سنڌ حڪومت جو ڇنڇر ۽ آچر تي مارڪيٽون کولڻ جو اعلان

سنڌ حڪومت سپريم ڪورٽ جي حڪم تي سڄي صوبي ۾ ڇنڇر ۽ آچر تي مارڪيٽون کولڻ تي پابندي کي ختم ڪري ڇڏيو آھي. تعليم واري صوبائي وزير سعيد غني ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو آھي ته اسين سپريم ڪورٽ جي حڪم تي عمل ڪرڻ جا پابند آھيون. ان لاءِ ھاڻي سڄي صوبي ۾ ڇنڇر ۽ آچر تي بازار کولڻ جي پابندي کي ختم ڪيو ويو آھي، جنھن کان پوءِ سنڌ ۾ به سڄو ھفتو مارڪيٽون کلنديون، جڏھن ته دڪاندارن کي سموريون احتياطي تدبيرون اختيار ڪرڻيون ھونديون. سعيد غني وڌيڪ چيو ته خريداري لاءِ اچڻ واريون عورتون پاڻ سان گڏ ڪجھ مھينن جي ٻارن کي به کڻي اچي رھيون آھن. اھڙي طرح بزرگ به بغير ماسڪ مارڪيٽن ۾ اچي رھيا آھن. ھي الارمنگ صورتحال آھي ۽ ڪاروباري ماڻھن کي انھن شين کي ڏسڻو پوندو
