بلاگنئون جيڪو ماڻهو ڪين وڪاڻو April 22, 2024 Zahida Abro “جيڪو ماڻهو ڪين وڪاڻو، سوئي ماڻھو موتيءَ داڻو!” سنڌ جي قومي آزاديءَ جي ويڙہ وڙھندڙ ۽ سموري انسانذات خاص طور پورھيت عوام لاءِ پنھنجي زندگي ارپيندڙ سرڪش انقلابي انسان پنھنجي آخري زماني ۾ گمناميءَ جي غفا ۾ گم ٿي منظر تان غائب ٿي رھيا آھن. “اگھيو ڪائو ڪچ، ماڻڪن موٽ ٿي.” جليل ڪورائي جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن لاڙڪاڻي جو بھادر ۽ سرڪش ورڪر ۽ محفلن جو مور ھيو. اھو پيار ۽ ھجت جو زمانو ھيو جنھن جي جاء خوشامد ۽ خود غرضيء والاري ڇڏي آھي. اسان جي پنھنجي رھبر جي ايم سيد سان بہ محبت ھئي ۽ ھن جي ڪا ڳالهه، ڪا پاليسي اسان کي غلط لڳندي ھئي تہ ان جو بہ بيباڪيء سان اظھار ڪندا هئاسين. اھو خلوص دل، سچائي، بيباڪي ۽ زندہ دليءَ جو زمانو ھيو جنھن کي ڪوڙ، ٺڳي، سازش ۽ خوشامد جو گرھڻ لڳي ويو آھي. 1980ع جي ڏھاڪي جي پھرين اڌ ۾ اصغر قريشي جي اڳواڻيءَ ۾ جساف ڪراچي جي واڳ اسان جي ھٿن ۾ ھئي ۽ جساف ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي جي واڳ عاشق منصور گوپانگ، جليل ڪورائي ۽ ادريس چانڊئي جي ھٿن ۾ آئي. 1983ع ۾ جڏھن عبدالواحد آريسر ۽ عبدالخالق جوڻيجو جا سائين جي ايم سيد سان اختلاف ٿيا ۽ راھون الڳ ڪرڻ جو سوچڻ لڳا تہ ھنن جساف ڪراچي مان اصغر قريشي سان رابطو جيڪو مون کي ساڻ ڪري ساڻن مليو ۽ پوءِ اھو سلسلو اتي اچي پھتو جو الڳ ٿيڻ جو فيصلو تہ گڏ ڪيوسين پر آخري وقت تي اسان الڳ ٿي وياسين ھو اتي ئي رھجي ويا. الڳ ٿيڻ جو فيصلو ڪندڙ اڳواڻ ھڪ ھڪ ڪري فاصلا ڪندا ويا ۽ الڳ ٿيل دوستن جي اڳواڻيءَ جي ذميداري مون تي پئي تہ مون بہ سڄي ذميداري ادريس چانڊئي ۽ جليل ڪورائي تي وجھي پاڻ وڃي ٽن سالن لاءِ مونن ۾ منھن وجھي ڇڏيو. ان انتھائي اھم موڙ تي ادريس ۽ جليل سڄي سٿ کي سنڀاليو جن سنڌ دوست مزدور تنظيم ۽ انقلابي پارٽي جا بنياد رکيا جنھن سنڌ جي قومي آزاديءَ جي تحريڪ ۾ مثبت ڪردار ادا ڪيو. سنڌ دست مزدور تنظيم جو نالو بہ جليل ڪورائي پيش ڪيو ھو. 1991ع ۾ جڏھن اسان سنڌ دوست انقلابي پارٽي کي ختم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو تہ جليل ڪورائي بہ انھيءَ سٿ جو ساٿي ھيو جنھن ان فيصلي جي شديد مخالفت ڪئي ۽ قومي آزاديءَ جي جدوجھد جاري رکڻ لاءِ بضد رھيو. ان کان پوءِ گذريل ٽن ڏھاڪن ۾ جيڪا بازار لڳي جليل پاڻ کي ان ۾ وڪرو ڪرڻ بدران تن تنھا مزدور جدوجھد جاري رکي جڏھن تہ ننڍا وڏا سڀ ٽريڊ يونين اڳواڻ زماني جي ريت سان رنگجي ويا پر ھن جي حق حلال جي روزيءَ تي لت اچڻ باوجود بہ ھو بک ۽ بي روزگاري جي عالم ۾ بہ بغاوت جو علم بلند رکندو آيو. مون سميت سڀني کيس ڏاھپ جا ڏس ٿي ڏنا تہ ڇو ٿو اجايو پنھنجا ٻچا بہ رڻ ۾ رلائين، ڏس ڏاھو ٿي، ضد ڇڏ، في الحال مصلحت جي راہ وٺ پر ھو آخر تائين سرڪشي جي راہ جو ئي مسافر رھيو. ھن جو درسي نانءُ تہ جليل اختر ڪورائي آھي پر سندس ثابت قدمي ۽ سرڪشي ڏسي دل چوي ٿي سندس نانءُ لکان: جليل سرڪش ڪورائي ھڪڙي رات جليل ۽ لياقت پنھور سان سيتا ولاس جي ٽپڻ واري اڱڻ تي ڪچھري ڪندي خيال پيش ڪيائين تہ سنڌ جي مزدور جدوجھد سوديباز ٽريڊ يونين قيادت وٽ يرغمال بڻيل آھي ڇو نہ سنڌ دوست مزدور تنظيم بحال ڪجي ۽ جي سنڌ يونائيٽڊ پارٽي ان کي پنھنجو ڪري تہ ان کي عملي جامو پھرائي سگھجي ٿو. مون ۽ لياقت کيس چيو تون عملي قدم کڻ، چڱائي ٿيندي. اسين ھونئن ئي اميد پرست ۽ مرڻ گھڙيءَ تائين جدوجھد جاري رکڻ جا قائل آھيون سو ھڪ تجربو ٻيو بہ سھي. ھن اڃان ان سفر جا سانباھا ئي ڪيا پئي تہ کيس ڪينسر جي موذي مرض اچي وڪوڙيو ۽ اڄ 17 اپريل 2024ع تي ان سفر جو راھي ٿيو جنھن جي انت بحر جي خبر ڪنھن کي بہ ڪونھي. Post Views: 342