ايڊيٽوريلنئون

معذور ڪوٽا تي عمل ڪرائڻ جو سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر بينچ جو فيصلو

            سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر بينچ ۾ معذورن طرفان پٽيشن داخل ڪئي وئي هئي، جنهن تي سکر هاءِ ڪورٽ بينچ فيصلو ڏئي چڪي هئي، پر سنڌ سرڪار جي افسر شاهي اهو فيصلو سرد خاني ۾ وجهي ڇڏيو هو. ان فيصلي مطابق معذور ڪوٽا تي عمل ڪندي درخواستگذارن کي نوڪريون ڏيڻ جو حڪم ڪيو ويو هو. ان کانپوءِ پٽيشنر توهين عدالت جي درخواست داخل ڪئي، جنهن جي ٻڌڻي دوران سکر، مٽياري ۽ سنڌ جي ٻين ضلعن جي ڊپٽي ڪمشنرن کي گهرائي واضح حڪم ڏنو ويو ته درخواست ۾ موجود سڀني پٽيشنرن کي جيڪي معذور آهن ۽ معذور ڪوٽا تي اپلائي ڪري چڪا آهن انهن کي آرڊر ڏيو ۽ جيڪي آرڊر توهان ڏئي چڪا آهيو انهن جي جوائننگ ڪرايو. سڀني ڊپٽي ڪمشنرن کي ٻن هفتن ۾ حڪم جي بجا آوري ڪري ٻن هفتن ۾ رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي، جيڪو انتهائي بهتر فيصلو آهي. هن وقت جڏهن روزگار جا ذريعا ڏينهون ڏينهن محدود ٿي رهيا آهن، پڙهيا لکيا، صحت مند ماڻهو پنهنجون ڊگريون کڻيو رستن تي رلندا رهن ٿا، پر انهن وٽ مزدوري ڪرڻ جو رستو موجود آهي، پر هڪ معذور ماڻهو وٽ زندگي گذارڻ جا ذريعا ته بنهه محدود هجن ٿا.

            ٿيڻ ته ائين گهرجي ته حڪومت جي هر شعبي ۾ معذور ماڻهن جي لاءِ خاص پاليسي هجڻ گهرجي، جيئن حڪومتِ سنڌ نوڪرين ۾ معذور ڪوٽا لاءِ 2 سيڪڙو مخصوص ڪيا آهن. جيڪڏهن سنڌ سرڪار ان ڪوٽا کي وڌائي نٿي سگهي ته پوءِ مقرر ڪيل ڪوٽا تي سختيءَ سان عمل ڇو نٿي ڪرائي؟ ۽ معذورن کي انصاف وٺڻ لاءِ ڪورٽ ۾ وڃڻو پوي ٿو. آفيسرن کي ڪهڙي خبر ته معذور ماڻهو ڪيتري جفاڪشي، تڪليف ۽ محنت سان تعليم پرائي ٿو، انهيءَ لاءِ هو سالن جا سال تڪليفون سهي ٿو. انهيءَ آسري ته ڪنهن سرڪاري نوڪري ۾ اچي مستقبل کي بهتر بڻائي سگهي. جڏهن تعليم حاصل ڪري هو چاهي ٿو ته کيس سرڪار سڳوري جي مقرر ڪوٽا مان فائدو ملي ان وقت اسان جا شاهي آفيسر مختلف حيلن بهانن سان کيس روڪڻ جي ڪوشش ڪن ٿا. اهڙو ئي ڪيس معذور پٽيشنر کڻي سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر بينچ جي اڳيان پيش ٿيا، جنهن پهرين به حڪم ڪڍيو ته معذورن کي سندن ڪوٽا مطابق نوڪرين ۾ حصو ڏيو ۽ کين آرڊر ڏيو. بجاءِ انهن کي آرڊر ڏيڻ جي جن کي آرڊر مليا هئا ڊپٽي ڪمشنر صاحبان انهن تي ايتري مهرباني ڪئي جو کين جوائننگ ڪرڻ به نه ڏني، مجبور ٿي هڪ دفعو ٻيهر هاءِ ڪورٽ جو در کڙڪايو ويو، جنهن اهڙو آرڊر پاس ڪيو آهي ته هڪدم معذورن کي سندن حق ڏيو، جيئن اسان مٿي به ذڪر ڪيو آهي ته معذور ماڻهن لاءِ هن معاشري ۾ بقا حاصل ڪرڻ تمام مشڪل هوندي آهي. جيڪڏهن هو ٻه اکر پڙهي چڪو آهي ۽ ڪنهن عزت واري روزگار سان لڳي وڃي ٿو ته سندس ڏينهن بهتر گذرندا، ڇو ته هو عام ماڻهو وانگر محنت مزدوري ڪرڻ کان لاچار هوندو آهي، بس پوءِ هن وٽ هڪ ئي ذريعو هوندو آهي هو رستي جي اڳيان ويهي رهي، مسجد جي اڳيان ويهي پنڻ شروع ڪري جيڪو انتهائي خراب عمل آهي.

            هن فيصلي جي آجيان ڪريون ٿا، ساراهه به ڪريون ٿا، اميد به ڪريون ٿا ته سنڌ جي ضلعن جا ڊپٽي ڪمشنر انهي فيصلي تي جيئن جو تئين عمل ڪندا، پر هڪ عرض سنڌ هاءِ ڪورٽ ۽ سنڌ جي ماتحت عدليه کان به آهي ته انصاف وٺڻ جي لاءِ معذور ٿيڻ جي ضرورت نه هجڻ گهرجي. هر انسان جنهن سان صوبي  اندر نا انصافي ٿئي ٿي ۽ هو ڪورٽ جو در کڙڪائي ٿو، پر سالن جا سال کيس انصاف حاصل ڪرڻ جي لاءِ خرچ ڪرڻا پون ٿا، وقت، پئسي جو ذيان ٿئي ٿو. انهيءَ ڪري ماڻهو تنگ ٿي بجاءِ ڪورٽن ۾ اچڻ جي ٻيا گس ڳولهيندا آهن ان طرف به سنڌ جي هاءِ ڪورٽ جو ڌيان وڃڻ گهرجي.