بلاگنئون

ترقيءَ جي سفر کي تيز ڪرڻ لاءِ شهرن سان گڏ ڳوٺن کي به ترقي ڏيارڻي پوندي

زندگيءَ ۾ آسانيون ڪنهن کي نه گهرجن، ڪير نٿو چاهي ته سندن زندگي آسان ٿئي، ڪير نٿو چاهي ته وٽن روزگار هجي، شهري زندگي هجي، پيئڻ جو صاف پاڻي هجي، صحت جون سهولتون هجن، تعليم جي برابري هجي يا اعليٰ تعليم سندن گهر جي چانئٺ تي هجي. ڪير نٿو چاهي ته سندن شهر ۾ هر اها سهولت هجي جنهن ۾ بئنڪون هجن، مارڪيٽ هجن، شيشي جا دڪان هجن، روڊ رستا ڪشادا هجن، صفائي جو عملو سڄو ڏينهن روڊن کي ويٺو ٻهاري ڏئي، وڏيون عاليشان بلڊنگون هجن، روڊن تي روشنيون هجن، شهري زندگي وانگي سسٽم ۽ انتظام بهترين هجن، سٺا اسڪول هجن، صنعتون هجن، ريل گاڏيون، بسون سوين هزارين هجن، واپار جا اڻ ميا موقعا هجن، پر ڳوٺاڻي ۽ شهري زندگيءَ جي فرق جي ڪري ماڻهن ۾ هڪ احساس محرومي رهجي ٿي وڃي، جنهن مان شهري ۽ ڳوٺاڻي زندگي جو فرق واضح ٿي ٿو وڃي. ائين ناهي ته شهر زرعي سيڪٽر کان ڪٽيل ٿا رهن، پر اهي به ته زمينن ۾ ڀاڄيون، ڦل فروٽ، باغ باغيچا، وڻ ٽڻ به پوکين ۽ سنڀالين ٿا. شهرن ۾ برسات جي پاڻي جي نيڪال لاءِ گٽر سسٽم به هجن ٿا، پر گڏيل طور تي رهڻي ڪهڻي جي اصولن جي ڪري اهي ماڻهو شهري زندگي انجواءِ ڪن ٿا. ڇو ته انهن جي لاءِ بجليءَ جون سهولتون بنا ڪنهن رڪاوٽ جي هلنديون رهن ٿيون. انهن جي لاءِ گئس جي سهولت بنا ڪنهن رڪاوٽ جي به هلي ٿي، اهي پيئڻ جو صاف پاڻي پيئن ٿا، انهن جي علائقن تائين گٽرن جو ڄار وڇايل رهي ٿو، روشن بازارون ۽ ڪشادا روڊ رستا ۽ زندگيءَ جي هر سهولت کين مهيا هجي ٿي ته جيئن اهي زندگي آسان گذاري سگهن.
