توشه خان ڪيس: نيب کي 30 نومبر تائين نواز شريف جو بيان رڪارڊ ڪرڻ جي هدايت
اسلام آباد جي احتساب عدالت توشه خانه ڪيس ۾ نيب کي نوازشريف جو بچاءَ وارو بيان رڪارڊ ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. احتساب عدالت جي جج محمد بشير توشه خانه گاڏين واري ڪيس جي ٻڌڻي هلائي، ڪيس ۾ نامزد اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ۽ يوسف رضا گيلاني جا نمائندا به عدالت ۾ پيش ٿيا. نواز شريف جي وڪيل چيو ته نواز شريف جو بچاءَ وارو هڪ بيان رهي ٿو، نيب کي بيان رڪارڊ ڪرڻ جي هدايت ڪئي وڃي، عدالت چيو ته ان ۾ ڪهڙو مسئلو آهي نواز شريف کي گهرائي بيان رڪارڊ ڪرائي وٺو. نيب جي پراسيڪيوٽر چيو ته بيان جاچ آفيسر کي رڪارڊ ڪرڻو هوندو آهي ۽ اهو ئي رڪارڊ ڪندو، نواز شريف جي وڪيل چيو ته اسان کي سوالنامو ڏيو اسان جواب ڏئي ڇڏينداسين. عدالت نواز شريف جو بچاءَ وارو بيان رڪارڊ واري درخواست منظور ڪري ورتي. نيب کي 30 نومبر تائين نواز شريف جو بيان رڪارڊ ڪرڻ جي هدايت، ٻڌڻي ساڳي تاريخ تائين ملتوي ڪئي وئي آهي.