سمنڊ جي گدلاڻ ڪارڻ ڪراچي پورٽ ٽرسٽ کي هر سال 50 ڪروڙ رپين جو نقصان
سمنڊ جي گدلاڻ ڪارڻ ڪراچي پورٽ ٽرسٽ کي هر سال 50 ڪروڙ رپينجو نقصاناڱاري واري ڏينهن پارليامينٽ جي اسٽينڊنگ ڪميٽي آڏو ڳالهائيندي ڪي پي ٽي جي چيئرمين ريئر ايڊ مرل جميل اختر ٻڌايو ته سمنڊ جي گدلاڻ ڪارڻ ڪي پي ٽي هر سال اضافي 35 کان 50 ڪروڙ رپيا ٻيڙن جي سار سنڀال تي خرچ ڪري رهي آهي. هن وڌيڪ چيو ته سمنڊ ۾ پلاسٽڪ جي ٿيلهن جي ڪري به ٻيڙن جا پروپيلر خراب ٿين ٿا، جنهن جي صفائي ڪرائڻي پوندي آهي. پاڪستان نيوي به ساڳئي مسئلي کي منهن ڏيئي رهي آهي، اها ته ڪي پي ٽي کان به پنجوڻ تي خرچ ڪري رهي آهي. پارليامينٽ پاران ڪميٽي کي ڪوٺائڻ جو مقصد اهو هو ته سمنڊ ۾ گندي پاڻي ڇڏڻ ڪارڻ ٿيندڙ گدلاڻ سامونڊي جيوت کي ٿيندڙ نقصان جو ڪاٿو لڳائي سگهجي. جميل اختر ڪميٽي کي اهو به چيو ته اهڙي صورتحال ۾ تڪڙي رد عمل جي گُهر آهي. پورٽس اينڊر شپنگ جي ڊائريڪٽر جنرل اسد چيو ته هر روز 45 ڪروڙ گيلن کان 50 ڪروڙ گيلن ڪچو گند سمنڊ ۾ وهايو پيو وڃي جيڪو سامونڊي جيوت لاءِ تمام نقصان ڪار آهي.