هڪ ڳالھ سمجهڻ گهرجي ته حڪومت وکريل ۽ ٽڙيل پکڙيل آبادين جي لاءِ الڳ الڳ اسڪول نٿي ڏئي سگهي. ڇو ته حڪومت جي اسڪول مهيا ڪندي به ته اهي ڪنهن هڪ ڳوٺ ۾ هوندا، جنهن ۾ ڀرپاسي جا ٻار به اچي سگهن، پر الڳ الڳ اسڪول ڏيڻ جي حڪومت ۾ به طاقت ناهي. ڇو ته ننڍن ننڍن ڳوٺن ۾ گهٽ آبادي جي هجڻ جي ٻارن جو تعداد به گهٽ هجي ٿو، انهن جي گهٽ آبادي ۽ گهٽ ٻارن جي تعداد هجڻ جي ڪري لاءِ الڳ اسڪول ٽيچر، الڳ بلڊنگ، الڳ انتظام ۽ اهڙي طرح شين کي الڳ الڳ مينٽين ڪرڻ به مسئلو آهي. ان ڪري گهڻي ڀاڱي اهڙن ڳوٺن ۾ جتي ٻارن جو تعداد گهٽ هجي ٿو، اتي ته ٻار جو نه اچڻ، وري اسڪول ٽيچر جو نه اچڻ، جنهن ۾ ان بهاني کان علاوه ٽرانسپورٽ جو نه هجڻ يا صحت جي مسئلن ۽ ٻين بهانن ۽ عذر کان سوا گهڻا ئي ٻيا به مسئلا ٿي سگهن ٿا. ان ڪري ساڳي ڳالھ ڪاليج جي سهولتن جي به آهي. مثال طور: هتي هڪ ڳالھ وڏو زور ڏئي ڪري سگهجي ٿي ته گهڻي ڳتيل آبادي يا گڏيل طور تي ڳوٺن جو شهرن ۾ تبديل ٿيڻ به حڪومت جي لاءِ وڏي انتظامي پريشر جو سبب به بڻجي ٿي ته حڪومت اتي هر سهولت مهيا ڪري، معنيٰ اتي اسڪول، ڪاليج، يونيورسٽيون ۽ اسپتالون به ڏئي جيڪا شيءِ حڪومت جي وس يا سگهه ۾ نه ٿي هجي يا اتي حڪومت جي دلچسپي به گھٽ هجي ٿي.
ڳتيل آباديءَ وارن شهرن ۾ سروس سيڪٽر جي واڌ يا ماڻهن ۾ سروس وٺڻ ۽ ڏيڻ جو رجحان وڌي ٿو، معنيٰ جيڪي آباديون گڏجي يا وڏي تعداد ۾ يا ڳتيل رهن ٿيون يا جتي رهائشي منصوبا، رهائشي اسڪيمون يا نوان رهائشي پروجيڪٽ جنهن ۾ آبادي جي وڌڻ جا رجحان هجن ٿا جيڪي رات پيٽ ۾ ننڍڙن شهرن مان وڏا شهر ٿي وڃن ٿا. اتي اهي سڀ شيون به ترقي ڪن ٿيون جيئن آبادي جي وڌڻ سان واپار، بزنس، شين جي مٽاسٽا، بئنڪون، سروس سيڪٽر وڌن ٿا. مثال طور: ڪنسٽرڪشن جو سيڪٽر وڌي ٿو، ريئل پراپرٽي جا ڪاروبار وڌن ٿا، تعليمي ادارا پبلڪ توڙي پرائيويٽ به وڌندا رهن ٿا، ڪاليج، يونيورسٽيون، مارڪيٽون، صارف وڌي ٿو، معنيٰ ماڻهن ۾ جڏهن پئسي جي گردش وڌي ٿي، روزگار جا وسيلا وڌن ٿا اتي رڳو جسماني مزدوري يا هارپو نٿو هجي. ان کان علاوه روزگار هوائي به ٿي وڃن ٿا، مشاورت جا ڪاروبار، اسپتالن جي گهڻائي، وري اهڙي وڌيل آباديءَ ۾ صنعتون ۽ فيڪٽريون به وڌي وڃن ٿيون.
