بلاگنئون

سياسي مصلحتن سان ملڪ ڪيستائين هلندو؟

اها ڪا نئين ڳالهه ناهي ته پاڪستاني سياست ۾ هر مسئلي کي تڏهن ئي اهميت ڏني ويندي آهي. جڏهن اها ڪنهن خاص سياسي پارٽي جي مفاد ۾ هجي. وزيراعظم شهباز شريف پاران تڪراري ڪينال منصوبي کي گڏيل مفادن واري ڪائونسل ۾ آڻڻ ۽ بلاول ڀٽو زرداري سان گڏ بيهڻ ۽ گڏيل رضامنديءَ کي ورجائڻ جو اعلان دراصل سياسي مصلحت کي اصولي طور لڪائڻ جي ڪوشش آهي. پاڪستان هڪ وفاق ضرور آهي، پر بدقسمتيءَ سان هتي جو وفاق مفلسيءَ هيٺ دفن ٿي ويو آهي. ڪالا باغ ڊيم جهڙو سنڌ دشمن منصوبو ڪيترن ئي ڏهاڪن کان ملڪ جي معيشت، زراعت ۽ توانائي جي بحران جو شڪار آهي. ان جي باوجود وفاق هڪ سياسي پارٽيءَ کي راضي ڪرڻ لاءِ ڇهن ڪئنالن جو مسئلو کڙو ڪري پنهنجي لاءِ ڪيترائي مسئلا پيدا ڪيا آهن. توڙي جو پ پ ان معاملي ۾ ڌر بڻجي ٻٽي پاليسي اختيار ڪري ويٺي آهي، ان ڪري ان جو حل وفاقي جماعتن وٽ نه، پر سنڌ جي انهن غيرتمند پارٽين وٽ آهي، جيڪي اٺن ڏينهن کان ڌرڻو هڻي ويٺل آهن.

24 اپريل 2025 تي وزيراعظم شهباز شريف پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداريءَ سامهون ان منصوبي کي پاڪستان جي بهترين مفاد ۾ قرار ڏئي سنڌ جي ماڻهن جي ڦٽن تي لوڻ ٻرڪيو ۽ بلاول زرداري اهو سڀ ڪجهه ٻڌي سندس حمايت ڪندو رهيو. هاڻي سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته ڇا پ پ سنڌ جي عوام جو آواز آهي؟ سندس پارٽي گذريل ٽيهه سالن ۾ سنڌ جي خوشحاليءَ لاءِ ڪو ميگا پراجيڪٽ ورتو آهي يا سنڌ دشمن سان ويهي سنڌ خلاف هر سازش تي ها ۾ ها ملائي خاموشي اختيار ڪئي آهي. وزيراعظم شهباز شريف ۽ سندس ساٿاري چون پيا ته ڪئنالن جي معاملي تي اسان پ پ کانسواءِ  ڪنهن سان نه ڳالهائينداسين. ان جو مقصد ته پاڻ ۾ ڳٺ جوڙ ڪري سنڌ کي اڃان وڌيڪ تباهيءَ جي ڪناري تي پهچائينداسين. کين ڪنهن ٻڌايو آهي ته پ پ سنڌ جي ماڻهن جي نمائنده جماعت آهي. اها ته پنجاب سامراج ۽ اسٽيبلشمينٽ جي پيداوار آهي انهن کي نه سنڌ جي وسيلن ۽ زمينن جو فڪر آهي ۽ نه وري سنڌو درياءَ جو فڪر اٿن، اها اسان جي دردن جي دوا نٿي ڪري سگهي.

