انڊيا ۽ پاڪستان سنڌو درياءَ ۽ لاڳاپيل دريائن جي پاڻي واري ورهاست جي لاءِ عالمي بينڪ جي ٽياڪڙي سان سيپٽمبر 1960ع ۾ سنڌ طاس معاھدو ٿيو. ان وقت انڊيا جي وزيراعظم جواهر لال نهرو ۽ پاڪستان جي صدر جنرل ايوب خان ڪراچيءَ ۾ ان معاھدي تي صحيون ڪيون هيون ۽ اها اميد ظاهر ڪئي هئي ته اهو معاھدو ٻنهي ملڪن جي هارين جي لاءِ خوشحالي آڻيندو ۽ دوستي جو ضامن هوندو. دريائن جي ورهاست جو معاهدو ڪيترين ئي جنگين، اختلافن ۽ جهڳڙن جي باوجود 65 سالن کان پنهنجي جاءِ تي قائم آهي. ان معاھدي جي تحت انڊيا کي بياس، راوي ۽ ستلج جي دريائن جي پاڻي تي مڪمل. جڏهن ته پاڪستان کي ٽن اولهندي دريائن سنڌ، چناب ۽ جهلم جي پاڻي تي اختيار ڏنو ويو هو. باوجود ان جي انهن دريائن جي 80 سيڪڙو پاڻي تي پاڪستان جو حق آهي. انڊيا کي مغربي دريائن جي وهندڙ پاڻيءَ مان بجلي پيدا ڪرڻ جو حق آهي، ليڪن اهو پاڻي گڏ ڪرڻ يا ان جي وهڪري کي گڏ ڪرڻ جا مبصوبا نٿو ٺاهي سگهي. ان جي ڀيٽ ۾ هن کي مشرقي دريائن راوي، بياس ۽ ستلج تي ڪنهن به قسم جي منصوبي ٺاهڻ جو حق حاصل آهي جن تي پاڪستان اعتراض نٿو ڪري سگهي. معاهدي جي تحت هڪ مستقل انڊس ڪميشن به قائم ڪئي وئي جيڪا ڪنهن منصوبي جي حل جي لاءِ به ڪم ڪري ٿي. باوجود ان جي جيڪڏهن ڪميشن مسئلي جو حل نٿي ڪڍي سگهي ته معاھدي جي مطابق حڪومتون انهيءَ کي حل ڪرڻ جون ڪوششون ڪن ٿيون. ان کانسواءِ معاھدي ۾ ماھرن جي مدد وٺڻ يا جهڳڙن جو حل ڳولهڻ جي لاءِ ٽياڪڙي عدالت ۾ وڃڻ جو طريقو به مقرر ڪيو ويو هو.