پاڪستاننيو‍‍ز

خوراڪ جي گهٽتائي سبب مٺي سول اسپتال ۾ وڌيڪ 5 ٻارڙا فوت ٿي ويا

مٺي ۾ خوراڪ جي گهٽتائي سبب وڌيڪ 5 ٻار فوت ٿي ويا. اربع ڏينهن مٺي سول اسپتال ۾ پنج ٻارن جي فوت ٿيڻ سان ڪل ٽن ڏينهن ۾ فوت ٿيندڙ ٻارڙن جو تعداد 17 ٿي ويو. مرندڙ ٻارڙن جي والدين چيو ته سول اسپتال ۾ ڪي به سهولتون ميسر نه آهن. هنن اهو به چيو ته انهن کي دوائون اسپتال کان ٻاهران خريد ڪرڻيون پيون پون. اسپتال وارن هن ڏس چيو ته دوائن جا فنڊ جاري نه ٿيا آهن ان ڪري اهي دوائون خريد ڪري اسٽاڪ نه رکي سگهيا آهن. هتي واضح رهي ته فنڊ جاري نه ٿيڻ ڪارڻ سول اسپتال پيٽرول پمپ ۽ ميڊيڪل اسٽور جي قرضي ٿي پئي آهي جيڪو قرض هن وقت 96 لک رپين تائين پهچي ويو آهي. ان کان علاوه مريضن کي حيدرآباد ۽ ڪراچي تائين پهچائڻ لاءِ ايمبولينس جي به گهٽائي آهي. خبرن مطابق 2017 دوران ضلعي جي مختلف ميڊيڪل سينٽرن ۾ 512 ٻار خوراڪ جي گهٽتائي سبب مري ويا آهن.