ڇا پ پ يا وفاق ڪنهن به معاملي تي سنڌ جي اعتراضن کي اوليت ڏني آهي؟ پري نه وڃو هن وقت جي وڏي ۾ وڏي اشو سنڌو درياءَ تي ڇا سنجيدگيءَ سان غور ڪيو ويو آهي ته اسان جي انهن اعتراضن جي نوعيت ۽ حقيقت ڇا آهي؟ يا اسان جا اهي اعتراض جائز آهن يا رڳو سياسي نعرن جي پيداوار آهن؟ اسان واضح چيو هو ته ڪالاباغ ڊيم سان سنڌ کي نقصان پيو ٿئي، ان لاءِ ڪيتريون ئي ڪميٽيون ٺاهيون ويون، پر ڪو حل نه نڪتو. ان جي باوجود هو ان رٿا تي وقفي وقفي سان  سائنسي يا قانوني دليل ڏيندا رهن ٿا ۽ ڊيلٽا کي سمجهڻ بنا پاڻي ضايع ٿيڻ جون ڳالهيون ڪندا رهن ٿا ۽ مئل گهوڙي ۾ ساهه وجهي زنده ڪرڻ جي ڪوشش ڪن ٿا. حقيقت اها آهي ته پيپلزپارٽي هميشه ڪالاباغ ڊيم کان وٺي ڪئنال رٿا ۽ وسيلن توڙي زمينن جي وڪري واري مسئلي کي پنهنجي ووٽ بئنڪ بچائڻ لاءِ استعمال ڪيو ۽ مسلم ليگ (ن) هميشه سياسي وقت جو انتظار ڪيو. گڏيل مفادن واري ڪائونسل جي اهميت کان ڪنهن کي به انڪار ناهي، پر ڇا واقعي اها ڪائونسل صوبن جا مسئلا حل ڪرڻ لاءِ استعمال ٿي رهي آهي يا رڳو سياسي توازن برقرار رکڻ لاءِ ٺاهي وئي آهي؟ ڇو ته سي سي آءِ (گڏيل مفادن واري ڪائونسل) جي جوڙجڪ هن وقت هيئن آهي: (1) وزيراعظم شھباز شريف ڪئنالن جو حامي ۽ منظوري ڏيندڙ. (2) نائب وزيراعظم اسحاق ڊار (ن) ليگ جو رهنما ۽ ڪئنالن جو مڪمل حامي. (3) وزيراعليٰ پنجاب مريم نواز مسلم ليگ (ن) جي صدر ۽ ڪينال پنجاب جي انا جو مسئلو آھي. (4) سرفراز بگٽي گذريل پنجن مهينن کان ڪڇي ڪينال مڪمل ڪرڻ لاءِ ڏھاڪو گڏجاڻين جي صدارت ڪندڙ ۽ ڪينال کي گيم چينجر سمجهندڙ. (5) وزيراعليٰ ڪي پي ڪي علي امين گنڊاپور نه هن جهان ۾ نه هن جهان ۾ رڳو پنهنجن پراون سان جهيڙا ڪندڙ. (6) وزيراعليٰ سنڌ مراد علي شاهه، وفاق سان اقتدار ۾ (ن) ليگ سان گڏ ويٺل پ پ قيادت جو حصو ۽ ڪينالن جو حامي. (7) امير مقام مسلم ليگ ۽ ڪارپوريٽ فارنگ وارن جو ٻڌو ٻانھو.