حڪومت طرفان ڪچين آبادين جي اردگرد جي رهائشي پروجيڪٽ هلايا وڃن، حڪومت جي هڪ ڌڪ سان رهائشي پروجيڪٽ نٿي ڏئي سگهي ته پوءِ آهستي آهستي جي هڪڙي ضلعي ۾ ئي صنعتن ۽ فيڪٽرين جو ڄار وڇائي، هوم انڊسٽري جو رجحان وڌائي، ننڍڙا ننڍڙا قرض ڏئي ماڻهن ۾ اهي رجحان آڻي ته پوءِ ننڍڙا شهر به وڌي وڏا شهر بڻجي وڃن، اتي رهائشي پروجيڪٽ، نوان نوان گهرن جا پروجيڪٽ، جيڪي عام ماڻهن ۾ ترقي جا لاڙا کڻي ايندا. ڇو ته هزارين سال پراڻن ڳوٺن کي حڪومت ڪڏهن به صحيح طرح بجلي نٿي ڏئي، نه ئي انهن کي گئس جي سهولت ٿي ڏئي، نه ئي ڪو اسڪول، نه ڪاليج، نه يونيورسٽيون، نه بئنڪون، نه ڪا ترقي، نه روڊ رستا، نه ڪا اهڙي ڪا ڳالھ جنهن مان اهي علائقا ترقي ڪري سگهن. ڇو ته حڪومت ۽ رياست اهي سڀ شيون تڏهن ممڪن ٿي ڪري جڏهن ماڻهن جي في ڪس ڪمائي وڌي ٿي، اها تڏهن ٿي وڌي جڏهن اهي علائقا ڏينهن رات ڪمائين ٿا. اهي علائقا ترقي ٿا ڪن. ڇو ته اهي فرد، گهر ۽ علائقا جيترو ڪمائيندا اوترو خرچ به ڪندا. معنيٰ اهي حڪومت کي ٽيڪس به ڏيندا، اهي جيترو پئسو ڪمائيندا اوترو گهر تي خرچ به ڪندا. معنيٰ هڪ گهر مان ٻه گهر وٺندا، گهر ٺهرائيندا، گهر جي مٿان گهر اڏيندا، مارڪيٽ ۾ انهن جي پئسي سان مثبت چرپر ايندي، ماڻهو جيترو پئسو ڪمائيندا اوترو وري بئنڪن ۾ به رکندا، ايتري پئسي جي گردش معنيٰ ٽيڪس جي نيٽ ۾ واڌ، حڪومت ڪمائيندي ته اها به انهن علائقن تي خرچ به ڪندي، اتي بجلي جي زبردست سهولت به هوندي، اتي گئس به هوندي، پوءِ اتي نه گئس جي لوڊشيڊنگ ٿيندي نه بجلي جي لوڊشيڊنگ هوندي، اتي اهڙن شهرن ۾ زبردست روڊ رستا، جهاز، فلائيٽون، دنيا جي ٻين ملڪن سان واسطا، واپار جون سهولتون، بين الاقوامي شهرن سان رابطا به ممڪن ۽ بحال هوندا. ڀلا ڪنهن ڪچي آبادي يا ڳوٺ کي حڪومت ڪڏهن اهڙي نمائندگي ڏني آهي ڇا يا ڏيندي؟ سوال ئي پيدا ناهي ته حڪومت ڪڏهن ائين ڪري به، ڇو ته نمائندگي وري به شهري آبادي جي حصي ۾ اچي ٿي، يا جتي وڏا شهر اتي سڀ حق ۽ واسطا هجن ٿا. اتي ته اهو به آهي ته ملڪ جون واڳون آهن ئي وري شهرن جي ماڻهن جي هٿ وس، اهي جيئن چاهين ڪن، جيئن ملڪ هلائين هلائي سگهن ٿا.
اتي هڪڙي ڳالھ اها به سمجھڻ جھڙي آهي ته آمريڪا جو سڀ جون سڀ رياستون، چين جون سڀ رياستون ۽ صوبا يا جرمني، فرانس، اٽلي يا يورپ جو ڪهڙو به ملڪ يا آسٽريليا ۽ نيوزي لينڊ جو مثال وٺون ته ڇا انهن ملڪن ۾ زراعت ناهي ٿيندي ڇا؟ يا اسان اهو سمجھون ته زرعي سيڪٽر جي لاءِ آباديءَ جو ڪچو يا پٺتي پيل هجڻ ضروري آهي، پر قطعي ائين ناهي. وڏن شهرن جي چوڌاري به زرعي سيڪٽر هجن ٿا، جيترون وڏيون زرعي زمينون آمريڪا ۾ آهن شايد ئي ڪنهن وٽ هجن، اک کٽي جو آمريڪا جا زرعي سيڪٽر کٽن، پر اسان وٽ حڪمران هڪ فرسوده ۽ پراڻو نظام هلائيندا ٿا اچن يا اهو رجحان به غلط آهي ته اڻ پڙهيل ماڻهو يا اهڙو طبقو رڳو ووٽن ڏيڻ لاءِ رکيو ويندو آهي، پر قطعي ائين به ناهي. سرمائيدار رياستن ۾ سرمائيدار به ته ووٽرن کي پالي ٿو رکي، رڳو اسان وٽ اها شيءِ ناهي. اسان وٽ به آهستي آهستي جاگيرداري نظام سرمائيدارڻا نظام ۾ تبديل ٿيندو ٿو رهي.
