سنڌ ڪابينا ۽ ايپيڪس ڪاميٽي جا ڪراچي ۾ ڌار ڌار اجلاس ٿيا، جن ۾ اهم فيصلا ڪيا ويا. سنڌ ۾ ترسيل غير قانوني پرڏيهين جي ڊيٽا گڏ ڪرڻ جو فيصلو هٿيارن جي نمائش ڪندڙن ۽ منشيات فروش ماڻهن کي سختيءَ سان روڪڻ جون تياريون ڏوهارين خلاف سخت آپريشن، مدرسن ۾ رهيل غير قانوني پرڏيهين جي جاچ سنڌ صوبي جي سرحدي علائقن ۾ گڏيل چيڪ پوسٽون اهڙي قسم جا بهتر فيصلا ڪيا ويا، انهن فيصلن جي سنڌ صوبي کي تمام گهڻي ضرورت آهي. شرط اهو آهي ته اهي فيصلا بيان بازي جي حد تائين نه هجن، پر انهن تي جيئن جو تيئن عمل ٿيڻ گهرجي. ٿيندو ايئن آهي جو ميٽنگ کانپوءِ هڪ پريس بيان جاري ڪيو ويندو آهي، جنهن ۾ عوام کي ٻڌايو ويندو آهي ته هاڻي اسان اهڙا سخت فيصلا ڪيا آهن، جن تي عمل جي صورت ۾ امن امان جي حالت بهتر ٿيندي. صوبي ۾ رهيل غير قانوني پرڏيهي واپس ٿيندا، پر انهن فيصلن تي عمل نه ٿيندو آهي. ايپيڪس ڪاميٽي جي اجلاس ۽ سنڌ ڪابينا جي اجلاس ۾ ٿيل فيصلن جي تائيد ڪجي ٿي. ان سان گڏ سنڌ جي عوام جو پرزور مطالبو آهي ته انهن تي هڪدم عمل ٿيڻ کپي، جيئن ڏوهارين کي قانوني سزا ملي انهن کي ڪيفر ڪردار تائين پهچائجي ته جيئن صوبي ۾ امن امان جي صورتحال بهتر ٿي سگهي.
انهن فيصلن ۾ هڪ فيصلو اهو به ڪيو ويو آهي ته رينجرز جيڪا گذريل 34 سالن کان سنڌ ۾ موجود آهي ۽ سنڌ حڪومت انهن تي اربين رپيا خرچ ڪري رهي آهي، هڪ دفعو ٻيهر رينجرز کي سنڌ ۾ 6 مهينن لاءِ وڌيڪ مدو ڏنو ويو آهي. انهيءَ فيصلي تي ته جلدي عمل ٿي ويندو، ڇو ته صرف نوٽيفڪيشن نڪرڻ جي دير آهي. باقي ٿيل فيصلا عمل جي انتظار ۾ رهندا. هڪ طرف اسان ڏسون ٿا ته پوري پاڪستان مان غير قانوني پرڏيهين کي واپس موڪليو وڃي ٿو. ٻئي طرف اجلاسن ۾ ٿيل فيصلن مان اها خبر پئي ته سنڌ حڪومت وٽ غير قانوني ترسيل پرڏيهين جي ڊيٽا ئي موجود نه آهي. اوهان کي اهو به ياد ڏياريون ته گذريل نگران حڪومت جڏهن غير قانوني پرڏيهين خاص ڪري افغانين کي جڏهن پنهنجي ملڪ موڪلي رهي هئي ان وقت سنڌ صوبي کان 4 ارب رپيا ورتا ويا هئا، هاڻي هڪ طرف سنڌ صوبو اربين رپيا ڏيئي رهيو آهي ۽ ٻئي طرف سنڌ حڪومت کي اها به خبر ناهي ته صوبي اندر ڪيترا غير قانوني پرڏيهي ترسيل آهن. هاڻي هنن کي ياد آيو آهي ته پهرين مرحلي ۾ انهن غير قانوني ترسيل ماڻهن جي ڊيٽا گڏ ڪندا، اچرج جهڙي ڳالهه آهي، پر اهڙيون حيرتناڪ ڳالهيون سنڌ صوبي ۾ ٿيڻ ڪو انوکو مثال نه آهي. جڏهن ڏسون ٿا اسلحي جي نمائش ۾ پوليس جي اعليٰ عملدارن جا پٽ ملوث نظر اچن ٿا ۽ قانون انهن کي پنهنجي پڪڙ ۾ نٿو آڻي ته پوءِ انهن اجلاسن ۾ ٿيندڙ فيصلا کوکلا نظر اچن ٿا. ٿيندو ائين ته ڪجهه ماڻهن کي ضرور قابو ڪيو ويندو پر اسلحي جي نمائش جاري رهندي، منشيات فروش منشيات وڪرو ڪندا رهندا، بس انهن تي ٽيڪس وڌيڪ لڳايو ويندو ۽ جيڪي سرحدي علائقن تي چيڪ پوسٽون قائم ٿينديون انهن جو به نيلام ٿيندو ته پوءِ صوبي ۾ امن امان ڪيئن ٿيندو.
هاڻي ته اها به خبر پئجي چڪي آهي ته دهشتگرد حملن ۾ ڪراچي ۾ موجود مذهبي درس ڏيندڙ مدرسن اندر موجود استاد پڻ ملوث آهن، انهن کي قابو ڪير ڪندو؟ رينجرز جو ڪردار اهو ئي رهندو جيڪو گذريل 34 سالن کان رهندو اچي ٿو. صرف سنڌ حڪومت کان مراعتون وٺندا رهندا، ايئن ٿو لڳي ڄڻ سنڌ حڪومت وفاق کي جزيو ادا ڪري رهي آهي، پر امن امان جي حوالي سان بهتري نظر نه ايندي ۽ اڳتي جي اميد به گهٽ ڪجي ٿي. ڳالهيون ته مايوس ڪندڙ آهن، پر ڇا ڪجي گذريل 34 سالن جي تاريخ اسان کي اهو ٻڌائي رهي آهي، پر پوءِ به انهيءَ اميد جي ڪرڻي کي نظر ۾ رکي ته ٿيندڙ فيصلن کي عملي جامو پارايو ويندو، ڇو جو وقت تبديل ٿي چڪو آهي هاڻي سوشل ميڊيا جي ذريعي عوام هڪ هڪ پل جي خبر رکي ٿو، جيڪي شيون 34 سال پهرين عوام کان ڳجهيون هونديون هيون، هاڻي عوام جي اکين اڳيان آهن. ان لاءِ وقت جي تبديلي سان گڏ سنڌ جي امن امان واري صورتحال ۾ به تبديلي جي اميد رکون ٿا.