار ملن ٿا پر انهن چئن بيتن ۾ ان جو سربستو احوال سمايل آهي. سما خاندان جي مشھور حاڪم “ڄام تماچي” عرف “ڄام سمي” جو فرزند ڄام راھو جيڪو يارھين صديءَ جي شروعات ۾ “ڌيرڪ پرڳڻي” تي حڪمراني ڪندو ھو، جيڪو گڻن ۾ پنهنجي ڏاڏي “ڄام انڙ” مثل ھو. سندس دٻدٻي شان و شوڪت، شرافت، سخا، ھمدردي، فراخدلي ۽ خدا تَرسِي کي شاھ صاحب پنهنجي بيت ۾ ھن ريت بيان ڪري ٿو: تَڙِ تَڙِ ڪِيمَ تَرَسُ، سَرُ نِهَارِجِ سُڀَرو، ڏِيندُءِ لَکَ لطيف چئي، راڄِ راھُوءَ جي رَسُ، وِلِهَا جِنھِن وَنهِئَان ڪِئَا، پَاڳَ تَنهِين جي پَسُ، ڪوڙِيين لاھي ڪَسُ، جُہ ڳَالَهَائي ڳَاٽُ کَڻِي. ڄام راھو جي دور ۾ ھر طرف خوشحالي ۽ آبادي جا منظر هئا، سندس سخا جا دروازا ھر وقت غريبن، مسڪينن ۽ سائلن جي لاءِ کليل ھوندا هئا، پوءِ انهن سائلن ۾ چاھي ننڍڙو ٻار ھجي، سڀني جي لاءِ سندس ھڪ ئي نظر ھوندي هئي، سڀني جي لاءِ ساڳيا اصول ۽ ھر ڪنهن کي ساڳئي ترازو ۾ رکندو ھو، جيئن شاھ صاحب جو ھي بيت ان ڳالھ جي گواھي ڏئي ٿو: راھُو تُنهنجي ريتِ، پَر کَنڊين پَڌِرِي، گَھڻا گھوڙي چَاڙِھئا، مُسافِرَ مَسيتِ، پُڇين ڪَا نه وڏيت، جي آئِيا سي اِگھئَا. ايئن کڻي چئجي ته ڄام راھو کان پھرين جيڪي ڏاتار ٿي گذريا، انهن جي سخا جا قصا ڪجھ صدين تائين ھر ڪنهن کي ياد هئا، پر ڄام راھو پنهنجي دورِ حڪومت ۾ سندس رعيت جي دلين ۾ اھڙي جاءِ ٺاھي ورتي جو کين گذريل ڏاتار وسري ويا. ھرڪو سندس فراخدلي، سخا، ايثار ۽ محبت جو اھڙو پرستار ٿي ويو جو سندس وئي کانپوءِ به چار پنج صديون سندس نالو سڀني جي زبانن تي موجود ھوندو ھو. جنهن جي گواھي شاھ صاحب پنهنجي ھن بيت ۾ ھن طرح ڏئي ٿو: راھُوءَ جَا رَھِئَامِ، سَنيھَا سَرِيرَ ۾، ٻِئَا دَرَ وِسرَئَامِ، ڏِٺي جَادَمَ جَکَري. ڄام راھو جي بھادري ۽ هشمت جو اندازو ان مان به لڳائي سگھجي ٿو ته جڏهن به ڪو مصيبت ۾ ڦاٿل وٽس مدد لاءِ ايندو ھو ته ھو ان کي پنهنجي پناھ ۾ وٺندو ھو. ڄام راھو جي پناھ ۾ اچڻ کانپوءِ ھو پاڻ کي محفوظ محسوس ڪندو ھو. جيئن شاهه صاحب فرمائي ٿو ته: اُڌَمِيو اوڙاھُ، لَکين وَھنِ واھُڙا، سَمي سَرو چِڪَايو، پِييي شَاھُ گَدا، راھُوءَ جي رِھَاڻِ ۾، نَڪو ڊَپُ نه ڊاءُ، ھوتَاڻِيءَ ھَٿَان، وِڙَ پِڻِ وَڃَنِ واسِيا. اڄ جن حالتن مان عوام گذري پئي جن مشڪلاتن ۽ مصيبتن کي منهن ڏئي پئي، نه عورت جي عزت محفوظ، نه ڪنهن جي جان محفوظ، نه ڪنهن جو مال ۽ متاع محفوظ رھيو آھي. جھڙيون حالتون ھن وقت معاشري جون ٿي چڪيون آھن، جنهن ۾ انسان سُک جو ساھ نٿو کڻي سگھي، گھر کان ٻاھر نڪرڻ ۾ به خوف ۽ حراس محسوس ٿو ٿئي، وڏا ته ٺھيو پر، ننڍا ٻار به محفوظ نه رھيا آھن. معاشري جي اھڙين بگڙيل حالتن کي سڌارڻ لاءِ اڄ ڄام راھو جھڙن ڏاتارن جي ضرورت آھي. (مددي ڪتاب: “شاھ جو رسالو” ٻانھون خان شيخ “ست سورھيه ڏھ ڏاتار” معمور يوسفاڻي) *** Post Views: 402