ايڊيٽوريل

محترمه ثريا مخدوم جو وڇوڙو

اڙي موت ميار هيڏو ساڙ سڳنڌ سين!!
انتهائي افسوسناڪ خبر ته محترمه ثريا مخدوم اسان کان وڇڙي وئي آهي. گهر هجي، سماج هجي، نسل هجن انهن کي پرسڪون ۽ پرامن تربيت يافته بنائڻ ۾ سڀ کان وڌيڪ حصو عورت جو آهي. جيڪڏهن عورت تعليم جي زيور سان سينگاريل هجي پوءِ هن سماج لاءِ ڪم ڪري اهو به تعليمي ميدان ۾ يا سياسي ميدان ۾ ته يقينن ان جو ڪردار چمڪندڙ ستاري وانگر سماج اندر موجود رهي ٿو، سندس وڇوڙي سان سماج اندر کوٽ محسوس ٿئي ٿي.
سنڌ جي عورت سماج کي تبديل ڪرڻ جي لاءِ پنهنجو ڪردار ڀرپور نڀايو آهي، سندس ئي ڪردار سبب سنڌي سماج بهتري طرف وک وڌائي رهيو آهي. محترمه ثريا مخدوم مرحومه سنڌ جي ساهتي پرڳڻي جي هڪ ننڍي شهر درٻيلي ۾ پيدا ٿي جيڪو ضلعي نوشهروفيروز ۾ آهي. درٻيلي جي سڃاڻپ محترم الهندو شاهه پڻ آهي، جنهن 1896ع ۾ نوشهروفيروز شهر ۾ پنهنجي طرفان 17 ايڪڙ زرعي زمين اسڪول کي عطيو ڪئي هئي، اهو اسڪول اڄ به مدرسه هاءِ اسڪول نوشهروفيروز جي نالي سان قائم آهي. ثريا مخدوم جي تعليم حاصل ڪرڻ ۾ اهو اتساهه پڻ شامل آهي، نه ته هڪ ٻهڙاڙيءَ جي عورت 70ع واري ڏهاڪي ۾ يونيورسٽي ۾ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ پهچي ان وقت جو اڙانگو سفر هو. محترمه ثريا مخدوم مرحومه جيئي سنڌ اسٽوڊنٽ فيڊريشن يونيورسٽي ليڊيز ونگ جي پهرين صدر هئي. ان مان سندس سنڌ جي قومپرستيءَ طرف لاڙو سمجهي سگهجي ٿو. تعليم حاصل ڪرڻ کانپوءِ پاڻ مهراڻ يونيورسٽي ۾ ليڪچرار طور پڙهائڻ شروع ڪيو ۽ اتي به سياسي سرگرمين ۾ ڪردار نڀائيندي رهي. خاص طور تي عورتن جي تعليم لاءِ جاکوڙيندي رهي. هوءَ انتهائي قابل، محنتي استاد جي روپ ۾ پنهنجن شاگردن جي لاءِ هڪ رول ماڊل هئي. 2001ع ۾ پاڪستان ڇڏي انگلينڊ هلي وئي ۽ اتي به کيس هڪ اسڪول جو گورنر مقرر ڪيو ويو. اهو ذڪر ان ڪري ٿا ڪريون ته سندس تعليم جي مڃتا نه صرف سنڌ اندر پر انگلينڊ جهڙي تعليم يافته ملڪ ۾ پڻ هئي. تعليمي شعبي سان گڏ سياست ۾ به حصو وٺندي رهي. انگلستان ۾ ورلڊ سنڌي ڪانگريس ۾ قومپرستي جي حوالي سان پنهنجو ڪردار ڀرپور نموني ادا ڪندي رهي. سنڌ اندر ٿيندڙ مسئلن کي دنيا جي سامهون پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪيائين. سندس موقف اهو هو ته قلم جي طاقت هٿيار کان وڌيڪ آهي، جيڪڏهن اوهان پنهنجي قوم جي لاءِ ڪجهه ڪرڻ چاهيو ٿا ته بجاءِ هٿيار جي اوهان قلم جي طاقت کي استعمال ڪريو، جنهن سان اوهان جو موقف پوري دنيا ۾ بهتر انداز ۾ ٻڌو ويندو ۽ جن قوتن جي خلاف اوهان وڙهي رهيا آهيو انهن کي اهڙو موقعو نه ملندو ته هو اوهان کي روڪي سگهن، پر جيڪڏهن اوهان هٿياربند ٿي پنهنجن مسئلن جو حل چاهيو ٿا ته پوءِ سامهون واري قوت کي آساني ٿيندي ته اها پڻ اوهان کي طاقت سان چيڀاٽي وقت کان اڳ ختم ڪري ڇڏيندي ۽ اوهان پنهنجي مقصد کي حاصل ڪري نه سگهندا. اها سندس واٽ جيڪڏهن سمجهه ۾ اچي ته انسان پنهنجا مسئلا بهتر انداز ۾ حل ڪرڻ جي پوزيشن ۾ اچي وڃي ٿو.
اسان سندس وڇوڙي کي تعليم جي لاءِ عورتن جي لاءِ ۽ سنڌ جي قومپرست سياست جي لاءِ هڪ وڏو نقصان سمجهون ٿا ۽ سندس خال شدت سان محسوس ڪيو ويندو.