انهن مطابق چيو ويو ته 2 مئي واري اجلاس ۾ اهي فيصلو ڪندا ته سنڌو درياءَ تي ڪينال ٺاهجن يا نه ٺاهجن. ان لاءِ وزيراعظم شهباز شريف بلاول ڀٽو زرداريءَ کي پاڻ سان گڏ ويهاري پريس ڪانفرنس ڪري وقت وڃايو. جيستائين ڪائونسل خالص نيت ۽ خلوص تي ٻڌل نه هوندي، تيستائين ان مان پيدا ٿيندڙ فيصلا رڳو بيان ئي رهجي ويندا. وزيراعظم کي جيڪڏهن مسئلو حل ڪرڻو آهي ته اجلاس جو انتظار ڇو ٿو ڪري. ڇا ڪئنال ٺاهڻ وقت ڪنهن کان منظوري ورتي هئائين؟ هاڻي چوي ٿو ته جيستائين گڏيل رضامندي نه ٿيندي تيستائين ڪئنال نه ٺهندا. هتي سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته جيڪڏهن اهو اتفاق نه ٿيو ته پوءِ ڇا ٿيندو؟ ڪئنال اشو ڪو سياستدانن جو مسئلو ناهي جو توهان هڪ فرد کي راضي ڪري ڪئنال ٺاهي وٺندو. سنڌ صوبي جي عوام جو فيصلو توهان جي سامهون آهي ته هن وقت سڄي سنڌ سراپا احتجاج آهي ته ڪنهن به صورت ۾ اهو منصوبو قبول ناهي. جيڪڏهن اهو منصوبو ٺهيو ته ايندڙ نسل پاڻي جي هڪ ڦڙي لاءِ سڪندو رهندو، سنڌو درياءَ سموري جيوت جي جيئڻ جو ذريعو آهي. سنڌوءَ مٿان غيرآئيني ۽ غير قانوني ڪئنال اهڙي وقت ۾ ٺاهي رهيا آهن، جڏهن سنڌ جو زرعي شعبو تيزي سان تباهي طرف وڃي رهيو آهي. پاڻي جي کوٽ ڏينهون ڏينهن وڌي رهي آهي، زرعي پيداوار تمام گهڻي گهٽجي رهي آهي، هاري غربت سبب اجتماعي خودڪشيون ڪري رهيا آهن ۽ شهرن ۾ پيئڻ جي پاڻيءَ جي فراهمي به غير يقيني بڻجي رهي آهي. خاص طور تي ڪوٽڙي ڊائون سائيزنگ سبب پاڻيءَ جي وڏي کوٽ ٿي رهي آهي ۽ درياءَ ۾ واري اڏامي رهي آهي. انهن حالتن ۾ ڇا حڪمرانن کي اهڙن فيصلن ڪرڻ جي ضرورت آهي، جيڪي صوبن لاءِ نقصانڪار هجن. پوري قوم ڄاڻي ٿي ته ماضي ۾ ڪيترائي منصوبا منظوري کانپوءِ فائلن ۾ دفن ٿي ويا آهن ته پوءِ هن فيصلي کي ڪهڙي اهميت حاصل هوندي!! ڇا وفاقي حڪومتن ڪڏهن عوام جي راءِ کي سامهون رکي پاليسيون ٺاهيون آهن يا طاقت جي زور تي فيصلا مڙهيا آهن؟ جيڪڏهن ان جو جواب اهو آهي ته حڪمرانن ڏاڍ جي زور تي عوام جي آواز کي دٻايو آهي ته هاڻي عوام جي بيداري توهان کي غلط فيصلا ڪرڻ ڪونه ڏيندي. اڄ جڏهن ملڪ معاشي بحران، سياسي عدم استحڪام ۽ ادارتي ڪمزوريءَ جو شڪار بڻجي رهيو آهي ته ڇا اهڙا مبهم بيان مسئلن جو حل آهن يا انهن جي شدت ۾ اضافو ٿي رهيو آهي؟ حڪمرانن لاءِ وقت اچي ويو آهي ته هو گڏيل مفادن واري ڪائونسل کي محض رسمي پليٽ فارم بدران هڪ اهڙو فيصلو ڪندڙ ۽ بااختيار ادارو بڻائين، جنهن جا فيصلا رڳو ٺهراءُ نه هجن، پر ان تي عملدرآمد لاءِ عملي نقشو به هجن. ان ۾ رڳو سياستدانن جي راءِ شامل نه هجي، بلڪه پاڻيءَ جي ماهرن جي سوچ ۽ خدشا به شامل هجن، جيڪي صوبن جي حق ۾ هجن. پاڪستان کي اڄ جنهن شيءِ جي سڀ کان وڌيڪ ضرورت آهي، اها آهي فيصلي جي قوت، جنهن سان هر ماڻهوءَ کي مطمئن ڪري سگهجي ٿو. هاڻي هيءَ قوم وڌيڪ دير جي متحمل نه ٿي سگهي. ڪينال، ڊيم، پاور پراجيڪٽ ۽ زراعت جهڙن نازڪ مسئلن تي سياسي بيان بازي بدران واضح ڊگهي مدي واري حڪمت عملي جي ضرورت آهي. ماڻهو پاڻي چاهين ٿا، ڪئنال منصوبو ختم ڪرڻ چاهين ٿا واعدو نه، هاري تقريرون نه، آبپاشي چاهين ٿا. ائين قوم ترقي چاهي ٿي، بي معنيٰ ملاقاتون نه گهرجن. شهباز حڪومت ۽ پيپلز پارٽي کي هن ملڪ جي عوام جي ڀلي لاءِ فيصلا ڪرڻا پوندا. ڌرتي، درياءَ وسيلن  سان وفادار رهڻ سندن ذميواريءَ ۾ شامل هجي  اهو تڏهن ئي ممڪن آهي، جڏهن سياسي انا، ذاتي مفادن ۽ وقتي فائدن کان بالاتر ٿي سوچجي. ٻي صورت ۾ اهي بيان ماضي جي ڪوڙن واعدن وانگر تاريخ جي ڪچري ۾ دفن ٿي ويندا ۽ قوم حڪمرانن خلاف سراپا احتجاج بڻيل رهندي.