ايڊيٽوريل

ڪچي جي ڌاڙيلن کي اسلحو ڪير ٿو پهچائي؟

ميڊيا ۾ خبرون اچي رهيون آهن ته جيڪب آباد پوليس جي اسپيشل برانچ ڪارروائي ڪندي اسلحي جي وڏي کيپ پڪڙي آهي، جنهن ۾ ڪلاشنڪوف، لائٽ مشين گن ۽ هزارن جي تعداد ۾ گوليون آهن. اها به خبر آهي ته اهو اسلحو هڪ بااثر ماڻهو جي ويگو گاڏيءَ ۾ موجود هو، جنهن جي پويان پوليس موبائل پڻ هئي، جنهن جي اندر به اسلحو موجود هو. جيئن ته هو بااثر ماڻهو هڪ صوبائي صلاحڪار جو پٽ ٻڌايو ٿو وڃي، انهيءَ ڪري ان تي ڪوبه ڪيس داخل نه ٿيو ۽ ان کي ڇڏيو ويو. خانه پوري ڪرڻ جي لاءِ ٻن پوليس جي سپاهين کي ذميوار ڄاڻايو ويو.
تازيون خبرون اهي به آهن ته انهن سپاهين کي به ڪيس مان آجو ڪيو ويو آهي. ڇاپو هڻي اسلحو پڪڙيندڙ پوليس اهلڪار شاباس جا مستحق آهن، اسين ته انهن کي شاباس ڏيون ٿا، ٿي سگهي ٿو سنڌ گورنمينٽ انهن تي ڪو عتاب نه آڻي جو انهن هڪ بااثر ماڻهو کي روڪي انهن کان اسلحو پڪڙيو ۽ ان کي ٿاڻي تي وٺي آيا، اها فرض شناسي سندن جرم نه بڻجي وڃي. حڪومت طرفان ٿي سگهي ٿو ته انهن کي سزا ملي. هن وقت جيڪا صوبي جي امن امان جي صورتحال آهي انهيءَ تي روز ميڊيا دانهون ڪندي رهي آهي، پر اعليٰ اختيارين جي ڪن تي جونءِ به نٿي سُري. ڪجهه وقت پهرين سي ايم صاحب گهوٽڪي ۽ ڪشمور ضلعن جو دورو ڪندي چيو هو ته ڪچي جي ڌاڙيلن کي اسلحو ڪير ٿو پهچائي. سي ايم صاحب توهان کي خبر پئي ته انهن کي اسلحو ڪير ٿو پهچائي؟ يا اڃان به توهان بي خبر آهيو. اوهان کان وڌيڪ خبردار توهان جي حڪومت جو وزير داخلا آهي جنهن برملا اظهار ڪيو هو ته سڀني کي خبر آهي ته ڪچي جي ڌاڙيلن کي اسلحو ڪير ٿو پهچائي، جي ها بلڪل اهي ئي ماڻهو جيڪي حڪومت ۾ ويٺل آهن انهن جو اولاد، انهن جا ڪارنده ۽ انهن کي ڏسي پئسن ڪمائڻ جي لالچ ۾ پوليس جا راشي عملدار سڀئي ان ڪڌي ڪم ۾ برابر جا شريڪ آهن.
ڌاڙيلن کي بنا روڪ ٽوڪ جي وافر مقدار ۾ اسلحو ملندو رهي ٿو، ماڻهو اغوا ٿيندا رهن ٿا، ڀُنگ ڀري واپس ايندا رهن ٿا ۽ اها اغوا ۽ ڀُنگ واري انڊسٽري ڏينهون ڏينهن ترقي ڪندي ٿي وڃي، جنهن جو فائدو ڪچي جي ڌاڙيلن کان وٺي پڪي جي ڌاڙيلن کي پوي ٿو. ڀوڳي سنڌ صوبي جو سفيد پوش، شريف ۽ ڪمزور عوام. هاڻ هي ڳالهيون لڪل نه رهيون آهن. عوام جي مجبوري آهي ڇا ڪري؟ دانهن وري به توهان وٽ کڻي ٿو اچي. حڪومت ۾ ويٺل ماڻهن وٽ شايد اخلاق نالي ڪابه شيءِ نه آهي، انهيءَ جي ڪري هو بجاءِ عوام جي دردن جو درمان ڪرڻ جي جيڪي ماڻهو انهن کي ايذاءُ ڏين ٿا انهن جا ساٿاري بڻيا بيٺا آهن. انصاف قانون پري پري تائين نظر نٿو اچي ۽ جيڪڏهن ڪو مٿي ڦريو قانون جو رکوالو جرئت ڪري اهڙي قسم جي ڪارروائي ڪري ٿو ته ان کي پنهنجي نوڪري ۽ جان بچائڻ مشڪل ٿي پوي ٿي، ان جا پٽي ڀائي کيس چريو چون ٿا. هاڻي سنڌ جو عوام وڃي ته وڃي ڪيڏانهن؟ ووٽ اوهان کي ڏئي ٿو، حڪومت ۾ اوهان ويٺا آهيو، ڌاڙيلن کي اسلحو اوهان جي ڀر پاسي ويٺل حڪومتي نمائندا پهچائين ٿا ۽ اوهان جي پوليس انهن تي ڪوبه ايڪشن نٿي کڻي. اسان کي به سمجهه ۾ نٿو اچي ته اوهان کان ڪهڙو مطالبو ڪريون، جڏهن توهان کي سڀ خبر آهي ته ڏوهي ڪير آهي ته پوءِ ڏوهي کي پڪڙيو ڇو نٿا؟ اوهان عوام طرفان مليل اختيار کي عوام جي ڀلائي جي لاءِ استعمال ڇو نٿا ڪريو جيڪو اوهان جو اولين فرض آهي.
ياد رکو هتي جو عوام ڪمزور آهي، اوهان کان پڇاڻو نٿو ڪري سگهي، پر اهو ساڳيو عوام جيڪو اڄ پڇاڻو نٿو ڪري سگهي سڀاڻي جيڪڏهن توهان تي ڏمرجي پيو ته پوءِ توهان کي سڀ ڳالهه سمجهه ۾ اچي ويندي.