هونئن به اسان ته وڻ وڻ جي ڪاٺي وارو نظام ٿا هلايون، معنيٰ اسان ته ڪيپيٽلسٽ به آهيون، معنيٰ سڄو ڏينهن رڳو پئسن جي ڳالھ آهي، اسان ته ڪميونسٽ رياست جو ٻج ڇٽيون ٿا ۽ اسان ته سوشلسٽ به آهيون، معنيٰ هر نظام، هر مذهب، هر فرقو آهي ئي آهي. اتي ڳوٺاڻي آبادي کي رڳو ووٽن جي مشين سمجهڻ به هڪ قومي غداري آهي. ان ڪري آباديءَ جو گڏجي رهڻ ۾ هڪ وسيع فائدو به آهي. ان جو بنيادي مقصد ماڻهن جي زندگي آسان بڻائڻ آهي، جنهن ۾ قومن جو ڀلو ٿو ٿئي. ڇو ته حڪومت جو ڌيان به سدائين اهڙن شهرن ڏي هوندو آهي يا اها به سدائين اهڙين شهرن کي امدادي پئڪيج ٿي ڏئي جن مان ٽيڪس ٿي ڪمائي. جنهن مان ڏينهن رات حڪومت کي پئسا ملندا ٿا رهن. ڇو ته وڏين آبادين ۾ ماڻهن جو گهر کان نڪرڻ معنيٰ پئسي جي روٽيشن ۽ پئسي جي کپائڻ جي ڳالھ آهي، مثال طور: وڏن شهرن ۾ ماڻهو جي گهر کان نڪرندو ته گاڏي ۾ تيل به وجهرائيندو، معنيٰ حڪومت جي کيسي ۾ ٽيڪس جا پئسا وجهندو يا تيل، پيٽرول سان لاڳاپيل انڊسٽري کي حرڪت ۾ آڻيندو ته حڪومت به ڪمائيندي. ان جي پيٽرول وجهرائڻ سان پيٽرول جي صنعت ۾ چرپر ايندي. ڇو ته شيءِ کپندي ته ٺهندي. ساڳي ڳالھ ته اهو اوتري بجلي به خرچ ڪندو، اي سي هلائيندو، ٻارن کي وڏن اسڪولن ۾ پڙهائيندو، گهر جي ٺاهه جوڙ تي پئسا اڏائيندو، معنيٰ کاڌي پيتي کان وٺي، لٽن ڪپڙن کان وٺي، گاڏي جي هلائڻ ۽ جهاز جي سفرن کان وٺي اهو شهري حڪومت جي لاءِ ٽيڪس جي مشين ثابت ٿيندو. ان ڪري ڳوٺن جي آبادين کي آهستي آهستي شهري آبادي ۽ گڏيل آبادي ۾ ڪنورٽ ڪجي ۽ حڪومت تي زور ڏجي ته اها هر شهر، هر ضلعي ۾ گهرو صنعتن جو ڄار وڇائي ته جيئن ماڻهن ۾ شهري آبادي جا رجحان وڌن، اهي به شهري زندگي گذارن ته جيئن حڪومت جو ٽيڪس نيٽ به وڌي ۽ ماڻهن جي بدلي ۾ زندگي آسان ٿئي.